لاهور (بيورو) پي ٽي آءِ پنجاب جي قيادت ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي اڄ اڊيالا جيل ٻاهران پهچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پنجاب سرڪار پرتشدد مظاهرين کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته عمران خان سان ملاقات جي معاملي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب سڀني ميمبرن، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اڊيالا جيل جي ٻاهران پهچڻ جي اپيل ڪئي آهي، پي ٽي آءِ پنجاب جا سڀ قومي اسيمبلي جا ميمبر، صوبائي اسيمبلي جا ميمبر، ٽڪيٽ هولڊرز ۽ تنظيمي عهديدار اڄ اڊيالا جيل جي ٻاهران موجود رهڻ لاءِ پيغام جاري ڪيو ويو، پي ٽي آءِ پنجاب جي چيف آرگنائيزر ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان سان ملاقات ٿيڻ تائين جيل جي ٻاهران موجود رهڻو پوندو، جڏهن ته حڪومت احتجاج دوران پرتشدد رويي اختيار ڪندڙن سان سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، رپورٽن موجب ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ پرتشدد مظاهرن ۾ ملوث ماڻهن خلاف هاڻي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، پنجاب حڪومت پرتشدد احتجاج ڪندڙن سان نمٽڻ لاءِ قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، پوليس آرڊر (ٻي ترميم) ايڪٽ 2025 پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تحت پرتشدد احتجاج ڪندڙن کي سزا ڏني ويندي ۽ انهن کي نقصان جو ازالو پڻ ڪرڻو پوندو، اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل موجب پرتشدد احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ رائٽ مينيجمينٽ يونٽ قائم ڪيو ويندو، جنهن جي انتظاميا ايڊيشنل آءِ جي رينڪ جي آفيسر ڏسي سگهندو ۽ يونٽ جديد اوزارن سان ليس هوندو، يونٽ جا آفيسر غير قانوني احتجاج کي منهن ڏيڻ جي باقاعده تربيت حاصل ڪندا، بل موجب غير قانوني رائٽ زون جو تعين ضلعي ڊي سي ڪندو ۽ تعين کانپوءِ ضلعي پوليس جي سربراهه کي اطلاع ڏيندو، غير قانوني رائٽ زون کي ڪارڊن آف ڪري سگهجي ٿو ۽ رائٽ مينيجمينٽ يونٽ جا انسيڊنٽ ڪمانڊرز احتجاج ڪندڙن کي منهن ڏيندا، اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل موجب انسيڊنٽ ڪمانڊر انچارج پوليس اسٽيش جي رينڪ جو آفيسر هوندو، رائٽ مينيجمينٽ يونٽ جا آفيسر قانوني ڪارروائي کان محفوظ هوندا. پرتشدد احتجاج جو جوابدار قرار ڏنل شخص نقصان جو ازالو به ڪندو، ٻئي پاسي خبرن موجب اڊيالا جيل ۾ باني پي ٽي آءِ سان وڪيلن جي ملاقات جو ڏينهن، فهرست موڪلي وئي، چوڌري اويس ايڊووڪيٽ تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ سلمان اڪرم راجا جي طرفان جاري ڪيل فهرست جيل عملدارن وٽ جمع ڪرائي ڇڏي، فهرست ۾ بئرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا ۽ فت الله برڪي جا نالا شامل آهن، نادي خٽڪ، شمسه ڪنول ايڊووڪيٽ به ملاقات ڪندڙن ۾ شامل آهي.