پاڪ، ايران پاران افغانستان تي دهشت گردن خلاف ڪارروائي لاءِ زور

اشڪ آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيزشڪيان سان ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي زور ڏنو آهي ته افغان سرزمين مان ٿيندڙ دهشتگردي ۽ پاڪستان جي سنگين سيڪيورٽي  خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ افغان حڪومت کي نتيجا ڏيندڙ ڪارروائي ڪري. اشڪ آباد ۾ تقريب دوران ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران هلندڙ سال دوران پرڏيهي جارحيت وقت هڪٻئي جي مضبوط حمايت واري عمل کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ، سرحدي منڊيون فعال ڪرڻ، سرحدي سلامتي مضبوط بڻائڻ ۽ اسلام آباد-بلوچستان ٽرانسپورٽ نيٽورڪ ذريعي ٻطرفي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.