لاهور ۾ ٻن ڀينرن سان اجتماعي زيادتي ڪيس سي سي ڊي حوالي

لاهور (م ڊ) لاهور جي سندر واري علائقي ۾ پنج جوابدارن ٻن سڳين ڀينرن سان اجتماعي جنسي زيادتي ڪئي هئي، واقعي بعد ڇوڪرين جي امڙ جي درخواست تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪيس جي جاچ سي سي پي او لاهور طرفان سي سي ڊي حوالي ڪئي وئي آهي، ايڊيشنل آءِ جي سي سي ڊي سهيل ظفر چٺا جي درخواست تي جاچ جو اختيار سي سي ڊي چوهَنگ کي ڏنو ويو، جيڪا هاڻي هن ڪيس جي مڪمل جاچ ڪنديم پوليس موجب، سندر ۾ ٻن سڳين ڀينرن سان اجتماعي زيادتي جو واقعو ٽي ڏينهن اڳ پيش آيو هو، ڇوڪرين جي والده جي درخواست تي جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي، پوليس ٻڌايو ته جوابدارن ۾ قاسم، عمير جٽ، علي اڪبر وٽو، ضياءُ الرحمان ۽ احمد رضا شامل آهن، جن مان چار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.