حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته جڏهن پاڻي جي کوٽ آهي ته پوءِ ڊيمن تي تيزيءَ سان ڪم ڇو هلي رهيو آهي، واپڊا طرفان هڪ رپورٽ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڄاڻائي وئي آهي ۽ پوءِ ارسا طرفان هٿرادو کوٽ جو بهانو بڻائي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪيو ويندو جڏهن ته قدرتي طور پاڻيءَ جي ڪا به کوٽ ناهي، جيڪڏهن سنڌ کي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت حصي جو پاڻي ملي ته سنڌ هڪ دفعو ٻيهر سر سبز ۽ خوشحال بڻجي ويندي، منڇر ڍنڍ، ساهاري ڍنڍ سميت سموريون تباهه ڪيل ڍنڍون، ڍورا ۽ واهه بحال ٿي ويندا پر سنڌ جو پاڻي پنجاب جا حڪمران چورائي ويا آهن جنهنڪري سنڌ بنجر بڻجي وئي آهي. واپڊا طرفان پاڻي کوٽ جي رپورٽ ڏيڻ باوجود ڀاشا ڊيم، داسو سميت ڪيترن ئي ڊيمن، هائيڊرو پاور پلانٽ ۽ هيڊورڪس جو ڪم جاري آهي، جيڪي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سنڌو درياهه جو مڪمل رخ موڙي سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.