عدليه مفلوج ٿي وئي اپوزيشن پاران 21 نومبر تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو هنگامي اجلاس اسلام آباد ۾ غير آئيني 27 هين ترميم خلاف منعقد ٿيو، جنهن جي اڳواڻي چيئرمين محمود خان اچڪزئي ڪئي. اجلاس ۾ اسد قيصر، علامه راجا ناصر عباس، بئريسٽر گوهر خان، سلمان اڪرم راجا، اختر مينگل، زين شاهه، ساجد ترين، مصطفيٰ نواز کوکر، فردوس شميم نقوي، حسين يوسف زئي، خالد يوسف  چوڌري، علي اصغر خان، شوڪت بسرا  ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 27 هين ۽ 26 هين آئيني ترميمن کي رد ڪيو ويو، انهن کي آئين جي بنيادي ڍانچي جي خلاف قرار ڏنو ويو. شرڪت ڪندڙن چيو ته اهي ترميمون عدليا کي انتظاميا جي ماتحت ڪري آئين جي روح کي تباهه ڪري رهيون آهن. اڳواڻن چيو ته تڪراري آئيني ترميمن عدليا کي مڪمل طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ جو اختيار ۽ وجود عملي طور ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪير به شخص، عهديدار آئين ۽ قانون کان مٿانهون ناهي ۽ آئين ۾ شخصيتن کي ڇوٽ قرآن، سنت، جوابدهي جي بنيادي اصول، جمهوريت جي ابتڙ آهي. اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي ججن منصور علي شاهه ۽ اطهر من الله جي استعيفيٰ کي آئين تي حملي جي خلاف مزاحمت جي طور تي ساراهيو. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان موجب، آئيني ترميمن کانپوءِ گڏيل آئين کي تڪراري بڻايو ويو آهي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ وحدت سان راند کيڏي پئي وڃي. ترجمان اخوانزادا حسين احمد يوسفزئي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، مطالبو ڪيو ويو ته آئين کي ان جي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو وڃي. اڳواڻن خيبر پختونخوا امن جرڳي جي پڌرائي جي حمايت ڪئي ۽ مختلف احتجاجي سرگرمين جو اعلان ڪيو. هنن چيو ته غيرآئيني ترميمن خلاف مزاحمت ۽ جدوجهد جو عزم ڪريون ٿا، آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرائڻ تائين جمهوري طريقي سان احتجاج ڪيو ويندو، آئين جي بحالي تائين تحريڪ جو اعلان ڪريون ٿا. سومر تي قومي اسيمبلي سينيٽ جا ميمبر سپريم ڪورٽ تائين مارچ ڪندا ۽ 21 نومبر، جمعي ڏينهن ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. پنجاب اسيمبلي جا ميمبر لاهور هاءِ ڪورٽ تائين مارچ ڪندا. خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ آئيني ترميم خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو. اڳواڻن عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ ٻين سياسي قيدين جي فوري طور تي آزادي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي جيلن ۾ قيادت ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو، گڏوگڏ سڀني سياسي قيدين جي آزادي جي گهر ڪئي. اڳواڻن چيو ته هارين، صنعتڪارن ۽ معاشري جي پٺ تي پيل طبقن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.