ڪراچي/مٽياري (پ ر+ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته مفاد پرست قيادت آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي قرض وٺي ملڪ ۽ قوم کي وڌيڪ مقروض ڪري مهانگائي جو طوفان، بيروزگاري ۾ واڌ ۽ ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته جيڪو به ملڪ آءِ ايم ايف وٽ ويو اهو ترقي نه پر تباهي ۽ بربادي ڏانهن وڌيو. هن وقت ملڪ جو اڌ ساليانو بجيٽ وياج ۽ قرضن جي واپسي ۾ هليو وڃي ٿو. وفاقي وزير خزانه پاران قومي اسيمبلي ۾ سال 2025 دوران سرڪاري قرضن ۾ 9.3 ٽريلين رپين جي اضافي وارو بيان حڪومت جي معاشي ترقي جي دعوائن جي خلاف آهي،اهڙن خيالن جو اظهار هن مٽياري ۾ اجتماع عام جي تيارين جي سلسلي ۾ ضلعي ذميوارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ظاهر ڪيو. ان موقعي تي صوبائي نائب امير محمد افضال آرائين، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سهيل احمد شارق، ضلعي امير فقير محمد لاکو ۽ ٻيا ذميوار پڻ موجود هئا.