اسلام آباد (بيورو) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته دهشتگرد تنظيمون سوشل ميڊيا کيپنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن. نيوز ڪانفرنس دوران هن چيو ته ڪجهه عنصر ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان جي خودمختياري تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو. طلال چوڌري جو چوڻ هو ته حڪومت اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿي، پر سوشل ميڊيا تي ملڪي ادارن خلاف منظم ۽ ڪڌي مهم هلائي پئي وڃي. هن الزام هنيو ته پاڪستان تحريڪِ انصاف سوشل ميڊيا ذريعي ادارن خلاف منظم مهم هلائي رهي آهي. سندس چوڻ موجب دهشتگرد تنظيم بي ايل اي جا ٽرينڊز به ٺاهيا وڃن ٿا، جن لاءِ پيسا ورتا وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ٻاهرين ملڪن مان هلن ٿا ۽ ملڪ مخالف ٽرينڊز ۾ شامل ٿيڻ تي قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.