فيض حميد کي مليل سزا ۽ مائنس عمران خان جون ڳالهيون ڪٿي دنگ ڪنديون؟

حاڪم نصيراڻي

اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ر جنرل فيض حميد کي لڳ ڀڳ چار مهينن جي فوجي ٽرائل کان پوءِ  آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ، اختيارن جو غيرقانوني استعمال سان گڏ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي کيس 14 سال جي سزا ٻڌائي وئي۔ فيض حميد جي سزا ڪا معمولي سزا ناهي پر هڪ اهڙي زلزلي جي شروعات آهي جنهن جا لوڏا آهستي آهستي ملڪي سياست جون مضبوط ديوارن محسوس ڪنديون رهنديون۔

فيصلن کان وڌيڪ فيصلن جي وقت جي اهميت هوندي آهي سو هن فيصلي جي به وقت کي وڏي اهميت حاصل ٿي وئي آهي هي فيصلو ان وقت آيو جڏهن ڊي جي آئي ايس پي آر جي ڌماڪيدار پريس ڪانفرنس کي هفتو ئي نه گذريو ان کان سواءِ مائنس خان صاحب جون ڳالهيون، تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻن جو پرڏيھه  وڃڻ تي پابندي وغيره وغيره وغيره ۔ ۔ هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو فيض حميد کي مليل سزا کان پوءِ 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل اڳواڻ ڪٿي بيهندا ۽ مائنس عمران خان وارو فارمولو ڪامياب ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟ ڇا تحريڪ انصاف عمران خان کان سواءِ هلي سگهندي؟ ڇا خان صاحب ڪارڪن يا ووٽر مائنس خان کان سواءِ تحريڪ انصاف سان هلي سگهي ٿو؟

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ ڪيترائي وڏا نالا، وڏا خاندان ۽ وڏيون پارٽيون موجود آهن پر تحريڪ انصاف بيشڪ تنظيمي طور تي وڏي قوت آهي، پر ان جي سڃاڻپ، طاقت ۽ بيانيي جو مرڪز رڳو هڪ نالو آهي جنهن کي عمران خان سڏجي ٿو۔ ان حقيقت کان ڪو به سياسي تجزئي نگار، مخالف يا حامي انڪار نٿو ڪري سگهي ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت ان جو بيانيون ۽ عوامي اُميد سڌيءَ طرح عمران خان جي شخصيت سان جڙيل آهي. خان صاحب هن وقت ڀل قيد ۾ آهي يا پابندين جو شڪار آهي تنهن هوندي عوامي سوچ جو مرڪز هميشه خان رهيو آهي.

ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پارٽي جا وڏا اڳواڻ، جن ۾ اڳوڻا وزير، قومي اسيمبلي جا ُڪڻ ۽ سياسي خاندانن جا نمائندا شامل آهن جيڪي پنهنجي حد تائين اثر ضرور رکن ٿا، پر هن وقت انهن جي سڃاڻپ عمران خان کان سواءِ ڪٿي به نظر نٿي اچي۔

سياسي جماعتون عام طور ورثي، نظريي ۽ ادارن تي بيٺل هونديون آهن، پر پي ٽي آءِ جو ڍانچو هڪ شخصي مقبوليت جي بنياد تي اڀريو. ان ڪري جڏهن کان خان صاحب منظر تان اوجهل ٿيو تڏهن کان

پارٽي جو بيانيو ڪمزور ٿي ويو۔ اڳواڻ پاڻ ۾ ڪاوڙيل به لڳن ٿا۔ مٿان وري ڪارڪنن جي نظر ڪنهن ٻئي تي ٻڏي ئي نه ٿي ۔ اهو قيادت جو خال ايترو وڏو آهي جو هن وقت تائين پارٽي ۾ ڪابه ٻي شخصيت پاڻ کي متبادل طور پ کي ڪٿي ۾ به بيهاري نه سگهي آهي۔ گذريل ٻن سالن کان وٺي  پي ٽي آءِ سخت دٻاءُ جو شڪار ٿي، تڏهن ڪيترائي اڳواڻ منظر تان غائب ٿي ويا،  ڪجهه وفاداري جو اظهار ته ڪيو پر عملي طور اڳيان نه آيا، جڏهن ته ڪيترن پنهنجا سياسي رستا بدلائي ڇڏيا.

پارٽي اندر اهڙا وقت قيادت جي اصل طاقت پرکڻ لاءِ هوندا آهن؛ هن آزمائش واضح ڪري ڇڏيو ته پي ٽي آءِ جو حقيقي سهارو فقط عمران خان آهي.۔ اڄ به سوشل ميڊيا کان وٺي عالمي ميڊيا تائين، تحريڪ انصاف جو ذڪر ٿئي ٿو ته مرڪز ۾ عمران خان ئي هوندو آهي. هو نه رڳو پارٽي جو باني آهي، پر بيانيي جو واحد محرڪ، جدوجهد جو نشان ۽ ڪارڪنن جو حوصلو پڻ آهي.۔ اهو عوامي رابطو ۽ ڪشش ڪنهن ٻئي اڳواڻ جي دامن ۾ نظر نٿو اچي. حقيقي سياسي جائزو اهو ئي ٿو چوي ته عمران خان کان سواءِ پي ٽي آءِ جي ڪنهن اڳواڻ جي ڪا قومي حيثيت باقي نٿي رهي.

پارٽي جي طاقت، مستقبل ۽ وجود جو سڄو دارومدار عمران خان جي موجودگي تي آهي. جيستائين هو سياسي منظرنامي ۾ موجود آهي، تحريڪ انصاف هڪ مضبوط عوامي قوت آهي ۽ جيڪڏهن هو نه هجي ته جماعت جو وجود پاڻ هڪ وڏو سوال بڻجي ويندو؟ ماضي ۾ جوڻيجو صاحب کي مائنس ڪري نواز شريف کي آندو ويو اهو تجربو ڪامياب ويو پر محترمه بينظير ڀٽو کي مائنس نه ڪري سگهيا۔ نق ليگ ٺهي ته وئي پر نواز شريف مائنس نه ٿيو۔ هاڻي ڏسجي ته تحريڪ انصاف عمران خان کان سواءِ هلي سگهندي يا بس اتي ئي سندس پڄاڻي ٿيندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.