زراعت، ريزڪي واپار ۽ ريئل اسٽيٽ کي ٽيڪس دائري ۾آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو هدف 11 سيڪڙو مقرر ڪندي ريئل اسٽيٽ، زرعي شعبي ۽ ريزڪي سيڪٽر کي ٽيڪس جي دائري  ۾ آڻڻ جو فيصلو  ڪيو آهي. حڪومت ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب 8.8 سيڪڙو هو، جيڪو گذريل مالي سال ۾ وڌي 10.3 سيڪڙو ٿي چڪو آهي، ناڻي واري وفاقي وزيرِ سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو 11 سيڪڙو هدف رکيو ويو آهي ۽ ريئل اسٽيٽ، زرعي ۽ ريزڪي سيڪٽرن کي ٽيڪس دائري ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت موجب ناڻي واري وفاقي وزيرِ سينيٽر محمد اورنگزيب سي اين اين بزنس عربيا سان هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته گذريل 18 مهينن دوران پاڪستان هڪ جامع معاشي استحڪام واري پروگرام تي عمل ڪيو آهي، جنهن جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن.هن چيو ته مهانگائي جيڪا ڪنهن وقت 38 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي هئي، هاڻي گهٽ ٿي ڪري سنگل ڊيجيٽ ۾ اچي چڪو آهي. مالياتي محاذ تي پاڪستان پرائمري سرپلس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مقرر ڪيل حدن ۾ رهڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شرحِ مبادله ۾ استحڪام آيو آهي ۽ مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ بهتري آئي آهي، جيڪي تقريباً 2.5 مهينن جي درآمد جي برابر ٿي چڪا آهن، جيڪي ٻاهرين معاشي استحڪام جو نشان آهي.سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال جي ٻن اهم عالمي اعترافن جو حوالو ڏيندي چيو ته هن سال عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيون پاڪستان جي ريٽنگ ۽ آؤٽ لوڪ ۾ اپ گريڊ ڪيا آهن، ان کان علاوه آءِ ايم ايف جي توسيعي فنڊ سهولت (E.F.F) جي تحت ٻئي جائزي جي ڪامياب مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ پڻ ان کي منظور ڪيو آهي. هن چيو ته اهي سڀ اڳڀرايون پاڪستان جي معاشي پاليسين ۽ سڌارن جي عمل تي عالمي اعتماد جو عڪس آهن. ناڻي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته معاشي استحڪام، مالي ۽ زري پاليسين ۽ جامع ساختي سڌارن جي ذريعي حاصل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٽيڪس سڌارا، توانائي، سرڪاري ادارا، عوامي مالي نظم و نسق ۽ نجڪاري جا اهم شعبا جتي سڌارا جاري آهن، انهن جو مقصد استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي جي بنياد رکڻ آهي. ٽيڪس نظام بابت ڳالهائيندي، سينيٽر اورنگزيب چيو ته اصلاحاتي پروگرام جي شروعات ۾ پاڪستان جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب 8.8 سيڪڙو هو، جيڪو گذريل مالي سال ۾ وڌي 10.3 سيڪڙو ٿي چڪو آهي ۽ ان کي 11 سيڪڙو تائين پهچائڻ لاءِ واضح حڪمت عملي موجود آهي.هن چيو ته حڪومت جو مقصد هڪ اهڙو ٽيڪس نظام ٺاهڻ آهي جيڪو وچولي ۽ ڊگهي مدت ۾ مالي خودمختياري کي يقيني بڻائي. ان مقصد لاءِ رئيل اسٽيٽ، زراعت، هول سيل ۽ رٽيل جهڙن اهم شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته پيداوار جي نگراني ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجي ذريعي ٽيڪس چوري ۽ ليڪيجز کي گهٽائڻ جا قدم کنيا پيا وڃن. ساڳئي وقت، ٽيڪس انتظاميه ۾ فرد، طريقه ڪار ۽ ٽيڪنالاجي سطح تي سڌارا  ٿي رهيا آهن. گردشي قرضن ۾ گهٽتائي لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن، جيڪي توانائي جي شعبي لاءِ هڪ وڏي چيلنج رهي چڪا آهن.هوڏانهن پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزيرِ محمد اورنگزيب سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اعليٰ سطح جي وفد ملاقات ڪئي.اسلام آباد مان ناڻي واري وزارت موجب سڌارن ۽ خانگي شعبي کي هٿي ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ايشيائي بئنڪ تعاون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.سينيٽر محمد اورنگزيب عزم ڏيکاريو ته پاڪستان جو مستقبل امداد تي نه پر واپار ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل شراڪتداري تي رکيل آهي.

  1. ست مهينن کان پوءِ وياج شرح ۾ صرف اڌ سيڪڙو گهٽتائي

ڪراچي( رپورٽر)  اسٽيٽ بينڪ طرفان مانيٽري پاليسي ۾ 50 بيسس پوائنٽون گهٽائيندي نئين شرح 10 ڏهائي 50 سيڪڙو مقرر ڪئي آهي.  اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پنهنجي مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ شرح سود ۾ 50 بيسس پوائنٽس جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايندڙ ڊگهي مدي لاءِ پاليڪي ريٽ جو تعين ڪيو ويو. ان فيصلي کان پوءِ وياج شرح سود 11 سيڪڙو جي سطح کان گهٽ ٿي ڪري 10.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. واضح رهي ته اسٽيٽ بينڪ گذريل چار جائزن ۾ وياج شرح کي 11 سيڪڙو تي برقرار رکيو هو. مئي 2025 ۾ اسٽيٽ بينڪ 100 بيسس پوائنٽس جي گهٽتائي ڪندي وياج شرح کي 11 سيڪڙو تي رکيو هو، ۽ ان کانپوءِ شرح سود ۾ ڪا تبديلي نه آئي. لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) جي صدر فهيم الرحمٰن سهگل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاليسي ريٽ کي سنگل ڊيجيٽ ۾ آڻڻ گهرجي ته جيئن ڪاروبار کي ريليف ملي. وڌيڪ وياج شرحِ صنعت ۽ سيڙپڪاري تي سنگين اثر ڇڏيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته مهانگي فائنانسنگ سبب ڪاروباري لاڳت ناقابلِ برداشت ٿي چڪي آهي. وياج شرحِ ۾ گهٽتائي ڪرڻ سان روزگار جا موقعا وڌايا سگهن ٿا. مانيٽري پاليسي ۾ نرمي کانسواءِ معاشي بحالي ممڪن ناهي. صنعت، واپار ۽ ايس ايم ايز (سماجي ۽ وچولي ادارا) فوراً ريليف جا منتظر آهن.

  1. عوام تي وڌيڪ ٽيڪسن جو بار، غربت ۽ مهانگائي، 2026 سخت رهندو

اسلام آباد (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته پاڪستان جو معاشي ماڊل 25 ڪروڙ عوام کي هلائڻ جي قابل ناهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران مزمل اسلم چيو ته قومي مالياتي ڪميشن (اين ايم سي) جي حوالي سان 8 ڪميٽيون ٺاهيون ويون، ناڻي وارو وزير ڊيوريبل پول جي صدارت ڪندو. هن چيو ته ورٽيڪل ۽ هاريزينٽل ڊسٽري بيوشن ڪميٽي جي بلوچستان وارا سربراهي ڪندا، فاٽا انضمام ۽ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ڪميٽين جي سربراهي خيبرپختونخوا ڪندو. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته پاڪستان جي ناڻي واڌ گذريل سال تاريخ جي گهٽ ترين هئي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري 7 سيڪڙو آهي. سندس چوڻ هو ته 45 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، ناڻي واڌ ۾ هن ڀيري به گهٽتائي ايندي. هن چيو ته 2026 ۾ غربت جي شرح، مهانگائي، ٽيڪسن ۾ واڌ ٿيندي، ايندڙ ڏينهن ۾ عام ماڻهن لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيندي، معاشي بدحالي پٺيان هاءِ ٽيڪس ريٽ آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي ٻي جائزو رپورٽ آئي، 54 شرطن تي قرض ڏنو ويو هو، هاڻي 11 وڌيڪ شرط لڳايا ويا آهن، کنڊ استعمال ڪندڙ شين تي ايف اي ڊي لڳايو ويندو. عوام پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي 80 سيڪڙو ڏئي رهيو آهي، ان ۾ به 5 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي، حڪومت کي ٽيڪس پاليسي ۽ گورننس تي ڳالهائڻ گرجي. سندس چوڻ هو ته اينٽي ڪرپشن جي ملازمن کي پنهنجا اثاثا ظاهر ڪرڻا پوندا، پنجاب ۾ 34 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخوا ۾ 22 سيڪڙو ماڻهن چيو ته پوليس رشوت وٺي ٿي. سنڌ ۾ 46 سيڪڙو، پنجاب ۾ 39 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 31 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخوا ۾ 20 سيڪڙو سرڪاري آفيسر رشوت وٺن ٿا، 2026 سخت گذرندو، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مهانگائي وڌندي.

  1. ڳٺ جوڙ ڪري اگهه وڌائڻ تي پولٽري ايسوسئيشن تي اڍائي ڪروڙ رپيا ڏنڊ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسابقتي ڪميشن آف پاڪستان (سي سي پي) پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن تي ڳٺ جوڙ ڪري قيمتون وڌائڻ تي ڪروڙين رپين جو ڏنڊ لڳايو آهي. سي سي پي موجب پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن تي قيمتون وڌائڻ لاءِ ڪارٽل ٺاهڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي مقابلي جي ٽربيونل سي سي پي جو فيصلو برقرار رکيو آهي.سي سي پي جي اعلامي ۾ چيو ويو آهي ته پولٽري ايسوسيئيشن کي اڍائي ڪروڙ رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اعلامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پولٽري ايسوسيئيشن جي درخواست تي ڏنڊ 5 ڪروڙ رپين کان گهٽ ڪري ٻه ڪروڙ رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. پولٽري ايسوسيئيشن کي 15 ڏينهن اندر ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته مقابلي جي ڪميشن پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن تي قيمتن ۾ گٿ جوڙ ڪرڻ جي الزام ۾ ڏنڊ لڳايو هو.

  1. 20  مهينن دوران سرڪاري قرضن ۾ 12 هزار  ارب رپين جي واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت طرفان شروعاتي 20 مهينن دوران ورتل قرض جا تفصيل سامهون اچي ويا. موجوده حڪومت جي شروعاتي 20 مهينن دوران قرضن ۾ 12 هزار 169 ارب رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ اها واڌ مارچ 2024 کان آڪٽوبر 2025 تائين جي عرصي دوران ٿي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب مارچ 2024 کان آڪٽوبر 2025 تائين 20 مهينن دوران وفاقي حڪومت جي مقامي قرضن ۾ 11 هزار 300 ارب رپين ۽ وفاقي حڪومت جي پرڏيهي قرضن ۾ 869 ارب رپين جي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ آڪٽوبر 2025 تائين وفاقي حڪومت جو قرض وڌي 76 هزار 979 ارب رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته فيبروري 2024 تائين وفاقي حڪومت جو قرض 64 هزار 810 ارب رپيا هو. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب فيبروري 2024 تائين مرڪزي حڪومت جو مقامي قرض 42 هزار 675 ارب رپيا هو، جيڪو آڪٽوبر 2025 تائين وڌي 53 هزار 975 ارب رپيا ٿي ويو. اهڙي ريت فيبروري 2024 تائين وفاقي حڪومت جو پرڏيهي قرض 22 هزار 134 ارب رپيا هو، جڏهن ته آڪٽوبر 2025 تائين مرڪزي حڪومت جو پرڏيهي قرض 23 هزار ارب رپين کان وڌي چڪو آهي.

  1. سمارٽ ميٽر جي اگهن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي: اويس لغاري

اسلام آباد (بيورو) پاور ڊويزن جي وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين لاءِ اسمارٽ ميٽرن جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سان ساليانو 150 ارب رپيا بچت ٿيندي. هن چيو ته 3 فيز ميٽر جي قيمت 45 هزار رپين کان گهٽائي 25 هزار رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنگل فيز ميٽر جي قيمت 7 هزار رپين تائين گهٽائي وئي آهي. اويس لغاري چيو ته قيمتون بهتر حڪمت عملي ۽ مقابلي واري عمل جي ڪري گهٽائي ويون آهن، جنهن سان صارفين کي نوان ڪنيڪشن ۽ بجلي چوري جي روڪٿام ۾ به فائدو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.