سکر ۾ 13 ورهين جو ٻار بنا ايف آءِ آر جي 14 ڏينهن کان لاڪ اپ ۾ بند

سکر (رپورٽ سيد نعيم شاھ)سکر پوليس انسانيت ۽ قانون جون جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا 13 سالن جي ڄمار واري ٻار کي بغير ايف آئي آر جي چوڏهن ڏينهن کان لاڪ اپ ۾ بند ڪرڻ جو انڪشاف ذريعن مان مليل معلومات موجب، پوليس طرفان قانون جي ڀڃڪڙي جو هڪ وڏو واقعو سامهون آيو آهي، جتي هڪ بااثر شخص جي چوڻ تي ٿاڻي جي ايس ايڇ او هڪ ننڍي عمر جي ٻار ۽ سندس پيءُ کي چوري جي الزام هيٺ بنا ڪا قانوني ڪارروائي ڪيل 14 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان ٿاڻي ۾ بند ڪري رکيو آهي. پاڪستان جي چائلڊ پروٽيڪشن قانون موجب ڪابه پوليس ڪنهن به نابالغ ٻار کي عام قيد خاني ۾ نٿي رکي سگهي، پر ان لاءِ الڳ محفوظ جڳهه (Safe Custody) مهيا ڪرڻ لازمي هوندي آهي۔ ان سان گڏ، ٻار کي گرفتار ڪرڻ بعد 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽرٽ اڳيان پيش ڪرڻ قانوني ذميواري آهي, جيڪا سختي سان نظرانداز ڪئي وئي آهي قانوني ماهرن ۽ وڪيل برادري موجب، سنڌ ۾ ننڍن ٻارن لاءِ الڳ جيلون ۽ تربيتي ادارا موجود آهن، جتي انهن کي خاص نگراني ۽ تحفظ هيٺ رکيو ويندو آهي، پر ان جي ابتڙ پوليس ٻار کي بالغ قيدين سان گڏ بند ڪري، واضح طور ٻارڙن جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي وڪيلن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هن غير قانوني عمل بابت جڏهن ايس ايڇ او کان پڇيو ويو ته هن نه ڪا وضاحت پيش ڪئي ۽ نه ئي ڪا قانوني پوزيشن ٻڌائي، جنهن سان شڪ شبها وڌيڪ وڌي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.