نوڪريون ڏيڻ حڪومت جو ڪم ناهي: محمد اورنگ زيب

لاهور(م ڊ) ناڻي واري وزیر سينيٽر محمد اورنگزیب   چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي اثاثن کي عوامي ڪرڻ بابت قانون سازي ڪئي وئي آهي، آءِ ايم ايف سرڪاري ملازمن جي اثاثن کي منظر عام تي آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اهو اضافي شرط ناهي، هڪ عملي قدم آهي۔ لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته سول سروسز ۽ سڀني پارليمنٽرينز جا اثاثا 31 ڊسمبر تائين ويب سائيٽ تي دستياب ٿي ويندا۔ هن چيو ته آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته سرڪاري ملازمن جي اثاثن کي منظر عام  تي آڻڻ، ۽ ان بابت قانون سازي پڻ ڪئي وئي آهي، هي ڪو اضافي شرط ناهي، بلڪه هڪ عملي قدم آهي۔هن اهو پڻ چيو ته روزگار پيدا ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي، اهو ڪم پرائيويٽ سيڪٽر جو آهي، شروع ٿيندڙ ڪاروبار ۽ نوجوان ڪاروباري ماڻهن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، پرائيويٽ سيڪٽر کي ملڪ کي اڳتي وڌائڻو پوندو۔ سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته اسان کي ڊجيٽل اکانومي ڏانهن وڃڻ جي ضرورت آهي، اسان جيڪو ڪرپٽو ايڪسچينجز کي لائسنس ڏيڻ جو معاهدو ڪيو آهي، ان سان صورتحال ۾ وڌيڪ بهتر آڻڻ ۾ مدد ملندي، ٻه پنجاهه مليون کان وڌيڪ پاڪستاني ڪرپٽو ڪاروبار ۾ شامل آهن، جن ۾ گهڻا نوجوان آهن، ملڪ چلي ٿو، معيشت چلي ٿي ۽ ملڪ کي اڳتي وڌايو ويندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.