مريد شاخ ڀرسان ڪوچ تي ڌاڙيلن جو حملو، ڊرائيور سوڌو 19 ڄڻا اغوا

ڏهرڪي (رپورٽ: اسد لغاري ) مريد شاخ ڀرسان صادق آباد کان ڪوئٽا ويندڙ مسافر ڪوچ مٿان ڌاڙيلن جو حملو، ڪوچ ڊرائيور ۽ مسافرن سوڌو تقريبن 19 ڄڻا اغوا ٿي ويا، ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي واري هنڌ پهتو، علاقعي ۾ خوف واري  ورتحال پيدا ٿي وئي،  مريدشاخ ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ مريدشاخ شھر کان هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي صادق آباد کان ڪوئٽا ۽ چمن ويندڙ مسافر ڪوچ کي هٿياربندن رڪاوٽون وجهي ڪوچ مان 18 مسافرن ۽ ھڪ ٽريڪٽر ڊرائيو کي اغوا ڪري ويا، ڌاڙيلن جي جديد هٿيارن سان فائرنگ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، کنڀڙا پوليس فائرنگ جي آوازن تي پڻ پهتي، ايس ايڇ او کنڀڙا ، ڊي ايس اوٻاوڙو پوليس نفري سان گڏ هٿياربندن پويان لڳي ويو،وقفي وقفي سان فائرنگ هلندڙ آھي ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران به واقعي واري هنڌپهتو هن موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي چيو ته اسان پنهنجي جان جي پرواھ نه ڪندي مغوين کي بازياب ڪرائينداسين ، مسافرن جو چوڻ هو ته عورتن کي ڇڏي باقي ٻين سمورن مسافرن کي اغوا ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.