27 هين ترميم: پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سياسي حقيقت پسندي

ڊاڪٽر عبدالرئوف

تازو منظور ڪيل 27هين آئيني ترميم ملڪ جي سياست ۾ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي. هن ترميم تي عوامي ۽ ميڊيا ردعمل، خاص طور تي سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد، هڪ مثبت جمهوريت پسند رويو آهي جنهن جي همت افزائي ٿيڻ گهرجي. بهرحال، هن تنقيد جو وڏو حصو ملڪ جي زميني حقيقتن ۽ پاڪستان جي تاريخي سياسي پسمنظر کي نظرانداز ڪري ٿو. جيڪڏهن اوهان کي هن ترميم کان اڳ اهو شڪ هو ته پاڪستان ’سيڪيورٽي اسٽيٽ‘ نه آهي، ته شايد اوهان موجوده سياسي منظرنامو پورو سمجهي نه سگهيا آهيو. هن ترميم کان اڳ به، ۽ هن کان پوءِ به، پاڪستان جا طاقتور ترين حلقا غير جمهوري رهيا آهن. جديد تاريخ شاهدي ڏئي ٿي ته جهموري حڪومتن کي هميشه انهن ئي طاقتور حلقن جي اثر هيٺ آئين ۾ تبديليون يا مثبت قدم کڻڻا پيا آهن. موجوده تنقيد جو وڏو رخ بنيادي طور پاڪستان پيپلز پارٽي ڏانهن آهي. جتي ڪجهه حلقن جي مخصوص جانبداري يا تعصب انهيءَ جو سبب ٿي سگهي ٿو، اتي هڪ اهم سبب پيپلز پارٽي کان وابسته بلند جهموري توقعات پڻ آهن. پارٽي هن پاليسي کي ڇو اختيار ڪيو؟ ان جا حقيقي محرڪ ته پارٽي جا ترجمان بهتر ٻڌائي سگهن ٿا، پر سياست ۽ جمهوريت جا طالب علم هن سموري صورتحال کي ملڪ جي تلخ حقيقتن جي تناظر ۾ ڏسن.

پيپلز پارٽي بنا شڪ شروعات کان ئي جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جي علمبردار رهي آهي. پارٽي جي جهموري ۽ آئيني ڪارنامن ۾ 1973 جو متفقه آئين ۽ 2009 جي ارڙهين ترميم جهڙا درخشاں باب شامل آهن۔ 1973 جي آئين تي ته پوري قوم متفق رهي (سواءِ عمران خان فيض باجوه جي ٽڪنڊي جي اوج دوران، جڏهن ڪجهه فيصلو ڪندڙن تي صدارتي نظام جو بخار چڙهيو هو). جڏهن ته ارڙهين ترميم جي مخالفت اسٽيبلشمينٽ کان وٺي مختلف حڪومتن بشمول عمران خان ۽ شهباز شريف جي حڪومتن جي ڪجهه وزيرن تائين جاري رهي، پر پيپلز پارٽي ۽ ننڍن صوبن جي قيادت اڄ به انهيءَ جو مضبوط بچاءُ ڪري رهي آهي ۽ هن ترميم ۾ به پيپلز پارٽي ان کي کولي بحث جو حصو بڻائڻ کان انڪار ڪيو. افسوس جو اڄ جي نوجوان نسل، خاص طور سوشل ميڊيا کان متاثر ذهن، پارٽي جي انهيءَ تاريخي ڪردار کي وساري موجوده صورتحال تي تنقيد ڪري رهيا آهن۔ تنقيد کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پيپلز پارٽي جي انهن قدمن کي ڏٺو وڃي، جتي پارٽي ’سول بالادستي‘ قائم ڪرڻ چاهيو ته کيس اسٽيبلشمينٽ، ميڊيا ۽ ٻين ’جهموري‘ سياستدانن جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو جتي عوام ۽ خاص طور موجوده ترميم جا تنقيد ڪندڙ گروهه يا ته مخالف ڌرين جو ساٿ ڏيندا رهيا يا خاموش تماشائي بڻيا رهيا:

1989 آءِ ايس آءِ سربراهه جي مقرري :جڏهن پيپلز پارٽي آءِ ايس آءِ جي سربراهه طور رٽائرڊ جنرل شمس الرحمان ڪلو کي مقرر ڪيو، ته پارٽي کي ان جي وڏي قيمت چڪائڻِي پئي. نه رڳو ملٽري اسٽيبلشمينٽ، پر پنجاب جا وڏا سياستدان، صحافي ۽ مذهبي جماعتون به هن مقرري خلاف بيهي ويون. نتيجي ۾ 15 مهينن اندر حڪومت کي ختم ڪيو ويو.

2008 وزارتِ داخلا نوٽيفڪيشن:  2008 ۾ هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ کي وزارتِ داخلا جي ماتحت ڪيو ويو ته عمران خان ۽ نواز شريف سميت سڀني ’جمهوري‘ جماعتن احتجاج ڪيو. افتخار چودھري جي عدليه ۽ ميڊيا جي سخت ردعمل تي صدر زرداري کي اهو نوٽيفڪيشن ڪجهه ڪلاڪن ۾ واپس وٺڻو پيو.

چيئرمين جوائنٽ چيفس (CJCSC): جيڪڏهن اوهان چيئرمين جوائنٽ چيفس جي فهرست ڏسندا ته معلوم ٿيندو ته هي پيپلز پارٽي جا وزيراعظم هئا جن بحريه (1977، 1988) ۽ ايئر فورس (1994) جي آفيسرن کي هن اهم عهدي تي آندو، جيڪو عسڪري قيادت جي توازن جي علامت آهي. شايد ان جون سياسي قيمتون به پارٽي کي ادا ڪرڻيون پيون.

موجوده ترميم تي ٻيون وڏيون تنقيدون ’آئيني عدالت‘ (Constitutional Court) بابت آهن. ڪجهه ماڻهو ان کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پاليسي کان انحراف قرار ڏئي رهيا آهن، جيڪو بلڪل غلط آهي. حقيقت هي آهي ته آئيني عدالت جو تصور 2006 جي ميثاقِ جمهوريت (Charter of Democracy) جو واضح نڪتو هو، جنهن تي بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ٻئي متفق هئا۔ اهو ئي نه، پر عدليه جي معتبر شخصيت جسٽس دراب پٽيل به آئيني عدالت جي حمايت ڪندا رهيا.

افتخار چوڌري جي بحالي کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ’ميڊيا ٽرائل‘ ۽ ’ازخود نوٽيس‘ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، تنهن آئيني عدالت جي ضرورت کي وڌيڪ اهم بڻائي ڇڏيو. اڄ عام شهري جا مقدما سالن تائين لٽڪيل رهن ٿا، پر جيڪڏهن معاملو سياسي هجي يا پرائم ٽائيم ۾ هلندو هجي، ته ڪلاڪن ۾ ٻڌڻي مقرر ٿي وڃي ٿي.افتخار چوڌري، ثاقب نثار، گلزار احمد، عطا بنديال ۽ هاڻوڪي دور تائين عدليه سرخيون ته ضرور بڻايون، پر عوام کي انصاف نه ملي سگهيو. پيپلز پارٽي 1977 کان اعليٰ عدليه جي متعصب رويي جو شڪار رهي آهي، تنهنڪري عدالتي ڍانچي ۾ توازن ضروري هو.

انهن حالتن ۾ آئيني عدالت ڪو خراب آپشن ناهي. اها عدالت ميڊيا، اسٽيبلشمينٽ ۽ طاقتور حلقن جي سياسي نوعيت جي ڪيسن کي نمٽائي سگهي ٿي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ عوامي فوجداري ۽ شهري اپيلن تي ڌيان ڏئي سگهي ٿي. جيڪڏهن هن آئيني عدالت کي ميثاقِ جمهوريت جي روح مطابق ’وفاقي آئيني عدالت‘ بڻايو وڃي، جتي هر صوبي کي برابر نمائندگي ملي، ته اهو وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۾ به اهم قدم ثابت ٿيندو. جتي تائين مبينا ’استثناء‘ جو سوال آهي، ته جيڪڏهن هڪ وڏو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو هڪ استثناء قربان به ٿي ويو آهي، ته ان ۾ خراب ڳالهه ڪهڙي؟ جيڪي استثناء وٺندا رهيا آهن، انهن ڪڏهن عدالتن ۾ پيش ٿي قانون جي پرواهه ڪئي آهي؟ هتي ته جنرل يحيٰ جو جنازو به پروٽوڪول سان ٿيو ۽ ضياءَ ۽ مشرف جهڙا آمر به توپن جي سلامي جا حقدار بڻيا.

پيپلز پارٽي تي اعتراض ڪندڙ ذهنن کان، ۽ عام عوام کان سوال آهي:جيڪڏهن هر جهموري اميد پيپلز پارٽي کان ئي آهي؛ جيڪڏهن آئين لاءِ هر قرباني به پيپلز پارٽي کان ئي گهربل آهي؛ جيڪڏهن مهانگائي، پگهار ۾ واڌ، زرعي مسئلا، ۽ ’ماني، ڪپڙي ۽ اجهي‘ جا مطالبا به هن پارٽي کان ئي پوري ٿيڻا آهن؛ ۽ جيڪڏهن بين الاقوامي فورمز تي ملڪ جي باوقار نمائندگي ۽ پاڪستان جو سيڪيولر، جمهوري چهرو به هن ئي پارٽي کي قائم رکڻو آهي. ته پوءِ ووٽ ڏيندي، عوام جي ترجيحن ۾ ڇا اچي ٿو، جو چونڊ لنڊن يا جده ۾ رهندڙ ميان نواز شريف يا تجرباتي بنيادن تي عمران خان کي ڏني وڃي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.