سيالڪوٽ (م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪجهه سازشي عنصر اڃا به پي ٽي آءِ باني عمران خان کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته فيض حميد پي ٽي آءِ باني پروجيڪٽ جو انچارج هو، فيض حميد جڏهن ڪور ڪمانڊر پشاور هو تڏهن هن عمران خان جي سياست کي هٿي ڏني. هن چيو ته ڌانڌلي ذريعي فيض حميد جي نگراني ۾ پي ٽي آءِ باني کي اقتدار ۾ آندو ويو، جڏهن ته عمران خان کي آڻڻ واري پروجيڪٽ ۾ ٻيون شخصيتون به ڪم ڪنديون رهيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چار سال ملڪ سان هٿ چراند ڪئي، جنهن جا ذميوار فيض حميد ۽ عمران خان آهن. سندس دور ۾ پارليامينٽ کي آءِ ايس آءِ جو ماتحت ادارو بڻايو ويو، فيض حميد جو پروجيڪٽ هوريان هوريان وائکو ٿيڻ لڳو، پي ٽي آءِ باني لاءِ 9 مئي جا واقعا ڪرايا ويا، جنهن جي پٺيان به فيض حميد جو دماغ هو، رٿابندي ان جي هئي. خواجا آصف چيو ته سمورن مخالفن کي فيض حميد جي ذريعي جيلن ۾ وڌو ويو، فيض حميد ملڪ سان نهايت ڀوائتي راند کيڏيندو رهيو، سڀني سازشن جي پٺيان فيض حميد شامل هو. بچاءَ واري وزير موجب، 9 مئي جي تباهي به فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني جي هئي. ٻنهي جي ڳٺ جوڙ قائم رهي ها ته خبر ناهي ملڪ کي ڪيترو نقصان پهچي ها، هنن ماڻهن پاڪستان سان دشمني ڪئي آهي، کين انجام تائين پهچائڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته احتساب انهن جو به ٿيندو جيڪي بيوروڪريسي سميت ٻين ادارن ۾ لڪيا ويٺا آهن، فوج پاڻ فيض حميد جو ٽرائل ڪيو ۽ 15 مهينن تائينڪيس هلائي کيس سزا ٻڌائي. هن چيو ته پاڪستان جي نئين تاريخ مئي ۾ رقم ٿي، اسان کي ان تاريخ تي فخر آهي، جيڪڏهن فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني جي ڳٺ جوڙ ڳٺ جوڙ جاري رهي ها ته ملڪ جو ڇا حشر ٿئي ها، کين انجام تائين نه پهچايو ويو ته اهو ملڪ جي حق ۾ خير ثابت نه ٿيندو. خواجا آصف چيو ته فيض حميد کي سزا خلاف اپيل جو حق حاصل آهي، پر نواز شريف کي اهڙي ڪا سهولت حاصل نه هئي، شهباز شريف ملڪ کي خراب حالتن مان ڪڍيو، فوجي قيادت سول حڪومت جي مدد ڪئي آهي، دعا آهي ته فيض حميد ۽ باني جهڙن ماڻهن جو مڪمل خاتمو ٿئي.