جاتي(رپورٽ: بابو غلام حسين ملاح) سنڌي نيشنل ڪانگريس طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ، سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڊيم ٺاهڻ ۽ 27 ترميم خلاف رٿيل لانگ مارچ لاءِ جاتي م جاڳرتا مھم هلائي وئي، انهي سلسلي ۾ سنڌي نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻ سارنگ جويو ، اسد شاهه ۽ ٻين جا مختلف ھنڌن تي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي تي قبضي ۽ وسيلن کي ڦٻائڻ لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا تيار ڪيا ويا آهن ، لاڙ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس مان مقامي سنڌي ماڻهن کي ڪوبه فائدو يا نوڪريون ناهن ڏنيون ويون، سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ لاءِ مختلف سازشون ڪيون پيون وڃن.