اسلام آباد (عبدالرزاق کٽي) پاڪستاني سياست هڪ نازڪ موڙ تي آهي جتي جنرل فيض حميد جي قيد جو مسئلو رڳو هڪ فرد جو احتساب نه آهي پر طاقت جي سڄي نظام ۽ سياسي حڪمت عملي جو هڪ پيچيده عڪس آهي. جنرل فيض حميد، جيڪو ڪڏهن غير معمولي طاقت رکندو هو، هاڻي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آهي. سندس خلاف ڪارروائي جو مقصد عمران خان کي سياسي منظر تان هٽائڻ لڳي ٿو، خاص طور تي اهو ڏٺو ويندو ته ته کيس 9 مئي جي واقعن ۾ شاهد طور استعمال ڪيو وڃي. عمران خان اڊيالا جيل مان هڪ بيان ڏنو ته فيض حميد جي گرفتاري اصل ۾ کيس فوجي عدالت ۾ آڻڻ جو هڪ بهانو آهي. ان کان پوءِ فيصل واوڊا اهو به چيو ته فيض حميد عمران خان خلاف شاهدي ڏيندو ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملن ۾ ملوث هوندو. ان سان گڏ، فوجي قيادت جو لهجو به جارحاڻو ٿي ويو آهي ۽ عمران خان کي غدار ۽ ذهني طور تي بيمار قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو واضح طور تي ظاهر ڪري ٿو ته اصل مقصد عمران خان کي سياسي منظر تان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ آهي. هي سڄو سياسي تڪرار اسٽيبلشمينٽ جي سياسي حڪمت عملي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪا هميشه اسٽيبلشمينٽ جي مفادن سان مطابقت رکي ٿي. عمران خان جي سياست جذبات تي ٻڌلآهي ۽ سندس حامي اڄ به ان سان گڏ آهن. بهرحال، تاريخ ٻڌائي ٿي ته پاڪستان ۾ جڏهن ڪو وزيراعظم رڳو سر چوندو رهي ته قابلِ قبول رهندو آهي پر جيئن ئي هو خودمختيار فيصلا ڪرڻ لڳي ٿو ته ان کي ذهني مريض، غدار ۽ سڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي غير مقبول ڪيو وڃي ٿو، اها ئي راند ماضي ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف سان کيڏي وئي ۽ هاڻي عمران خان ان دائري ۾ اچي ويو آهي.