ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو آهي، بس چونڊن جو انتظار آهي:گورنر پنجاب

لاهور (بيورو) گورنر پنجاب سردار سليم حيدر چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ چونڊن تائين وزيراعظم نه ٿيندو، پر ايندڙ چونڊن کان پوءِ ئي ملڪ جو وزيراعظم هوندو، لاهور ۾ ٻوڏ متاثرن  ۾ گهرن جو فرنيچر ورهائڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر پنجاب چيو ته پنجاب جي سڀني ٽڪيٽ هولڊرن سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ مختلف ضلعي جا ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيا آهن، سردار سليم حيدر وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو جلد فيصل آباد ۽ سِيالڪوٽ ۾ جلسا ڪندو جتي فيصل آباد مان وڏي شموليت ٿيندي ۽ ٻين ضلعن مان به ماڻهو شامل ٿيندا، پيپلزپارٽي ڪڏهن به ملڪ ۾ افراتفري پيدا نه ڪئي آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم بڻجڻ لاءِ ايندڙ چونڊن جو انتظار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.