ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي ثقافتي ريلي جي رستا روڪ بعد پوليس طرفان نوجوانن مٿان تشدد دوران سنڌي نوجوان کي گاريون ڏيندڙ شخص وڊيو بيان ۾ سنڌي قوم کان معافي وٺي ڇڏي، سينيئر صحافي ۽ سياسي سماجي ڪارڪن مشتاق سرڪي پاران جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ مقصود نالي شخص وڊيو بيان ۾ چيو ته مان سمورن سنڌين کان سنڌي نوجوان کي گاريون ڏيڻ تي معافي وٺان ٿو، هن ان ڏهاڙي ٿيل صورتحال بابت ٻڌايو ته مان ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندڙن سان گڏ هيس، رستي سان وڃي رهيو هيس اُتي بدنظي ٿي، ڇڪتاڻ ٿي، جهيڙو ٿيو، تمام گهڻن ماڻهن هڪٻئي مٿان پٿراءُ ڪيو، پوليس وارن جي طرفان شيلنگ ٿي، هن چيو ته مان پوليس اهلڪار نه آهيان، مون مٿان ريلي ۾ شريڪ ماڻهن تشدد ڪيو، ان تي مشتاق سرڪي ان شخص کي چيو ته اوهان مٿان ڪهڙو تشدد ٿيو هو، وڊيوز موجود آهن، ان تي هُن چيو ته مان اُن نوجوان کان به معافي وٺان ٿو ۽ سموري سنڌي قوم کان به معافي وٺان ٿو، دل سان معافي وٺان، مون وٽ واڪي ٽاڪي نه هئي پر ڪاٺي جو ٽڪرو هو، هن چيو ته مون مٿان اوهان به تشدد ڪيو آهي، منهنجو خاندان دربدر آهي، گهر وارا خوف ۾ آهن، ان ڪري الله جي واسطي مون کي معاف ڪيو وڃي، ثقافتي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن مون کي پوليس وارو سمجهي تشدد جو نشانو بڻايو، مون کان غلطي ٿي وئي مون گاريون ڪڍيون ان تي هٿ ٻڌي سنڌي قوم کان معافي گهران ٿو مون کي معاف ڪيو وڃي، هن چيو ته ڊي آءِ بي انچارج عمران اشر سان منهنجو واسطو ناهي، مان سنڌي نوجوان جي گهر ويندس، اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي نوجوان کان معافي وٺندس ۽ ان جي گهروارن کان به معافي وٺندس، مشتاق سرڪي چيو ته اسان جي روايت آهي معافي ڏيڻ، هن ٻي وڊيو ۾ نياڻيون وٺي قرآن پاڪ کڻي معافي وٺڻ لاءِ نوجوان وٽ سنڌي قومي وٽ وڃڻ جو چيو آهي.