ٺٽو(ڊ ر) ٺٽي ويجهو ٻن ڀائرن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، وڏي ڀاءُ ننڊي ڀاءُ کي گولي ھڻي مارڻ بعد پاڻ کي به گولي ھڻي ماري ڇڏيو، ٺٽو ڀرسان ڪراچي کي پاڻي مھيا ڪندڙ ڪي جي ڪئنال جي موري ڀرسان ڳوٺ محمد ايوب ٻيليچو جا رھواسي 2 ڀائر لڌو ٻيليچو ۽ نصير ٻيليچو زمين ۾ گھمي رھيا ھيا ته اوچتو معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو جنھن تي وڏي ڀاءُ لڌو ٻيليچو پسٽل سان فائر ڪري پنھنجي ننڍي ڀاءُ نصير ٻيليچو کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو جنھن بعد اڳتي وڃي وڏي ڀاءُ لڌو ٻيليچو پڻ پاڻ تي پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو جنھن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، جڏھن ته سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيل ٻنھي ڀائرن جي لاشن کي وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪرڻ تي ٺٽي جي ڊي ايس پي وحيد لاڙڪ سول اسپتال پھچي وارثن سان ڳالھيون ڪري کين خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ٻنھي ڀائرن جي لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪيا ويا، جڏھن ته ڊي ايس پي ٺٽي وحيد لاڙڪ پاران ٻنھي مقتول ڀائرن جي جي وارثن ۽ والد خان بھادر ٻيليچو ۽ ڀائرن جي شروعاتي طور تي ڏنل بيان جي حوالي سان چيو ويو آھي ته وڏي ڀاءُ پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي گولي ھڻن بعد پاڻ کي به گولي ھڻي ڇڏي آھي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وڌيڪ مامري جي جاچ ڪئي ويندي، ٻئي طرف ٻنھي مقتول ڀائرن جي والد خان بھادر ٻيليچو چيو آھي ته پٽن جي قسمت اھڙي ھئي باقي انهن ۾ ڪو به تڪرار نه هو، منھنجي وڏي پٽ لڌي ٻيليچي ٻئي منھنجي ننڍي پٽ نصير ٻيليچي تي فائر ڪرڻ بعد پاڻ کي به گوليون ھنيون آھن جنھنڪري ھو وڌيڪ ڪاروائي ڪرائڻ نٿا گهرن، مقتول ڀائرن جي ٻين ڀائرن چيو آهي ته ٻئي ڀائر گهران نڪري خوشيءَ وچان ٻني تي وڃي رھيا ھيا ته گهرن سامھون ٻني ۾ واقعو پيش آيو ۽ لڌي ڪاوڙجي ننڍي ڀاءُ نصير ٻيليچو کي فائر ڪيو جنھن بعد ھن پاڻ تي فائرڪيو آهي.