يقين آهي ادارو جنرل(ر)باجوا جو به احتساب ڪندو:ليگي سينيٽر

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ناصر بٽ جو چوڻ آهي ته قمر باجوا ۽ ٽن ججن جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ گھرجن،هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ هن چيو ته اداري طرفان ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جو احتساب ڪري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مثال قائم ڪيو ويو آهي، ۽ مون کي پڪو يقين آهي ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جو به احتساب ڪيو ويندو،هن چيو ته فيض حميد ايترو اڳتي نڪري  ويو هو جو رٽائر ٿيڻ بعد به نه رڪيو، اداري هن جو احتساب ڪري بالڪل صحيح قدم کنيو آهي۔ناصر بٽ اڳوڻن چيف جسٽسز ثاقب نثار، آصف سعيد کوسه ۽ جج اعجاز الاحسن جي ڪردار تي به سوال اٿاريا ۽ چيو ته انهن ٽنهي ججن نواز شريف سان ڇا ڪيو؟ انهن ٽنهي جو به احتساب سپريم ڪورٽ يا حڪومت کي ڪرڻ گهرجي۔هن مطالبو ڪيو ته نواز شريف جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ سمورن ملوث ڪردارن جن ۾ ٽي جج ۽ جنرل(ر) قمر باجوا شامل آهن انهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن۔سينيٽر جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن احتساب ٿي ويندو ته ايندڙ وقت ۾ ڪو به اهڙي طريقي سان هلندڙ حڪومت کي نه ڪيرائيندو۔ناصر بٽ چيو ته نواز شريف سان زيادتي ڪندڙ سمورن ڪردارن کي معافي وٺڻ گهرجي۔سينيٽر کان پڇيو ويو ته سزا باوجود نواز شريف ۽ ن ليگ قمر باجوه کي ايڪسٽينشن (توسيع) لاءِ ووٽ ڇو ڏنو؟هن جواب ڏنو: ”ان وقت ڇا فيصلو ٿيو، اهو نواز شريف بهتر سمجهي سگهي ٿو۔“پي ٽي آءِ تي پابندي جي سوال تي ناصر بٽ واضح چيو ته سندس خيال ۾ پي ٽي آءِ (پاڪستان تحريڪ انصاف) تي پابندي نه لڳڻ گهرجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.