بنگلاديش ۾ رياست مخالف سرگرمين تي صحافي گرفتار

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ سينيئر صحافي انيس عالمگير کي رياست مخالف سرگرمين جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو، خابرو ايجنسي موجب بنگلاديش پوليس ٻڌايو آهي ته انهن انيس عالمگير کي مبينا طور تي رياست مخالف سرگرمين جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي، صحافي تي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه جي پابندي پيل جماعت جي مشهوري مهم جو پڻ الزام آهي، انيس عالمگير کي دهشتگردي ايڪٽ تحت ٽن ٻين ماڻهن سان گڏ گرفتار ڪيو ويو، جن تي الزام آهي ته انهن ٽاڪ شوز ۽ سوشل ميڊيا پوسٽن ذريعي پروپئگنڊا ڪئي ۽ عوامي ليگ جي بحالي جي سازش ڪئي، واضح رهي ته بنگلاديش جي عبوري حڪومت مئي ۾ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ ترميمون ڪندي شيخ حسينه جي عوامي ليگ تي پابندي لڳائي هئي، بنگلاديش ۾ ميڊيا جي آزادي گهڻي عرصي کان خطري ۾ رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.