اسلام آباد(بيورو)سينئر صحافي اطهر ڪاظمي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته حڪومتي شخصيتن جي بيانن ۽ تقريرن مان اهو تاثر ملي رهيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جو مقصد عدليه ۾ اصلاحات آڻڻ يا نظام انصاف کي درست ڪرڻ نه، پر جج صاحبان کي "درست” ڪرڻ هو۔سوال اهو آهي ته:توهان ترميمون ڪري ڇڏيون، پر ان کان پوءِ عدليه ۽ ججن بابت ايترييون جارحاڻين ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟جيڪڏهن اها ترميم عام ماڻهو ۽ انصاف جي فراهمي ۾ آساني لاءِ آهي، ته ان بابت به واضح طور تي بيان ڏيو۔واضح ڪريو ته انهن سڌارنسان عام ماڻهو کي سستو ۽ تيز انصاف ڪيئن ملندو؟