سنڌ ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت،828 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر) ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيلٿ پوري صوبي سنڌ ۾ ڊينگي جي صورتحال بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي۔ رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري صوبي مان سرڪاري اسپتالن ۾ 99 جڏهن⁠ ته نجي اسپتالن ۾ 85 نوان ڊينگي مريض داخل ٿيا۔. سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا 249 مريض ۽ نجي اسپتالن ۾ 160 مريض علاج  هيٺ آهن۔گذريل ڏينهن ڊينگي سبب 2 فوتگيون پڻ رپورٽ ٿيون۔ڊينگي ٽيسٽنگ بابت رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ 38 جڏهن⁠ ته حيدرآباد ۾ 19 ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن۔ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مجموعي طور 4 هزار 598 ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 828 جا نتيجا مثبت آيا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.