اسلام آباد (بيورو) نواز ليگ جي سينيئر اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته رڳو فيض حميد کي گرفتار ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ سان انصاف نٿو ٿي سگهي، ڇو ته پاڪستان کي برباد ڪرڻ وارو هڪ وڏو گروپ هو، جڏهن گجرانوالا ۾ نواز شريف انهن ماڻهن جا نالا ورتا ته اسان جي ئي ڪمزور دل ماڻهن اسٽيج تان ٽپا ڏنا ۽ ڀڄي ويا، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو ڪلپ ۾ جاويد لطيف چيو ته هو ڪافي عرصي کان چوندو پيو اچي ته صرف فيض حميد کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ سان انصاف نٿو ملي سگهي. پاڪستان جي بربادي ۾ هڪ مڪمل گروپ شامل هو، جن جا نالا هو گهڻي وقت کان وٺندو پيو اچي، گجرانوالا ۾ جڏهن نواز شريف نالا کنيا ته اسان جا ئي ماڻهو اسٽيج تان ٽپا ڏئي ڀڄي ويا، فيض حميد کي سزا ڏيڻ ڪافي ناهي، ڇو ته فيض حميد سان گڏجي جيڪي ماڻهو ادارن ۾ راند کيڏندا رهيا، بغاوت تي ڀڙڪائيندا رهيا، فيصلا ڪرائيندا رهيا، ڪنهن کي صادق ۽ امين جا سرٽيفڪيٽ ڏياريندا رهيا ۽ ڪنهن کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ جي بنياد تي نااهل ڪري ملڪ کي ترقي ڪرائيندڙ حڪومت کي ختم ڪري پاڪستان کي تباهي جي رستي تي ڌڪي ڇڏيو، اهي سڀ چهرا پنهنجي انجام تي پهچي رهيا آهن.