ايم. ايڇ. پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ۾ سڀاڻي 13 ڊسمبر تي ٿيندڙ پهريون پاڻي ميلو ٽن اھم نچوڙن جا ڏس ڏي ٿو؛ ھڪ ٻٻرلوءِ – سنڌ جو اھنسا واري سماجي جدوجھد جو پڙلااءُ، جنھن جي نتيجي ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل سنڌ خلاف ٿيل پاڻي واري فيصلن کي ڪنڊائتو ڪيو، ٻيو اھو ته سنڌ کي پاڻي جي پنھنجي قانوني ۽ آئيني حقن لاءِ جھد مسلسل جاري رکڻي آھي ۽ ٽيون اھو ته ھر قسم جي پاڻي جي ورڇ جا مقداري ۽ معياري ماڻ اسان کي صوبي جي اندر گھڻو بھتر ڪرڻا آھن ۔ پاڻي ميلو وقتائتو عمل آھي جنھن مان اسان کي پاڻي جي ڳوڙھي مسئلن کي کولي نبيرن ڏانھن کڻي ھلڻو آھي. جيتوڻيڪ عالمي دنيا ۾ پاڻيءَ جا ميلا گهڻو ڪري خوشحالي، وھڪرن جي رواني ۽ فطرت سان هم آهنگيءَ جي علامت طور ملهائبا آهن، سنڌ لاءِ پاڻيءَ ميلو هڪ فڪري اپٽار ۽ اجتماعي شعور جي واڌويجھ ۽ ونڊ جو ذريعو آھي. سنڌ جو پاڻيءَ جي بحران گهرو ۽ گهڻ رخو آهي، جنهن ۾ درياهه جو پوئتي پوڻ، شهري ٻوڏون، لٽ جي کوٽ، سامونڊي چاڙھ، ٻھراڙي ۽ شهري گورننس/ حڪمراني ۾ ڪمزوريون، پاڻي جي معيار جون خطرناڪ حدون اُڪريل ۽ موسمياتي تبديليون گڏجي هڪ وڏي سوال طور سامهون آيا آهن۔ ڇا سنڌ وٽ پنهنجي پاڻيءَ جي مستقبل کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ادارتي، علمي ۽ اجتماعي صلاحيت موجود آهي؟ ان جو تفصيلي جواب ۽ رستا ڳولڻ جي ضرورت آھي۔ ھڪ اتساھي سچ اِھو آھي ته سنڌ پنھنجي ڏٻري حالتن ۽ حڪمراني جي جھولن جي باوجود پاڻي تي نه سمجھوتو ڪيو آھي ۽ نه ئي پوئتي ھٽي آھي۔
پاڻي رڳو هڪ وسيلو نه آهي؛ اهو تمدن جي مرڪزي تند آهي. دنيا جي تاريخ، سنڌ سميت ان ڳالهه جي گواهي ڏي ٿي ته پاڻيءَ جي ورڇ، ضابطو، سنڀال ۽ گڏيل ورهاست هزارين سالن کان سياسي طاقت، سماجي تنظيم، معاشي سرگرمي ۽ ماحولياتي سائنس سان جڙيل رهي آهي. اهو ئي پس منظر هو جنهن ۾ ’هائيڊرولڪ سوسائٽي‘ جهڙا نظريا پيدا ٿيا، جتي درياهن جي سنڀال رياستي مرڪزيت کي مضبوط ڪندي هئي. اڄ به اها سوچ ڪيترن پاليسي ساز ادارن ۾ زنده آهي، جنهن ۾ پاڻي کي انجنيئرنگ جي کوھ واري نظر سان ڏٺو ويندو آهي۔ ان ڪري سياست، ماحوليات ۽ سماجي برابريءَ جي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ئي نه ٿي ڪئي وڃي. پر جديد تحقيق اسان کي ٻڌائي ٿي ته بحران جو وڏو سبب پاڻيءَ جي کوٽ نه، پر حڪمرانيءَ/ گورننس جي کوٽ آهي. پاڻيءَ کي ڪيئن ورهايو وڃي ٿو، ڪير فيصلو ڪري ٿو، ڪهڙا ادارا عمل ڪرائين ٿا، ۽ انهن جي جوابدهي جا معيار ڪهڙا آهن. اهي سڀ لاڳاپيل مسئلن جون پاڙون آهن.
سنڌ جي شهري مسئلن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي اڻاٺ سان گڏ، نيڪال جا سرشتا ڪمزور ۽ اڻ لڀ آھن، خاص ڪري اسٽارم واٽر مينيجمينٽ / طوفاني يا وڏي مينھن جي پاڻي جي نيڪال جو سرشتو اڻھوند آھي ان ڪري ھر تيز مينھن کانپوءِ اسان جا مڙئي شھر ٻوڏ جھڙي حالتن جو شڪار ٿين ٿا جنھن جي ڪري پورو سرڪاري اڏاوتي ڍانچو نقصان سھي ٿو۔ موسمياتي تبديليءَ سان يقيناً مينھن جي شدت وڌي آهي، پر ٻوڏن جو وڏو سبب انساني جوڙيل نظام ۽ رٿابندي جي ناڪامي آهي. شهرن جو ڦھلاءُ اهڙي نموني ٿيو آهي جو پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه دريائي بفر، چشما، ڇٻر ۽ ساوڪ وارا پٽ، ھيٺايون، فطرتي جڙيل کڏون، درياھي ڦاٽن جا پيٽ، ختم يا بنھ سوڙھا ٿي ويا آهن. ڪنڪريٽ، ڪاروباري پلازا، روڊ ۽ غير منظم تعمير ۽ شھرن جو پڪو ٿيڻ، زرعي زمينن، باغن وارين ٻنين کي ھاؤسنگ اسڪيمن شھري حدن ۾ مينھن جي پاڻي کي چھڻ، ان کي وھڪري ۾ تبديل ٿيڻ ۾ وڻڪاري ۽ ساوڪ واري جھل کان وانجھيل ڪري ڇڏيو آھي. اهڙي حالتن ۾ مينھن ( رين فال) جو اسي سيڪڙو کان مٿي مقدار وھندڙ پاڻي ( رن آف) ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ شھرن ۾ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ٿو۔
شهري ٻوڏون انجنيئرنگ جي ناڪامي کان وڌيڪ سماجي ناانصافيءَ جي نشاندهي ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ کان وڌيڪ نقصان غريبن کي پهچائن ٿيون. گهٽ آمدنيءَ وارا ماڻهو اڪثر ڪري شهري ڪچي آبادين، ھيٺاھين يا خطري وارن علائقن ۾ آباد هوندا آهن، جتي اڏاوتي نظام ڪمزور هوندو آهي ۽ سهولتون نه هجڻ جي برابر هونديون آهن. 2025ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جا ڪجهه حصا مينھن سبب ٻڏي ويا، تڏهن اهو واضح ٿي ويو ته مسئلو پاڻيءَ جي مقدار نه پر شهرن جي اڏاوتي نظام، ڪمزور رٿابندي ۽ اڏاوتن بابت ريگيوليشن ۽ قانونن جي پوئواري نه ڪرڻ جي ڪري آھي. اڳواٽ خبرداري، سائنسي بنيادن تي رٿابندي، ۽ شموليت واري عمل کانسواءِ شهري نظام مستقبل جي ڪنهن به موسمياتي خطري کي منهن نٿا ڏئي سگهن.
سنڌ جي پاڻيءَ واري ڪهاڻي جو ٻيو گهرو ۽ خطري وارو پهلو سنڌو درياهه جو زوال آهي، جيڪو فطرت جي سڀني نظامن کي متاثر ڪري ٿو. سنڌو درياهه جي قدرتي هائيڊرولاجي ٽٽي چڪي آهي. ھاڻ ان کي ڏھاڪن کان واھ وانگر ھلايون ٿا؛ بس چؤماسي جا ڪجهه مھينا درياھ ٿي وھي ٿو ۽ پوءِ وري واھ ٿي ٿو پوي۔ سنڌ پنھنجي پاڻي جي گھٽ ۾ گھٽ حقن کي بچائڻ لاءِ جھڙوڪر پٻن تي بيٺل ھجي۔ ان کان سواءِ زرعي ۽ شهري وڌندڙ طلب، ڊيمَن ۾ زرخيزي آڻيندڙ لٽ جو قابو ٿيڻ، ۽ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ وهڪرن ۽ لٽ جي گهٽتائيءَ سبب ڊيلٽا سڪي رهيو آهي. تنھن ھوندي به ھن سال ٿورو پاڻي ويو آھي ته وري اھي زيان وارا واڪا ٻڌڻ ۾ پيا اچن ! ھڪ صدي کان سڪايل سنڌو ڊيلٽا کي ڪو ساھ کڻڻ ته ڏي۔ پاڪستان جي آزادي وقت به ھي علائقو زرخيزي، بايوڊائورسٽي ۽ معاشي سرگرمي جو وڏو مرڪز هو، هاڻي دنيا جي سڀني کان تيزيءَ سان سُڪڙجي ويندڙ ڊيلٽائن مان هڪ بڻجي چڪو آهي. جديد تحقيق ٻڌائي ٿي ته ڊيلٽا گذريل ٻن صدين ۾ 90 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. سمنڊ جي وڌندڙ سطح ۽ لٽ جي کوٽ گڏجي ساحلي ضلعن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي.
اهو زوال صرف ماحولياتي تباهي نه پر هڪ معاشي الميو پڻ آهي. انڊس ڊيلٽا جي تباهي سبب ھرسال 555 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو، جيڪو پاڪستان جي GDP جي هڪ اهم حصي جي برابر آهي. ٻئي طرف عالمي تحقيق ۽ ادارن اڳ ئي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن عالمي گرمي جو پد ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو ته 2150 تائين سمنڊ سوا ٽي فوٽ مٿي ٿي ويندو، جنهن جا سڀ کان وڏا اثر سنڌ جي ساحلي علائقن تي پوندا. هي صورتحال رڳو پاڻيءَ جي گهٽتائي نه پر هڪ ايڪوسائيڊ/ ماحولياتي نسل ڪشي آهي، جنهن ۾ جيوت جا نظام مرڻ لڳا آهن، ۽ ڊيلٽا جا هزارين جاندار نسل ڪشيءَ جي خطري ۾ اچي ويا آهن.
اهي سڀ حقيقتون هڪ وڏي سوال ڏانهن اشارو ڪن ٿيون: سنڌ جي پاڻيءَ تي اثرانداز ٿيڻ واريون حالتون ۽ سبب ڪهڙا آهن، ۽ حڪمرانيءَ ۾ موجود کوٽ ڪٿي ۽ ڪھڙي آهي؟ جديد تحقيق ٻڌائي ٿي ته پاڻيءَ جي کوٽ اڪثر ڪري قدرتي نه پر سياسي ۽ ادارياتي ڪمزورين جو نتيجو هوندي آهي. پاڻيءَ تي اختيار، ورڇ ۾ ناانصافي، طبقاتي فرق، قانوني ڪمزوريون، بدعنواني، ۽ عوام آڏو غير جوابدھ ادارا بحران کي وڌائين ٿا. عالمي تجربا ٻڌائن ٿا ته پاڻيءَ جي پاليسي تڏهن مؤثر ٿيندي آهي جڏهن ورهاست برابري واري هجي، ماحولياتي حقن جو احترام ڪيو وڃي، ۽ عوامي شموليت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي.
سنڌ جي بحران کي سمجهڻ لاءِ هڪ گڏيل تجزيو ضروري آهي. شهري ٻوڏ هجي يا ڊيلٽا جو زوال، ٻئي هڪ ئي نظام جي بگاڙ جا مختلف پاسا آهن. شهرن ۾ پاڻيءَ جي وهڪري جو فطري ۽ بنيادي اوائلي جوڙيل نظام ناپيد ڪيو ويو آهي۔ ان فطري منطق کان نابري واري وئي؛ ۽ درياهه ۾ لٽ ۽ وهڪري جي منطق ٽٽي چڪو آهي. جڏهن درياهه پنهنجو ماحولياتي وهڪرو وڃائي ٿو، ته زمين سڪي ٿي، معيشيت زوال پذير ٿئي ٿي، ۽ ماڻهو شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪن ٿا.
حل کي به گڏيل منطق سان ڳنڍڻو پوندو. منطق جو بنياد فطري گھاڙيٽن کي ڏاھپ سان ڏسڻو ھوندو آھي۔ شهرن جي لچڪ هائيڊرولاجيڪل سوچ جي بحاليءَ تي دارومدار رکي ٿي، جنهن ۾ قدرتي وهڪرن کي بحال ڪرڻ، وڻڪار ۽ ساون ڇٻر وارن رستن ۽ پٽن کي وڌائڻ، پاڻي چھندڙ پکيڙ کي وڌائڻ ۽ شهرن جي توسيع کي سائنسي جاگرافي سان هم آهنگ ڪرڻ شامل آهي. درياهه جي لاءِ ضروري آهي ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سڄو سال سائنسي بنيادن تي تازو پاڻي ڇڏڻ جو عمل پنج هزار ڪيوسڪ مستقل بڻايو وڃي، ڇو ته ڊيلٽا بنا وهڪري جي زنده رهي نه ٿو سگهي. لٽ لاءِ پڻ پنجن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو وڏي مقدار ۾ پاڻي سمنڊ ڏانهن ڇڏڻ ضروري آهي. اھو به ۲۵ ملين ايڪڙ فوٽن کان وڌيڪ-
ادارتي سڌارا هن سموري عمل جو مرڪز آهن. اڳواٽ خبرداريءَ جا نظام، غريب-مرڪزي منصوبا، ۽ عورتن جي راءِ جو شامل ٿيڻ ضروري آهي، ڇو ته اهي ئي طبقا روزاني بنيادن تي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ موسمياتي خطري جو بار کڻن ٿا. طرز حڪمرانيءَ کي ”عام ڀلائي“ جي اصول تي آڻڻ بنا مستقبل محفوظ نه ٿيندو.
آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي پاڻيءَ جي بحران کي سمجهڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته ان کي هڪ مرڪزي ڌاڳي ۾ ڳنڍيو وڃي. وهڪري جي منطق، شهري منطق ۽ ماحولياتي منطق گڏجي هڪ اهڙو فريم ورڪ ٺاهين ٿا، جنهن ۾ شهري ٻوڏون، ڊيلٽا جو زوال، درياهه جي تبديلي، موسمياتي خطرا ۽ سماجي ناانصافيون الڳ مسئلا نه پر هڪ ئي نظام جا مختلف پاسا آهن. تڏهن ئي سنڌ پنهنجو پاڻيءَ وارو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي جڏهن انهن سڀني مسئلن کي گڏيل حڪمراني/ گورننس ۽ گڏيل رٿابنديءَ ذريعي ڏٺو وڃي.