لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف نيشنل ريگوليٽري ريفارمز کي تيزي سان عملي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. لاهور ۾ نيشنل ريگوليٽري ريفارمز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ان پروگرام کي تيزي سان عملي شڪل ڏني وڃي ته جيئن عوام حقيقي تبديلي محسوس ڪري سگهي. هن چيو ته پشاور کان ڪراچي تائين اهڙي تبديلي رڳو ڳالهين تائين محدود نه هجي پر عملي قدمن جي صورت ۾ سامهون اچي، ريگوليٽري ريفارمز هڪ انقلابي قدم آهي، جيڪو ڪاروباري برادري ۽ زرعي صعنت کي سهولت فراهم ڪندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان معاشي بحران مان نڪري ويو، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا آهن، هاڻ معيشت جي پائيدار ترقي لاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪائڻو آهي.