اسٽيبلشمينٽ طارق جهانگيري کي عدليا مان فارغ ڏسڻ چاهي ٿي؟

لاهور (عمران شفقت) جسٽس طارق محمود جهانگيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي پنهنجي ڊگري بابت الزامن تي موقف اختيار ڪيو آهي. عدالت ۾ پيش ٿيندي هن چيو ته هو قرآن تي هٿ رکي قسم کڻڻ لاءِ تيار آهي ته سندن ڊگري جعلي نه پر اصلي آهي، ۽ هن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. جسٽس طارق جهانگيري بابت سينئر صحافي توصيـف احمد خان هڪ تفصيلي اسٽوري ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هن معاملي جي پويان پاور پوليٽڪس ۽ ادارن وچ ۾ ڇڪتاڻ شامل آهي. جسٽس جهانگيري ماضي ۾ مختلف سياسي دورن دوران اهم سرڪاري عهدن تي رهيو آهي، جن ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل، نيب ۾ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جا عهدا شامل آهن. جسٽس جهانگيري هڪ طرف پاڻ کي عوامي سطح تي متاثر طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ سان به معاملا طئي ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم سان به سندس ملاقاتن جو ذڪر ڪيو پيو وڃي، پر اهي ڪوششون ڪارگر ثابت نه ٿيون هيون. جسٽس طارق جهانگيري هيرو به بڻجڻ چاهي ٿو ۽ اسٽيبلشمينٽ سان معاملا به طئي ڪرڻ چاهي ٿو، جسٽس جهانگيري نديم انجم سان ملاقات کانپوءِ هيروازم جو شڪار ٿيو، پوءِ خط لکيو ويو، جسٽس جهانگيري اعظم نذير تارڙ ۽ احسن ڀون ذريعي اسٽيبلشمينٽ کي آڇ ڪرائي وئي پر قبول نه ٿي. ڊي جي آءِ ايس آءِ ساڻس ملي صفائي پيش ڪئي، معاملن کي طئي ڪيو ۽ هو هيرو ازم جو شڪار ٿي ويو، پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ وڃي خط لکيو ۽ ان تي بيٺل رهيو. موجوده صورتحال خالص قانوني تڪرار کان وڌيڪ پاور پوليٽڪس جي عڪاسي ڪري ٿي. اها ڳالهه آرمي چيف جنرل عاصم  منير تائين پهتي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جسٽس طارق جهانگيري بابت نرم رويو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ قانوني ڪارروائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ هي ڪيس عدليا، سياست ۽ ادارن وچ ۾ لاڳاپن بابت اهم اثر ڇڏي سگهي ٿو، جڏهن ته جسٽس طارق جهانگيري جو مستقبل هاڻي هلندڙ قانوني ڪارروائي سان جڙيل نظر اچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.