اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي توانائي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 14 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي،14 رپيا گهٽتائي کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت في ليٽر 265 رپيا 65 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي ۽ اها في ليٽر 263 رپيا 45 پيسا تي برقرار رکي وئي آهي.