ٽنڊو محمد خان ۾ شيشا ٽوڙڻ تي ذهني معذور نوجوان مٿان تشدد، پول سان ٻڌو ويو

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : اويس حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان شهر ۾ ليبارٽري جي ٻاهران شيشا ٽوڙڻ تي ذهني توازن کان متاثر نوجوان کي مارڪٽ ، رسي سان 3 ڪلاڪ ٿنڀي ۾ ٻڌو ويو، ٽنڊو محمد خان شهر جي ليبارٽري جي ٻاهران ذهني توازن درست نه هجڻ جي ڪري 30 سالا نوجوان پٿر کڻي شيشا ٽوڙي ڇڏيا جنهن تي  ليبارٽري جي ملازمن مٿس حملو ڪري مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ رسي سان ٿنڀي ۾ ٻڌي ڇڏيو ، ٿنڀي ۾ ٻڌل نوجوان 3 ڪلاڪن تائين پاڻ کي آجو ڪرائڻ لاءِ رڙيون ڪري رهيو هو پر روڊ تان گذرندڙ راهگيرن سندس تماشو ڏسي سندس رسي کي کولڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جنهن جي بعد اطلاع ملڻ تي پوليس موبائيل ذريعي رسي سان ٻڌل نوجوان کي ٿنڀي مان رسو کولي آجو ڪري پوليس پاڻ سان گڏ ٿاڻي تي کڻي وئي ، سٽي ٿاڻي جي اهلڪارن نوجوان کي پنهنجي حراست ۾ وٺي ٿاڻي جي اندر ورانڊي ۾ ويهاري ڇڏيو ، ايس ايڇ او سٽي جو چوڻ آهي ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه آهي جنهن جي ڪري هو پنهنجي رهائشي ايڊريس الڳ الڳ ٻڌائي رهيو آهي ان جي باوجود پوليس سندس وارث اچڻ کانپوءِ ميڊيڪل ڪرائي سندن حوالي ڪندي پر وارث نه اچڻ کانپوءِ سندس ميڊيڪل سرڪاري اسپتال مان ڪرائي ڊاڪٽرن جي ڏنل ليٽر ذريعي کيس چرين جي اسپتال علاج لاءِ روانو ڪيو ويندو، شيشا ٽٽڻ واري واقعي بابت ليبارٽري جي انتظاميه توڙي ملازمن ڪو به فرياد داخل نه ڪرايو آهي جنهن جي ڪري نوجوان کي گرفتار ڪري نٿو سگهجي، هوڏانهن واقعي بابت ذهني توازن درست نه هجڻ جي نوجوان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ کيس رسي سان ٻڌل ڏيکاريو وڃي پيو ، آخري اطلاعن تائين نوجوان جو ڪو به مٽ مائٽ عزيز ظاهر ٿي نه سگهيو هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.