ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)اعزاز سيد لکيو ته اڄ جنرل (ريٽائرڊ) فيض حميد تي اهي ئي سياسي اڳواڻ ۽ صحافي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن، جيڪي سندس بااختياري جي ڏينهن ۾ ملاقات لاءِ قطارن ۾ بيهڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندا هئا۔ سندس والده جي وفات تي چڪوال جي ڌرتي گواهه آهي ته ڪهڙو سياسي اڳواڻ اهڙو هو جيڪو تعزيت لاءِ نه آيو هجي،ن ليگ، تحريڪِ انصاف، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ ڪيترائي نامور صحافي به موجود هئا،هن چيو ته اڄ منظر بلڪل ابتو آهي۔ جيڪي ڪالهه سندس قربت مان "فيضياب” ٿيندا رهيا، اهي ئي اڄ سڀ کان اڳ ۾ تنقيد جا تير وسائي رهيا آهن۔ طاقت جي هن راند ۾، ڪالهه جي فيض حميد کي رڳڙو ڏيندڙ اڄ جي ” فيض حميد“ جو دل کٽڻ ۾ لڳل آهن،صحافي زاهد گشڪوري لکيو ته جنرل فيض جي والده جي وفات تي ڏٺو ويو ته سڄي ملڪ جي اشرافيه لطيفال ۾ پهتي۔ سينيٽ جو چيئرمين هجي، چيف جسٽس، اينڪر، وڪيل، سياستدان، اسپيڪر، صدرِ پاڪستان هجن يا وزيراعظم—سڀني کي سندس تعريفون ڪندي ڏٺو ويو۔وقت بدلجندو ويو ۽ اڄ ساڳيا ماڻهو، جيڪي ڪالهه جنرل فيض مان فيضياب ٿيندا رهيا، اڄ هن جي خلاف گواهي ڏيڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل آهن،هن چيو ته احتساب جو عمل بنا ڪنهن فرق جي، سڀني لاءِ برابر هئڻ گهرجي،هن چيو ته جيڪڏهن هن رياست کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته هن راند ۾ شامل سمورن جوابدارن جو جلد کان جلد احتساب ضروري آهي، سينئر صحافي حامد مير لکيو ته جنوري 2022 ۾ ڪجهه نام نهاد اينٽي اسٽيبلشمينٽ صحافي اهو لکي رهيا هئا ته اپوزيشن اسٽيبلشمينٽ جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي ڪنٽرول ۾ آهي، ۽ خان پنهنجا پنج سال پوري ڪري سگهندو۔ اهي سڀ فيض ياب هئا، پر اپريل 2022 ۾ سڀ غلط ثابت ٿي ويا،سينئر صحافي عمر چيما لکيو ته اڄ فيض حميد جو دفاع ڪندڙ ڪو به ناهي، انهن مان به ڪو نه، جيڪي ڪالهه سندس فيض مان فيضياب ٿيندا رهيا سڀ اظهارِ لاتعلقي ڪري رهيا آهن۔ جرنيل جي ڪا سياسي اولاد نه هوندي آهي؛ جيئن ئي هو رٽائر ٿيندو آهي، ’اولاد‘ اکين جو رُخ بدلائي ڇڏيندي آهي،صحافي ابصار عالم چيو ته جنرل فيض هن ملڪ ۾ سڀ کان خطرناڪ ڪم اهو ڪيو ته آءِ ايس آءِ جي متوازي پنهنجي هڪ مافيا جهڙو سسٽم ٺاهيو۔ هي مافيا سڄي ملڪ ۾ ڏوهن ۾ ملوث رهي، ۽ پاڪستان جي هر ان ڪاروباري شخص کي ٽارگيٽ ڪندو رهيو جنهن وٽ پئسو هو۔ انهن کي اغوا ڪيو ويو، ڀتو ورتو ويو ۽ انهن کان اربين رپيا اوڳاڙيا ويا.