سڪيورٽي خدشا: جرمني افغان پناهگير پروگرام ختم ڪري ڇڏيو

برلن (م ڊ) جرمن حڪومت افغان پناهگيرن بابت اهم ۽ سخت فيصلو ڪندي افغان پناهگير پروگرام فوري طور ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو فيصلو سيڪيورٽي خدشن، ڏوهن ۾ ملوث افغان شهرين ۽ افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي سخت پاليسين جي پسمنظر ۾ ڪيو ويو آهي. جرمني افغانستان سان سفارتي لاڳاپا به محدود ڪري ڇڏيا آهن. جرمن حڪومت واضح ڪيو آهي ته افغان پناهگيرن لاءِ هاڻي ڪا به نئين داخلا ممڪن نه هوندي. 640 افغان پناهگيرن کي جرمني ۾ داخلا کان روڪيو ويو آهي، جن ۾ جرمن فوج جا اڳوڻا مقامي ملازم، صحافي ۽ انساني حقن جا ڪارڪن شامل آهن. چانسلر فريڊرڪ مرز موجب افغان پناهگيرن لاءِ خاص پروگرام ختم ڪيو پيو وڃي ۽ لڏپلاڻ پاليسي وڌيڪ سخت بڻائي ويندي. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته افغان شهرين جي داخلا بابت قانوني بنياد هاڻي موجود ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.