ڪراچي (رپورٽر) سپر هاءِ وي (ايم نائن موٽروي) تي تيز رفتار ڪار بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار اشڪوڪ، سندس زال ۽ هڪ پٽ فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن هڪ پٽ زخمي ٿي پيو، گڏاپ سٽي ٿاڻي جي حدن ۾ ناگوري ڪانٽي ڀرسان تيز رفتاري ڪار (رجسٽريشن CCA-060) بيٺل ٽرڪ (رجسٽريشن TAA-845) سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ عورت سوڌو ٽي ڄڻا موقعي تي تي فوت ٿي ويا ۽ هڪ نوجوان سخت زخمي ٿيو، حادثي جي اطلاع تي موٽر وي پوليس، ريسڪيو 1122 ۽ سماجي تنظيمن جا رضاڪار فوري طور پهچي ويا ۽ فوت ٿيل ۽ زخمي کي ڪار مان ڪڍي ٿاڻي ۽ پوءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيوويو، فوت ٿيندڙن ۾ 55 ورهين جو اشڪوڪ ولد گن شام، 50 ورهين جي سيتا زال اشڪوڪ ۽ 22 ورهين جو پٽ ساحل ولد اشڪوڪ شامل آهن، زخمي پٽ جي سڃاڻپ سنجي ولد اشڪوڪ طور ٿي آهي، عملدارن موجب حادثو ان وقت ٿيو جڏهن گاڏي هلائيندڙ نوجوان کي نيند اچي وئي، زخمي پٽ ٻڌايو ته هن والد کي چيو هو ته نيند اچي رهي آهي پر والد چوندو رهيو ته گهر ويجهو آهي، ڊرائيونگ جاري رک، فوري طور فوت ٿيلن جي رهائش معلوم نه ٿي سگهي، جڏهن ته ايس ايڇ او گڏاپ سٽي سرفراز جتوئي موجب هي فيملي ٿرپارڪر جي اسلام ڪوٽ جي رهواسي هئي ۽ ڪراچي جي بهادرآباد ۾ شادي ۾ شرڪت لاءِ اچي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي.