شڪارپور جو مقابلو شڪي؟مقتول صابر شيخ جي وارثن پاران انصاف لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) منڇر شاھ قبرستان ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن دوران مارجي ويل مبينه ڏوھارين شھمور شيخ ،امداد شيخ شھزادو عرف شدو شيخ جي جنازه نماز شيخ پمپ وٽ ادا ڪرڻ بعد کين منڇر شاھ قبرستان ۾ دفنايو ويو آھي جڏھن ته صابر شيخ جي جنازي نماز شيخ فارم ۾ ادا ڪئي وئي سندس سونھاري شاھ ۾ تدفين ٿي  جڏھن ته نوجوان. اويس شيخ جي نماز جنازه گھر ٻاھران ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي پورھيت غلام محمد بکراڻي  جي نماز جنازه ساھڙ محلا ۾ ادا ڪئي وئي نماز جنازه ۾ گرفتار ٿيل سندس پٽ مسجد جي پيش امام غلام رسول بکراڻي کي علائقي جي بااثر شخصيت جي مداخلت تي نامعلوم ھنڌ تان پوليس کڻي اچي پي جي جنازه ۾ شرڪت ڪرائي جنازي ۾ شرڪت بعد  کيس واپس  نيو ويو آھي پوليس ذريعن موجب کيس لکي ٿاڻي تي  پيش امام غلام رسول کي لڪائي رکيو ويو آھي ياد رھي ته منچر شاھ آپريشن دوران پوليس جي فائرنگ ۾ پي جي  زخمي ٿيڻ بعد پوليس پٽ کي گرفتار ڪري گم ڪري چڏيو ھو ٻئي پاسي ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي ۽ سندس مڙس ظھور سومرو واري ڪيس ۾ پوليس پاران مبينه ڏوھاري ڄاڻايل پيش امام جي ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ سان ڪيمپ آفس ۾ نڪتل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آھي جڏھن ته آپريشن ۾ مارجي ويل مبينه ٻن ڏوھارين شھمور شيخ شھزادو عرف شدو شيخ جي وارثن پاران پڻ وڊيو بيان جاري ڪيو ويو آھي منڇر شاھ واسي شھزور شيخ چيو ته واپاري کان ڦر جو الزام ايس ايس پي اسان مٿان لڳائي آپريشن ڪيو اھو ڏوھ ويهھ سالن ۾ ثابت ٿئي ته اسان ڏوھ ڀريندا سين باقي پوليس مخالفن جي خون تي چڙھائي ڪري اسان جا مڙس ماريا آھن جيڪا سراسر پوليس جي ناجائزي آھي اسان جا گھر ۽ پوليس ٿاڻو اڌ ڪلوميٽر تي واقع آھي پوليس ماڻھو مارڻ سان گڏ اسان جا گھر ڊاھي پٽ ڪري چڏيا آھن پئسا سون چوپايو مال پوليس کڻي وئي آھي گھرن ۾ ڪک به پوليس ناھي ڇڏيو ھوڏانھن شيخ پمپ آڏو لاش ڏسڻ دوران کڻي ماريل نوجوان صابر شيخ جي وارثن احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته اسان سان پوليس ظلم ڪيو آھي انصاف لاءِ ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪائيندا سين

ضيا الدين اسپتال انتظاميا پورهيت جو علاج ڪرڻ کان جواب ڏنو

شڪارپور: مبينه پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويل پورھيت غلام محمد بابت ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته وارث  کيس علاج لاءِ ضياالدين اسپتال علاج لاءِ کڻائي ويا جتي وارثن اسپتال انتظاميا کي علاج لاءِ ايڊوانس رقم پڻ جمع ڪرائي اسپتال انتظاميا زخمي جو علاج ڪرڻ کان جواب ڏنو جنھن بعد پوليس رات جو ٻي ھنڌ علاج ڪرائڻ جو چئي زخمي ۽ سندس پٽ کي اسپتال مان کڻي گم ڪري ڇڏيو بعد ۾  پوليس پورھيت جو لاش سول اسپتال جي سرد خاني ۾ رکرايو ھو

غلام محمد بکراڻي جا وارث پوليس جي خوف سبب خاموش

شڪارپور پوليس جو خوف پوليس گرفتار پيش امام کي نه ماري وجھي  مارجي ويل پورھيت غلام محمد بکراڻي جي وارثن خوف  سبب خاموشي اختيار ڪري ورتي آھي جڏھن ته تڏي تي ويٺل وارثن وڌيڪ موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته  اسان غريب آھيون ھرڪو چوي ٿو ڪيس وڏو آھي ان ڪري پوليس وڌيڪ نقصان نه ڏئي تنھن ڪري اسان پنھنجو فيصلو الله جي عدالت تي ڇڏيو آھي ھو مسڪين ھو کيس بي گناھ ماريو ويو اھو شھيد آھي علائقي جي وس وارن کي پيش امام جي آزادي لاءِ منٿون ڪيون آھن انھن به چپ رھڻ لاءِ چيو آھي

آپريشن ۾ مارجي ويل ڏوهاري هئا:ايس ايس پي شڪارپور جي دعويٰ

شڪارپور: ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ منڇر شاھ آپريشن بابت پھنجي ھڪ بيان ۾ چيو ته منڇر شاھ آپريشن دوران مارجي ويل ڏوھاري  ھئا ھر شھري کي خبر آھي ته منڇر شاھ ۾ منشيات ڪاروبار ٿيندو ھو ھتي ٻاھرين شھرن جا ڏوھاري ڏوھ ڪري پناھ وٺندا ھئا معصوم ٻارڙن جي اغوا ۾ ھتان جي  ڏوھارين جو ڪردار رھيو شھر ۾ ٿيندڙ ڏوھي وارداتن جا پيرا منڇر شاھ ۾ لڳا تڏھن اتي آپريشن ڪيو ھن چيو ته شھر ۾ امن امان بحال رکڻ لاءِ ھر قدم کنيا ويندا جيڪو ڏوھاري ڏوھ ۾ ملوث ھوندو ان جو انجام به اھڙو ٿيندو ڪنھن به ڏوھاري سان رعايت نه ٿيندي هن چيو ته  منڇر شاھ آپريشن ڏوھارين لاءِ پيغام آھي ته اسٽيٽ کي چيلينج ڪندڙن جو حشر اھڙو ئي ٿيندو آھي

سردار تيغو تيغاڻي ۽ ٻين پاران پارس بکراڻي ۽ ظهور سومري جي عيادت

شڪارپور: پوليس آپريشن دوران ڏوھارين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي سندس مڙس ڊي ايس پي ظھور سومرو سان عزيزن دوستن ۽ رشتيدارن آفيسرن پاران عيادت جو سلسلو ھلندڙ آھي سردار تيغو تيغاڻي ضيالدين اسپتال پھچي ڪري پارس بکراڻي ء ظھور سومرو جي عيادت ڪئي ۽ کين گلدستا پيش ڪيا سردار تيغو تيغاڻي پارس بکراڻي جي والد سان پڻ ملاقات ڪئي جڏھن ته  پارس بکراڻي وٽ سندس بيچميٽ ڊي ايس پيز ڊاڪٽر فائزه سوڍر ۽ منيشا راٺوڙ پهچي عيادت ڪئي  کيس ڏوھارين سان جرئت ۽ بھادري سان مقابلو ڪرڻ تي شاباش ڏني آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.