جنرل فيض تي ته هر ڪو پيو ڳالهائي،جنرل(ر)باجوا جي ڪرتوتن تي خاموشي ڇو؟

اسلام آباد(طلعت حسين) خواجا آصف وڏي جذبي سان ٻڌائي ٿو ته جنرل فيض جا “ڪرتوت” سڀني جي سامهون آهن، سزا به ٿي وئي آهي ۽ اها “ويل ڊزرو” هئي۔پر ان سڄي بحث ۾ ڪنهن هڪ شخص کي تصوير مان غائب ڪيو ويو آهي، ۽ اهو نالو آهي جنرل(ر) قمر جاويد باجوا اهو پهريون ڀيرو ناهي۔ اڳ ۾ به تاريخ مان جنرل راحيل شريف کي اهڙي نموني سان آهستي آهستي غائب ڪيو ويو۔جنرل فيض پنهنجي هڪ متوازي طاقت جو ڍانچو ٺاهيو، چونڊن ۾ مداخلت ڪئي، گهڻيون شيون ڪيون، پر هو اڪيلو نه هو۔سندس ڀرسان جيڪو شخص ويٺل هو، ان جي مٿان “چُپ  جي پٽي” لڳائي وئي  ۽ اهو شخص جنرل باجوا هو۔تاريخ کي مٽائڻ ممڪن ناهي،اڄ جي دور ۾ مسئلو اهو آهي ته حوالا، وڊيوز، تقريرون، رڪارڊ سڀ موجود آهن۔پراڻن زمانن ۾ تصوير مٽائي سگهبي هئي، پر اڄ تاريخ کي ائين مٽائڻ ممڪن ناهي۔ اوهان کي ياد ڏياريون ٿا ته هڪ تاريخي جلسي ۾ ميان محمد نواز شريف ڇا چيو هو جنرل قمر جاويد باجوا!توهان اسان جي هلندڙ حڪومت کي ختم ڪيو، پنهنجي پسند جا نااهل ماڻهو مسلط ڪيا،۽ ان بربادي جا ذميوار به توهان ئي آهيو۔جواب توهان کي ۽ جنرل فيض کي ڏيڻو پوندو۔”ان ڏينهن اسٽيج تي ويٺل ڪيترائي ماڻهو حيران ٿي ويا هئا۔ان کان پوءِ نواز شريف پاڻ جنرل فيض جو نالو گهٽ ورتو، پر جنرل باجوا بابت بحث آهستي آهستي فيڊ آئوٽ ٿيندو ويو۔جنرل باجوا کي هن معاملي ۾  غائب ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته هو آرمي چيف رهيو آهي،ادارو پنهنجي اڳوڻي سربراهه کي هڪ قسم جو خاموش تحفظ ڏئي ٿو پر سوال اهو آهي ته جيڪي سياسي ڌريون ۽ ماڻهو انهن فيصلن جا سڌا متاثر هئا،اهي پاڻ تاريخ مان جنرل باجوا کي ڇو غائب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؟جنرل قمر جاويد باجوه، نواز شريف ۽ مريم نواز کي سياست مان مائنس ڪرڻ واري منصوبه بندي جو مرڪزي ڪردار هو۔سڀني کي ٻڌايو ويو هو ته:ايندڙ ڏهه سال نواز شريف ۽ سندس خاندان سياست ۾ نظر نه ايندو۔”ان وقت ڊي جي آءِ ايس پي آر جنرل آصف غفور ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو ميڊيا تي بيانيو ٺاهيندا هئاپيپلز پارٽي ۽ ن ليگ کي ڪرپٽ، چور، نااهل ڏيکاريندا هئااهي سڀ بيانيا مڪمل طور جنرل باجوا جي منظوري سان ٺاهيا ويا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.