نادرا پاران لساني بنيادن تي جعلي نوٽيس جي ترديد

اسلام آباد(بيورو)نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) مخصوص سياسي عنصرن پاران لساني بنيادن تي امتيازي سلوڪ بابت ڦهلايل نوٽيس جي دعويٰ کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي۔نادرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته  ملڪ دشمن عنصرن نادرا جي حوالي سان جيڪا پروپيگنڊا ڦهلائي آهي، اها سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهي، ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ ان ٽوئيٽ کي جعلي خبر قرار ڏئي مڪمل طور تي رد ڪيو وڃي ٿو۔بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڪنهن به نادرا آفيس ۾ اهڙي نوعيت جو ڪو به نوٽيس لڳايل ناهي، ۽ ادارو پنهنجي قومي ذميواري (مينڊيٽ) تحت سڀني شهرين کي بغير ڪنهن فرق يا امتياز جي خدمتون فراهم ڪري ٿو۔ نادرا واضح ڪيو آهي ته مذڪوره ٽوئيٽ ذريعي ڄاڻي واڻي حقيقتن کي مسخ ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مخصوص سياسي عنصر ملڪ ۾ بدامني ۽ انتشار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون خبرون عام ڪري رهيا آهن۔بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڦهلايل اهي من گهڙت ۽ بي بنياد خبرون عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ارادي سان ڦهلايون ويون آهن، واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ مبينا نوٽيس گردش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اهو دعويٰ ڪيو ويو آهي ته نادرا جي آفيسن ۾ پختون قوميت رکندڙ ماڻهن لاءِ نيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن کي نادرا مڪمل طور تي بي بنياد ۽ جعلي قرار ڏنو آهي۔

بلوچستان جي ضلعي بارڪهان ۾ زلزلي جا جهٽڪا

ڪوئيٽه (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي بارڪهان ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي پيما مرڪز موجب زلزلي جي شدت 4. 2 ريڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 25 ڪلوميٽر هئي، زلزلي پيما مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز بارڪهان کان 27 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف  واقع هو، زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهو خوف ۾ وٺجي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.