آبادگار پنهنجي خاندان جي روزيءَ لاءِ، پنهنجن ٻارن جي مستقبل لاءِ، قرض لاهي، سرمايو لڳائي، فصل تائين پهچندو آهي. پر جڏهن اهو فصل تيار بيٺو هوندو آهي، تڏهن حڪومت طرفان نه وقت سر شگر ملن کي هلائڻ جي تاريخ ڏني ويندي آهي ۽ نه ئي سرڪاري اگهه جو اعلان ڪيو ويندو آهي. نتيجي ۾ ڪمند جا ٽوپڙا وقت جي گذرڻ سان سڙڻ شروع ٿين ٿا، وزن گهٽجڻ لڳي ٿو، شگر ريشو گهٽجي وڃي ٿو، ۽ اهو سڄو فصل جيڪو زندگيءَ جي سهاري طور پوکيو ويو هوندو آهي، تباهيءَ جي ڪناري تي بيهي وڃي ٿو. حڪومت جي هن بي ڌيانيءَ جو سڀ کان وڏو فائدو انهن شگر مل مالڪن کي ملي ٿو، جيڪي اڳ به هر سال دير سان ملون هلائي آبادگارن کي مجبور ڪندا رهيا آهن ته هو پنهنجو فصل گهٽ اگهه تي وڪرو ڪن. شگر ملز جو دير سان هلڻ ڪا حادثاتي غلطي ناهي، پر مڪمل منصوبه بنديءَ تحت ڪئي ويندڙ چال آهي. ملز مالڪ ڄاڻي واڻي سيزن کي ڊلي ڪري، آبادگارن کي مجبور ڪن ٿا ته هو فصل کي زمين ۾ بيٺو ڏسي پريشان ٿين، نقصان جو خوف کين جڪڙي، ۽ آخر ۾ پنهنجو ڪمند گهٽ اگهه تي ملن جي حوالي ڪري ڇڏين. اهو ئي عمل هن سال ٻيهر ٿي رهيو آهي.
سنڌ جي زرعي تاريخ ۾ شايد ڪڏهن به اهڙي بيحسي، هٺ ڌرمي ۽ ظلم جو گڏيل مظاهرو نه ڏٺو ويو آهي، جيڪو اڄ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. شگر ملز مافيا جي طاقت جو اندازو ان ڳالهه تان لڳائي سگهجي ٿو ته هو نه رڳو ملون دير سان هلائين ٿا، پر ڪمند وٺڻ وقت به پنهنجا شرط مڙهن ٿا. مخصوص وزن جا ضابطا، بار بار ڪاغذن جا بهانا، ٽرالن کي گيٽن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهارڻ، ڪڏهن “ريڪوري گهٽ آهي” جو الزام، ڪڏهن “گندو مال آهي” جو نالو ڏئي ڪمند جي قيمت گھٽ ڪرڻ اهي سڀ طريقا آبادگارن کي تنگ ڪرڻ، ذهني طور ڪمزور ڪرڻ ۽ معاشي طور خساري ۾ ڌڪڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا. اهڙي عمل سان نه رڳو فصل جو نقصان ٿيندو آهي پر ٽرانسپورٽ، مزدورن، ڪاشتڪارن ۽ وابسته شعبي جي هر ماڻهو جو نقصان وڌي وڃي ٿو.حڪومت جنهن جو بنيادي فرض آهي ته هو آبادگارن جي حفاظت ڪري، زرعي پاليسين کي منصفاڻي ۽ مؤثر بڻائي، سرڪاري اگهه مقرر ڪري ۽ ملز مالڪن جي اجاراداري کي روڪي، انهن سڀني ذميوارين کان پنهنجو پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو آهي. نه وزير زراعت کي ڪا پرواهه آهي، نه ضلعي انتظاميا کي ڪو فڪر آهي، ۽ نه ئي ڪنهن اٿارٽي کي آبادگارن جي ڏک تڪليف نظر اچي ٿي.
سرڪار لاءِ ڪمند جو بحران ڄڻ ته ڪو مسئلو آهي ئي نه پر جيڪو ماڻهو سال جو سڀ ڪجهه هن فصل تي رکي ٿو، ان لاءِ اها سڄي زندگيءَ جو سوال آهي.بحران جا اثر رڳو موجوده فصل تائين محدود ناهن، پر ايندڙ سيزن جي مڪمل زرعي ترتيب کي به خطري ۾ وجهي رهيا آهن. ڪمند جي دير سبب زمين خالي نه ٿي سگهي، ۽ نتيجي ۾ ڪڻڪ جي پوک ۾ سو کان هزارين ايڪڙن تي دير ٿي رهي آهي. گندم جيڪا ملڪ جي خوراڪ جو بنيادي جز ہے، جيڪڏھن ان جي پوک گهٽ ٿي وئي ته غذائي بحران جا در کلي سگهن ٿا. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل اڳ ۾ ئي پاڻي کوٽ، مهانگائي ۽ ناقص پاليسين سبب متاثر آهي، ۽ هاڻي ڪمند جو بحران ان خطري کي ٻيڻو ڪري رهيو آهي. آبادگار نفسياتي، معاشي ۽ سماجي دٻاءَ جو شڪار آهن. قرض ڏيندڙ اداري جا دٻاءُ، ٻارن جي ڍل فيسن جا مسئلا، روزمره جي گهر خرچن جا بحران، سيزن جي تياري لاءِ ٻيهر سرمايي جو خاڪو اهي سڀ ڳڻتيون روز وڌي رهيون آهن. هزارين خاندان اهڙي غير يقيني صورتحال ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، جتي انهن وٽ نه مستقبل جي اميد آهي ۽ نه موجوده وقت جو ڪو آسرو. سنڌ جي اقتصادي ڍانچي تي به ان جا وڏا اثر پئجي رهيا آهن.
شگر انڊسٽري سنڌ ۾ نه رڳو کنڊ جي پيداوار جو وڏو ذريعو آهي، پر هتي لکين ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. ملز بند رهنديون ته راڻا، ٽرانسپورٽر، مزدور، ليبر، مڊل مين، هارين ۽ درجنون ٻين شعبي جا ماڻهو متاثر ٿيندا. کنڊ جي پيداوار گهٽ ٿيندي ته مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌنديون، مهانگائي وڌندي، صارفين تي بار وڌندو، ۽ ملڪ جي درآمدي بل ۾ اضافو ٿيندو. يعني بحران رڳو هڪ فصل جو نٿو، پر سڄي معاشي ڍانچي کي هلايو ڇڏيندو. اهو راز به ڪنهن کان لڪل ناهي ته گهڻا شگر مل مالڪ پاڻ سياستدان آهن. انهن کي حڪومتن ۾ اثر رسوخ حاصل آهي، جنهن جو نتيجو اهو آهي ته انهن کي قانون کان به مٿانهون مقام ملي وڃي ٿو. حڪومت کين للڪارڻ بدران انهن سان گڏجي پاليسيون ٺاهي ٿي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو هر سال ساڳي راند ورجائي وڃي ٿي. آبادگار هر سال هاريون لکين رپيا لڳائي ڪمند پوکين ٿا ۽ مل مالڪ هر سال ساڳي رک سان سندن ڪمائي کسي وٺن ٿا. بحران جو حل ناممڪن ناهي، پر ان لاءِ نيت، همت ۽ سياسي عزم جي ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي سنجيده آهي ته ان کي فوري طور تي سرڪاري اگهه جو اعلان ڪرڻو پوندو، شگر ملن کي قانوني پابند بڻائڻو پوندو ته هو وقت سر هلن، آبادگارن لاءِ هڪ منصفاڻي نظام بڻائڻو پوندو جنهن ۾ ڪو به ڪميشن نه هجي، ڪا به ناجائز ڪٽوتي نه هجي، ۽ نه ئي ڪنهن کي اجاراداريءَ جو حق هجي. آبادگارن لاءِ جديد مشينري، سبسڊي، پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ، ۽ مارڪيٽ تائين سڌي رستي جي فراهمي ضروري آهي. جيڪڏهن سرڪار شگر ملز خلاف سخت قدم کڻي، ته چند سيزنن ۾ صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.
هن وقت سنڌ جي ساري زرعي زندگيءَ کي وڪوڙي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڪمند جي بحران کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته هن مسئلي کي رڳو موجوده حالتن تائين محدود نه ڪيو وڃي، پر ان پس منظر کي به ڏٺو وڃي جنهن ۾ سالن کان هلندڙ بي ترتيبي، سياسي مداخلت ۽ حڪومتي ادارن جي ڪمزوريءَ سبب زرعي شعبي جو هڪ وڏو حصو زوال جو شڪار ٿيو آهي. ڪمند جو فصل جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي هو، اڄ انتظامي بي ضابطگين، حڪومتي نااهلي ۽ شگر ملز جي طاقتور لابيز سبب زخم زخم نظر اچي ٿو. بحران جي جڙن کي ڏسجي ته ان جو آغاز اتي کان ٿئي ٿو، جتي حڪومتي پاليسين ۾ تسلسل جو فقدان پيدا ٿيو، زرعي نظام ۾ احتساب جون گهريون کوٽيون پيدا ٿيون، ۽ معاشي نظام ۾ ان طبقي کي نظرانداز ڪيو ويو جيڪو هن سڄي نظام جي بنياد آهي. سنڌ ۾ زرعي نظام جي تباهي ڪو اوچتو ٿيندڙ حادثو ناهي، پر هڪ ڊگهي عمل جو نتيجو آهي. پاڻيءَ جي غيرمنصفاڻين ورڇن، روينيو کاتي جي بدانتظامي، زراعت کاتي جي غيرفعاليت، ۽ سياسي مفادن تي ٻڌل پاليسين زرعي پيداوار کي شديد متاثر ڪيو آهي. ان مٿان شگر ملز مالڪن جي اجاراداري جنهن ۾ هو رڳو منافعو ڏسن ٿا پر هاري جي دل، محنت ۽ پگهر جي ڪا قيمت ناهي سمجهندا، صورتحال کي تمام گهڻو خراب ڪيو آهي. جڏهن هڪ آبادگار کي پنهنجي ئي فصل جي قيمت لاءِ مهينن مهينن انتظار ڪريڻو پوي، جڏهن مل مالڪ بنا ڪنهن قانوني خوف جي ڪمند جو اگهه گهٽ ڪرڻ ۽ ادائگيءَ ۾ دير ڪرڻ جهڙا ظلم ڪن، ۽ جڏهن حڪومت صرف خاموش تماشائي بڻجي رهي، ته پوءِ زرعي شعبي جي بقا پاڻ ۾ هڪ سوال بڻجي وڃي ٿي.
اڄ سنڌ جو آبادگار نه صرف معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي، پر نفسياتي طور به ٽٽڻ لڳو آهي. هر سال سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ هو اميد رکي ٿو ته شايد هن ڀيري حڪومت فوري قدم کڻي، ٿي سگهي ٿو مل وقت سر هلي، شايد هن ڀيري فصل وقت تي وڪامجي. پر هر سال ساڳي نااميدي، ساڳيون دشوارون ۽ ساڳي ناانصافي سندس مقدر بڻجي وڃي ٿي. ڪجهه آبادگار ته انهيءَ حد تائين مجبور ٿي ويا آهن جو اهي ڪمند جي پوک کي ئي ڇڏي ٻين گهٽ منافعي وارن پر محفوظ فصلن ڏانهن وڃڻ جو سوچي رهيا آهن. پر مسئلو اهو آهي ته ڪمند نه پوکڻ سان صرف آبادگار متاثر نه ٿيندو پر سڄو سنڌي زرعي ڍانچو الزام کان بچي نه سگهندو. سنڌ ۾ شگر انڊسٽري نه رڳو کنڊ جي پيداوار جو ذريعو آهي، پر سنڌ جي صنعتي ڍانچي جو هڪ وڏو ستون سمجهيو وڃي ٿو. شگر ملون بند، دير سان هلائڻ يا گهٽ پيداوار ڏيڻ جو مطلب آهي ته روزگار جا هزارين در بند ٿي وڃن. مزدور جن جا گهر انهن ملن سان هلن ٿا، ٽرانسپورٽر جن جي سڄي ڪمائي ڪمند جي اپ لوڊنگ ۽ لاٿنگ تي آهي، مارڪيٽ جا هزارين ڪاروبار جن جو دارومدار کنڊ جي وهڪاري تي آهي—اهي سڀ هڪ زنجير جيان متاثر ٿين ٿا. جيڪڏهن انهيءَ بحران کي نه روڪيو ويو ته سنڌ نه صرف زرعي زوال کي منهن ڏيندي بلڪه صنعتي ۽ سماجي سطح تي به وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. ڪمند جي بحران سان گڏ پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو به شديد ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ ۾ ناصافي، اپرسن ڪئنالن جي بندش، غيرقانوني موٽ، بااثر ماڻهن جا ناجائز واهه ۽ پاڻي چوري زرعي شعبي جي تباهيءَ جا بنيادي عنصر آهن. جڏهن ڪمند کي وقت سر پاڻي نه ملي، ته فصل بيمارين جو شڪار ٿي وڃي ٿو، پيداوار گهٽ ٿي وڃي ٿي ۽ آبادگار جو خرچ ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. اهو ظلم آهي ته جيڪو شخص پاڻيءَ لاءِ پگهر وهايو ٿو، هن کي پاڻيءَ تي به ڪنٽرول نه ٿو ملي، جڏهن ته ڪجهه خاص ماڻهو هزارين ايڪڙن کي بنا روڪ ٽوڪ پاڻي ڏئي رهيا آهن. ان کان علاوه سنڌ جي زرعي نظام ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي کوٽ به بحران جو وڏو سبب آهي. دنيا جديد مشينري، ڊرپ ايريگيشن، سمارٽ فارمنگ ۽ اعليٰ معيار جي بِيِج طرف وڃي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ جو آبادگار اڃا تائين پراڻن طريقن سان پوک ڪندو آهي.
حڪومت جيڪڏهن واقعي زرعي شعبي کي بهتر ڪرڻ چاهي ٿي ته هن کي جديد ٽيڪنالاجين تائين سستي رسائي فراهم ڪرڻ لازمي آهي، پر موجوده صورتحال ۾ ته سرڪار پنهنجا بنيادي فرض به پوري ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. شگر ملز کي هلايو وڃي ٿو ته وقت سر ادائگي نه ڪئي وڃي، ادائگي ڪئي وڃي ٿي ته بنا رسيد جي ڪئي وڃي ٿي، ۽ جيڪڏهن رسيد ملي ٿي ته رقم ۾ ناجائز ڪٽوتيون ڪري وٺي وڃن ٿيون. ڪيترائي آبادگار ٿاچو ٿا ڏين ته سندن ڪمند جو وزن گهٽ لکيو ويندو آهي، کين “گندو مال” يا “گهٽ ريشو” جو نالو ڏئي پئسا گهٽ ڏنا ويندا آهن. جڏهن هڪ غريب هاري پنهنجي محنت سان ڀريل ٽرالي مل جي گيٽ وٽ کڻي وڃي ٿو ۽ کيس بدتميزي، ذلت ۽ ناانصافي ملي ٿي.