زندگي، خواب ۽ جدوجھد

تحرير: ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيو

زندگي هڪ اھڙو سفر آهي، جنهن ۾ خوشيون، ڏک، اميدون مايوسيون، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون سڀ گڏ هلن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن هي سفر ڏاڍو اوکو لڳندو آھي ۽ ماڻھو پاڻ کي مشڪلاتن جي گهيري ۾ ڏسندو آهي. پڙهائيءَ جو دٻاءُ، روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد، مستقبل جو فڪر، ناڪامين جو احساس، يا ٻين جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش انسان کي ذهني ۽ جذباتي طور ٿڪائي ڇڏيندي آهي. اهڙن لمحن ۾ اسان کي لڳندو آهي ته شايد زندگي اسان جي خلاف آهي، پر حقيقت ۾ اهي ئي لمحا اسان جي شخصيت کي مضبوط بڻائين ٿا. اهو ئي وقت اسان کي سيکاري ٿو ته ڪاميابي ڪا اوچتو حاصل ٿيندڙ شيءِ ناهي، پر اها هڪ لڳاتار جدوجهد ۽ ثابت قدميءَ جو نتيجو آهي.  تمام گھڻي محنت ۽ جدوجھد کانپوءِ ڪاميابي ۽ سک ملندا آھي. ڏک سکن جي سونھن گهوريا ڏک سکن ريءَ (شاھ سائين). تنھنڪري، زندگيءَ جا ڏکيا مرحلا هر انسان جي آزمائش جو حصو هوندا آهن. ڪڏهن اسان کي لڳندو آهي ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي ۽ ھاڻي ٻيھر اٿي بيھڻ نه صرف مشڪل پر ناممڪن آھي، پر حقيقت اها ناهي ھوندي. انسان جي اندر بي انتها سگهه ۽ همٿ موجود آهي، جيڪا هر مشڪل کي مات ڏئي سگهي ٿي. اسان کي صرف پنھنجو ارادو مضبوط رکڻو آھي. ان لاءِ اسان کي مايوسي يا ناڪامين دوران پاڻ کي وقت ڏيڻ گھرجي يا اھڙن دوستن، رشتي دارن يا ماڻھن سان ملجي يا وري اھڙا آنلائين يا آفلائين وڊيو ڏسجن جيڪي اتساھ پيدا ڪن. مايوس ڪندڙن کان پري رھجي. تنھنڪري، جڏهن اسان مايوسيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃون تڏهن اسان کي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ گهرجي، پاڻ کي ھمت ڏيڻ گھرجي، سوچڻ گهرجي ته هي وقت به گذري ويندو ۽ هي ڏک اسان کي ڪو نئون سبق سيکاريندا يا اسان لاءِ ڪو نئون رستو ڪڍندا. ھونءَ به چوندا آھن ته مايوسي ڪفر آھي تنھنڪري ھاڪاري سوچ پيدا ڪري پنھنجي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪري اڳتي ھلڻ گھرجي نه ڪي رڪجڻ گھرجي. مون اھڙا ڪيترائي ماڻھو ڏٺا آھن جيڪي عرش کان فرش تي ڪريا آھن پر پاڻ سنڀالي وري عرش تي پھچي ويا. اھڙا ماڻھو ۽ انھن جا ڪم ڪرڻ جا طريقا ئي اسان اتساھ ھئڻ گھرجن. ھي  ڳالهه به اسان کي ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته مشڪلاتون اسان کي ٽوڙڻ لاءِ يا پريشان ڪرڻ لاءِ نه، پر اسانکي مضبوط ڪرڻ يا اسان جي ٽٽل ارادن کي وري ٺاهڻ لاءِ اينديون آهن. هر ڏکيو وقت، هر ناڪامي ۽ هر اوکو ڪم اسان جي اندر جي صلاحيتن کي جاڳائيندو آهي. جيڪڏهن زندگي هميشه آسان هجي ته شايد اسان ڪڏهن به پنهنجي حقيقي قوت کي نه سڃاڻي سگھون. ڏکيايون، ناڪاميون،  ۽ ڌوڪا ئي انسان کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ وڌائين ٿيون يا ترقي ڏيارين ٿيون، ڪجھ نئون سيکارين ٿيون ۽ اھڙي طرح اسان جي تجربن ۾ اضافو ڪن ٿيون. هڪ مضبوط انسان اهو ناهي، جيڪو ڪڏهن به نه ڪري، پر ھڪ مضبوط انسان اهو آهي، جيڪو ڪري پوڻ کانپوءِ ٻيهر اٿي بيهي ٿو ۽ اڳتي وڌي ٿو.

ڪڏهن ڪڏهن اسان سماجي، معاشي، تعليمي ۽ نوڪرين وغيرھ جي حوالي سان ٻين سان مقابلو ڪندا آھيون ۽ پاڻ کي گهٽ سمجهڻ لڳندا آھيون. جنھنڪري احساسِ ڪمتري ۾ ھليا ويندا ھيون جيڪو مرحلو اسان ۾ اداسي ۽ مايوسي پيدا ڪندو آھي، جيڪو پڻ ناڪامي جو سبب بڻجي ٿو. ھڪ  ڳالهه اسان کي سمجھڻ گھرجي ته هر ماڻهوءَ جي زندگي ۽ ان جو سفر الڳ هوندو آهي، هر هڪ جو وقت، حالتون ۽ مقصد مختلف هوندا آهن. ٻين سان مقابلو ڪرڻ بدران، پاڻ سان مقابلو ڪرڻ شروع ڪجي. پاڻ کان پڇجي: ڇا آئون اڄ پنھنجي ڪالھوڪي ڏينهن کان بهتر آهيان؟، اڄ مان ڪيترن مسئلن کي منھن ڏنو يا انھن کي حل ڪيو يا پنھنجي منزل طرف وڌيو آھيان يا اتي ئي بيٺو آھيان. جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته سمجهو ته توھان اڳتي وڌي رهيا آهيو. ترقيءَ يا ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو مطلب وڏا قدم کڻڻ ناهي پر روز ٿورو ٿورو اڳتي ھلڻو آھي ۽ پاڻ کي ڪلھ کان بهتر ڪرڻ آهي. ھڪ ڏينھن ۾ سڀ ڪجه حاصل نٿو ڪري سگھجي پر اھو سڀ ڪجھ حاصل ڪرڻ لاءِ گھڻو وقت محنت ڪرڻي پوندي آھي. زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿڪاوٽ، مايوسي ۽ بيزاريءَ جا لمحات به ايندا آهن. اهڙن وقتن ۾ ماڻهن سان ڳالهائڻ، پنهنجن احساسن جو اظهار ڪرڻ ۽ مثبت ماحول ۾ رهڻ تمام ضروري آهي. پاڻ کي اڪيلو نه ڪريو، ڇو ته اڪيلائي انسان کي اندر ئي اندر ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي. سٺن ماڻهن سان گڏ رهڻ، جنھنجو مطلب ٿيو اھڙن ماڻھن سان وقت گذارڻ جيڪي حوصلا ڏين، توھانکي اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائين ۽ اتساھ پيدا ڪن، ڪاميابي آھي. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي چوڌاري اهڙو حلقو ٺاهڻ گهرجي، جيڪو کيس مثبت سوچ ڏئي، نه ڪي مايوس ڪري. ذهني ۽ جسماني صحت ٻنهي جو خيال رکڻ زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو اهم حصو آهي. جڏهن ذهن پرامن هوندو آهي، تڏهن ئي سوچ صاف ۽ فيصلو مضبوط ٿيندو آهي. صحتمند جسم ۽ صاف ذهن گڏجي ئي زندگيءَ ۾ وڏا ڪم ڪرائين ٿا. روزانو ٿورو وقت پاڻ لاءِ ڪڍو، ڪتاب پڙهو، خاموشيءَ ۾ ويهو، ڪثرت ڪريو، گھمو، ويجھي ڪنھن باغ ۾ وڃو يا قدرت جو مشاهدو ڪريو. هي ننڍيون شيون توھانکي اندروني سڪون ڏينديون، مايوسين کي ختم ڪنديون ۽ زندگيءَ ۾ نئون جذبو پيدا ڪنديون جيڪو توھان کي خوش رکندو.

جيڪڏھن مسئلا نه ھجن ته زندگي جي حقيقت جي خبر ئي نه پوندي. تنھنڪري ھر للڪار يا چئلينج سمجھو، ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ڪاميابي ماڻيو. هر ناڪاميءَ پٺيان ڪا ڪاميابي لڪل ھوندي آھي يا وري ڪا نئين سکيا لڪل هوندي آهي. مثال طور، جيڪڏهن توھان ڪنهن امتحان ۾ ناڪام ٿيو ٿا ته اهو توھانکي سيکاريندو ته ڪٿي غلطي ٿي ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪيئن بهتر ٿي سگهجي ٿو. سو زندگي ۾ هر ڏک، هر روڪ ۽ هر ناڪامي دراصل هڪ سبق آهي، جيڪو توھانکي وڌيڪ باشعور ۽ سمجھدار بڻائي ٿو. پنهنجي پاڻ تي يقين رکڻ سڀ کان اهم ڳالهه آهي. پاڻ تي يقين رکڻ جو مطلب اهو ناهي ته توھان هميشه صحيح آهيو، پر اهو ته توھان هر غلطيءَ مان سکڻ لاءِ تيار آهيو. جيڪو ماڻهو پاڻ تي يقين رکندو آهي، اهو ڪڏهن به نااميد نه ٿيندو آهي. ڪيترا ماڻهو زندگيءَ ۾ وڏا ڪم ان ڪري نه ڪري سگهندا آهن جو هو پاڻ تي يقين نه رکندا آهن. جڏهن توھان پاڻ تي اعتماد ڪريو ٿا ته دنيا به توھان تي يقين ڪرڻ لڳي ٿي پر جيڪڏھن توھان پاڻ تي اعتماد نه ڪندا ته ڪو شخص، ادارو يا دنيا توھان تي  اعتماد نه ڪندا.

انسان کي ڪڏهن به پنهنجا خواب نظراندااز نه ڪرڻ گهرجن. خواب ئي زندگيءَ کي معنيٰ ڏيندا آهن. خواب نه صرف منزل ڏيکاريندا آهن، پر محنت ڪرڻ جو حوصلو به ڏيندا آهن. توھان پنھنجي خوابن جو قدر ڪريو ته جيئن توھان جي ڪوشش جو به قدر ٿئي. جيڪو ماڻهو خواب ڏسندو آهي، اھو انهنکي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت به ڪندو آهي، اهو دير سان ئي سهي، پر ڪامياب ضرور ٿيندو آهي. ھڪ  ڳالهه ھميشه ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته توھان جو مستقبل تمام گھڻين موقعن سان ڀريل آهي، بس انھن موقعن کي تلاش ڪريو ڇاڪاڻ ته اھي اوھان جي آس پاس موجود آھن. ان کانپوءِ، زندگيءَ ۾ ڪڏهن به مايوس نه ٿيو. ياد رکو ته اونداهو وقت هميشه گذري ويندو آهي. هر رات جي پڄاڻيءَ تي سوجهرو ضرور ٿيندو آهي. جيڪڏهن اڄ وقت ڏکيو آهي، ته سڀاڻي ضرور بهتر ٿيندو. اميد ئي اها شيءِ آهي، جيڪا انسان کي زنده رکي ٿي. جڏهن سڀ ڪجهه ختم لڳندو آهي، تڏهن به اميد هڪ ننڍڙي روشنيءَ وانگر دل ۾ جذبو پيدا ڪندي آھي، جيڪا اسان کي اڳتي وڌڻ لاءِ همٿ ڏئي ٿي. اميد ئي زندگيءَ کي جيئڻ جو گس ڏيکاريندي آھي ۽ اميد ئي زندگي کي جيئڻ لاءِ جذبو پيدا ڪندي آھي. پوءِ زندگيءَ جو ڪھڙو به روپ ھجي پر جيئڻ جو جذبو زندھ رھندو آھي. انور پيرزادي چواڻي ”زندگي ڪيڏي به ڏکي، ڪيڏي به رکي، ڪيڏو به ڏچو، جي سچ پڇو موت کان پياري آھي.“

دنيا کي توھان جي صلاحيت، توھان جي جاڳرتا واري خيال، توھان جي نئين انداز ۽ توھان جي نئين سوچ جي ضرورت آهي. توھان منفرد آهيو، توھان جي اندر اهڙي سگهه آهي جيڪا شايد توھان پاڻ به اڃا تائين نه سڃاڻي سگھيا آھيو هر انسان جي اندر هڪ اھڙو خيال يا جذبو لڪل ھوندو آهي، جيڪو جيڪڏهن بيدار ٿي وڃي ته دنيا بدلائي سگهي ٿو. تنهنڪري پنهنجو پاڻ کي گهٽ نه سمجهو، ڀلي وقت مشڪل هجي، پر پنهنجو پاڻ کي روڪيو نه، جنھن رستي تي ھلو پيا، اھو ھلڻ جاري رکو. جيڪي ماڻهو هار نه مڃيندا آهن، اھي ئي ڪامياب ٿيندا آھن ۽ تواريخ انهن به انھن کي ياد رکندي آهي. ياد رکو، ننڍا قدم به وڏين منزلن ڏانهن وٺي ويندا آهن. جيڪڏهن توھان هر ڏينهن صرف هڪ قدم به اڳتي وڌو ٿا، ته سال جي پڄاڻيءَ تائين توھان 365 قدم اڳتي ندا. اها ئي زندگيءَ جي سچي ترقي آهي. آهستي آهستي ئي سھي پر مسلسل اڳڀرائي سان ھلو. زندگيءَ جو راز ئي اهو آهي ته ڪڏهن به رڪبو نه، بلڪ اڳتي وڌڻ جو حوصلو رکو.

اسان کي پنهنجي معاشري ۾ به اهڙو سوچڻ جو مزاج پيدا ڪرڻو پوندو، جيڪو حوصلا افزائي، همت ۽ مثبت سوچ کي وڌائي. جڏهن هر ماڻهو پاڻ کي سڌاريندو، ته گڏجي سڄو سماج سڌرندو. اسان جي سوچ، اسان جو رويو ۽ اسان جا عمل ئي سماج جو چهرو بڻجن ٿا. جيڪڏهن اسان اميد ۽ يقين سان سوچينداسين، ته اسان جو ايندڙ نسل به اميد ۽ يقين سان جيئندو ۽ اڳتي وڌندو رھندو. اها ڳالهه هميشه ياد رکو ته زندگي هڪ تحفو آهي ۽ هر ڏينهن هڪ نئين شروعات آهي. ماضي جي غلطيئن تي افسوس ڪرڻ بدران، مستقبل لاءِ ڪم ڪريو. پاڻ سان محبت ڪريو، ٻين سان ڀلائي ڪريو ۽ زندگيءَ ۾ شڪر ڪرڻ جو احساس پيدا ڪريو. جڏهن انسان شڪر گذار ٿيندو آهي ته زندگي پاڻ ئي خوبصورت لڳڻ لڳندي آهي. زندگيءَ ۾ ڏک، غم ۽ مشڪلاتون ڪڏهن به ختم نه ٿينديون، پر انهن سان منهن ڏيڻ جو انداز بدلجي سگهي ٿو. جڏهن توھان حوصلي، يقين ۽ اميد سان اڳتي وڌندا ته هر مشڪل آسان لڳندي. تنهنڪري، پاڻ تي يقين رکو، محنت جاري رکو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي اهڙو بڻايو جو نه رڳو توھان خوش رهو پر توھان ٻين کي خوشي ڏيڻ جو سبب بڻجو. زندگيءَ جو حقيقي حسن به ان ۾ آهي ته انسان ٻين انسانن کي خوش رکي ۽ سماج ۾ تبديلي آڻي.  ڪڏهن به هار نه مڃي، بلڪ هر ڀيري نئين همت سان اڳتي وڌندو رهي..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.