راولپنڊي (م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان سوشل ميڊيا تي وائرل عمران خان جي ورزش واري تصوير کي اصلي قرار ڏئي ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت راولپنڊي ۾ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته جيڪو به جج انصاف، آئين ۽ قانون جي مطابق ڪم نه ڪري سگهي، اهو پنهنجو عهدو خالي ڪري، عليمه خان ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ کي اڪيلائپ ۾ رکيو ويو آهي، باني جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جيڪا پراڻي آهي پر لڳي ٿو اصل تصوير آهي، ميڊيا پڻ ان جي تصديق ڪري، صحافي جي سوال تي، جنهن ۾ عليمه خان تي ايجنسي سان رابطن جا الزام لڳايا ويا، هن چيو ته ڪهڙي ايجنسي؟ ايم آءِ يا آءِ ايس آءِ؟ اهي سڀ اسان جون پنهنجون ايجنسيون آهن، هن چيو ته هو سڀني جو بار برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪو به منهنجو نالو وٺي، اسان کي ملاقات نه ڪرائيندا، پاڻي وجهي ڏيندا، پر اسان پنهنجي مقصد کان پٺتي نه هٽنداسين. عليمه خان چيو ته جيڪي ماڻهو سندس خلاف گواهي ڏئي رهيا آهن اهي ڪوڙي شاهدي ڏئي رهيا آهن، عليمه خان چيو ته عمران خان ڪڏهن به ٻه شيون نه ڇڏيندو، هڪ الله ۽ ٻيو ورزش، جيل ۾ به هو ورزش ڪندو، اڊياله جيل ۾ ڀاءُ سان ملاقات اسان جو آئيني، قانوني ۽ اخلاقي حق آهي، عليمه خان وڌيڪ چيو ته عمران خان ٽن ڳالهين تي سمجھوتو نه ڪندو، آئين جي بالادستي، 26هين ۽ 27هين ترميم ۽ شفاف چونڊن تي سمجهوتو نه ڪندو.