نيو يارڪ (عوامي آواز رپورٽ) تجزئي نگار عائشا صديقا ڊجيٽل پليٽ فارم تي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته عمران خان سان لاڳاپيل ڪيس ۾ بشريٰ بي بي کي شامل ڪرڻ جي امڪان تي بحث ٿي رهيو آهي، پر اهي رڳو اندازا آهن. ٽاپ سٽي ڪيس جو فيصلو تقريبن ٿي چڪو هو، پر فيلڊ مارشل عاصم منير جي عهدو سنڀالڻ کان پوءِ، اهو فيصلو آيو جيڪو گهڻو اڳ اچڻ گهرجي ها. هي اڳڀرائي سياسي تڪرار کي وڌيڪ وڌائيندي ڇو ته پي ٽي آءِ، مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ ٻيا حلقا اڳ ۾ ئي هڪ ٻئي تي الزام لڳائي رهيا آهن. فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج نه ڪيو ويندو ۽ اپيل جو واحد فورم فيلڊ مارشل هوندو. کيس معاف ڪري يا نه ڪري. جنرل باجوه ۽ فيض حميد جي ڪردار بابت پڻ سوال اٿاريا پيا وڃن، پر نواز شريف جو موجوده ڪارروائي ۾ ڪو به سڌو ڪردار ناهي ۽ عاصم منير پاڻ اهو قدم کنيو آهي. هن ڪيس مان ڪو وڏو مثال قائم ٿيڻ جي اميد ناهي ڇاڪاڻ ته فوج جو سياسي ڪردار اڳ ۾ بحث هيٺ رهيو آهي. آرمي چيف کي سزا ڏيڻ جو مڪمل اختيار آهي ۽ اهو ماضي ۾ به ٿيو آهي.