فيض حميد جي سزا مڪافات عمل آهي: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته فيض حميد جي سزا مڪافات عمل آهي ۽ خود احتسابي جو عمل جاري رهندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته فوج خود احتسابي جو هڪ بهترين مثال قائم ڪيو ۽ فيض حميد کي 15 مهينن جي قانوني عمل کان پوءِ سزا ڏني وئي. بلال اظهر ڪياني چيو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿي آهي ۽ مالي سال 2025 جا هدف مني بجيٽ کان سواءِ پورا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته بين الاقوامي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي ريٽنگ کي بهتر بڻايو آهي ۽ معاشي ترقي ۾ خانگي شعبي کي مڪمل ڪردار ڏيڻ جو عزم آهي. پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جو بيانيو ملڪي مفاد جي خلاف آهي ۽ پارٽي ملڪ جي معيشت ۽ ادارن کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. بلال اظهر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ڀارتي بيانيي کي مضبوط ڪيو ۽ ملڪ خلاف مسلسل زهر پکيڙيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.