گھوٽڪي ضلعي کي جيڪڏهن پاڪستان لاءِ” سوني جي جهرڪي “ سڏجي ته اهو غلط نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته بظاهر ننڍو نظر ايندڙ هي ضلعو ملڪي معيشت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو. هتي اربين روپيا ساليانو ڪمائيندڙ وڏيون گيس ڪمپنيون، ڪيميائي ڪارخانا، فرٽيلائيزر پلانٽس، ننڍيون فيڪٽريون ۽ شوگر ملون وڏي پيماني تي موجود آهن. اهڙن وڏن ادارن جو ڪنهن علائقي ۾ هجڻ ان علائقي جي خوشحالي ۽ امن جي علامت هوندو آهي، پر گهوٽڪي واسين لاءِ صورتحال ان جي ابتڙ آهي.
جيڪڏهن تاريخي پسمنظر کي ڏسجي ته ضلعي گهوٽڪي جو عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بدامني، پدرشاهي سوچ، ناقص حڪومتي پاليسين، ڪاروڪاري، ڪرپشن، جاگيرداراڻي نظام، جبري مذهبي تبديلي، تعليمي فقدان، بيروزگاري ۽ مهانگائي جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ مٿان وري صنعتن جي باقيات رهي سهي ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي. صنعتن مان نڪرندڙ زهريلا ڪيميائي مادا ۽ فضلو، غير انتظامي روين سبب قدرتي ماحول ۽ عوام لاءِ تباهي جو سبب بڻيل آهي جنهن علائقي واسين کي وڌيڪ بحرانن ۾ ڌڪي ڇڏيوآهي. . هن وقت صنعتن مان نڪرندڙ زهريلا ڪيميائي مادا ۽ فضلو، غير انتظامي روين سبب قدرتي ماحول ۽ عوام لاءِ تباهي جو سبب بڻيل آهي ۽ افسوس جوعلائقي جي قدرتي وسيلن تي اربين روپيا منافعو ڪمائيندڙ ڪمپنين ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وڏي بجيٽ کڻندڙ مقامي اداران وٽ مقامي ماڻهن جي بهتر زندگي، تعليم، صحت ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ ڪنهن پائيدار لائحه عمل جو وڏو فقدان آهي.
گهوٽڪي ضلعي جو شمار سنڌ ۾ ٽيڪس ڏيندڙ ٻئين نمبر ضلعي طور ٿئي ٿو پر هتان جي مقامي آبادي علائقي اندر ايترين صنعتن هجڻ باوجود بدحالي ۽ ماحولياتي آلودگي جهڙن بحرانن جو شديد شڪار آهي. انٽرنيشنل ادارن طرفان تشڪيل ڏنل قانونن مطابق اها صنعتن جي ذميداري هوندي آهي ته جنهن علائقي جا وسيلا اهي استعمال ڪن ٿيون انهي علائقي جي ماڻهن جو روزگار، ماحولياتي تحفظ، صحت، تعليم ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪن پر اسان وٽ صورتحال ان جي ابتڙ آهي نه صرف ايترو بلڪه پنجاب مان ايندڙ صنعتي فضلو جنهن تي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه اکيون ٻوٽي ويٺي آهي ان سبب به ماحول کي خطرناڪ حد تائين نقصان رسي رهيو آهي.
انگريزي اخبار دي ٽربيون ۾ ڇپيل رپورٽ موجب پنجاب جي صنعتن مان نڪرندڙ زهريلا ڪيميڪل وڏي مقدار ۾ گهوٽڪي جي زمين ۾ ڇوڙ ڪيا وڃن ٿا، جيڪي گهوٽڪي جي گهڻائي ڪلوميٽر سرسبززمين کي بنجر ڪرڻ کان علاوه پاڻي ۽ هوا ۾ ملي انساني صحت لاءِ خطرو بڻجن ٿا. گهوٽڪي جي هڪ وڏي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ملازم جو چوڻ هو ته صنعتن مان نڪرندڙ زهريلا ڪيميائي مادا ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري زير زمين موجود پاڻي جا ذخيره کارا ٿي ويا آهن جنهن سبب گهوٽڪي جو 70 فيصد عوام پيٽ جي بيمارين سميت هيپاٽائيٽس جو شڪار آهي. انهي جو وڌيڪ چوڻ هو ته موسم جي تبديلي ۽ صنعتي فضلن جي غيرمعياري ۽ غير سنجيدا انخلاءَ جي ڪري ماڻهن کان علاوه مال مويشي، پولٽري، مڇي جي ٻج تي به منفي اثرات پون ٿا، جنهن سبب معاشي بحران، غذائي قلت، ۽ مقامي بي روزگاري کي شديد نقصان رسي ٿو.
گهوٽڪي ۾ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ هڪ اين جي او ويليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن طرفان شايع ڪيل رپورٽ مطابق، جڏهن گهوٽڪي جي 200 علائقن مان پيئڻ جي پاڻي جا نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا ته نتيجن مان ثابت ٿيو ته گهوٽڪي جو صاف ۽ مٺوپاڻي هن وقت عوام جي پيئڻ لاءِ محفوظ ناهي رهيو. صنعتي فضلي سبب پاڻي گدلاڻ جو مسلسل شڪاررهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هيپاٽائيٽس، ڊائريا، چمڙي ۽ ڪينسر جهڙيون خطرناڪ بيماريون وڌي رهيون آهن. افسوسناڪ صورتحال وري اها آهي ته اهڙي سنگين مسئلي تي نه ڪا تحقيق سامهون آئي آهي ۽ نه ئي ڪي انگ اکر موجود آهن. اهو زهر آلود پاڻي نه صرف انسانن لاءِ پر زراعت لاءِ به وڏي نقصان جو سبب بڻجي ٿو. پاڻي ۾ ڪيميائي ملاوٽ غريب هارين جي ٻجن ۽ فصلن کي تباه ڪري رهي آهي، جنهن سبب انهن غريب عوام جي معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي.
ماحولياتي ادارن پنهنجي ريسرچ رپورٽس ۾ گهوٽڪي کي ڏڪر سٽيل ضلعن ۾ شمار ڪري ڇڏيو آهي پر ادارن طرفان مجرماڻي خاموشي ان مسئلي کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. صنعتن مان نڪرندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ ٻين زهريلي گيسن سبب جتي گهوٽڪي جي ماحول ۾ گرمي پد کي وڌائي ڇڏيو آهي ، اتي هوا کي به زهر آلود ڪري ڇڏيو آهي. صنعتن مان نڪرندڙ دونهون ۽ زهريلا ذرا جيڪي انساني وار کان به 30 سيڪڙو وڌيڪ ننڍا ٿين ٿا، انساني جسم ۾ نڪ ۽ وات ذريعي داخل ٿي مختلف بيمارين مثلن دمہ، ڦڦڙن جي بيماري، اکين جي تڪليف، کنگهه ۽ دل جي بيمارين جو وڏو سبب بڻجن ٿا. گهوٽڪي جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس اڪثر، آلودگيءَ سبب 100 انڊيڪس کان مٿي رهي ٿي ڇاڪاڻ ته ان ۾ پي ايم 2.5 ذرن جو تعداد نارمل سطح کان گهڻو رهي ٿو، هڪ مقامي ماڻهو کان انٽرويو ڪندي خبر پئي ته گهوٽڪي جي صنعتن مان نڪرندڙ صنعتي فضلو ۽ زهر آلود پاڻي جيڪو وافر مقدار ۾ روز جي بنياد تي نڪري ٿو، ان کي صحيح ۽ ذميداراڻي طريقي سان نيڪال ڪرڻ جي بجاءِ ڪيميڪل وارو پاڻي مقامي آبادين ۽ زمين کان هيٺ پاڻي جي جرن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو جيڪو ماحول ۽ پاڻي جي آلودگي سان گڏ مختلف بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. هن انڪشاف ڪيو ته روڊن تي اڪثر فيڪٽرين مان نڪندڙڪيميڪل وارو پاڻي هاريو وڃي ٿو ۽ پوءِ اهو پاڻي جڏهن سڪي هوا ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌئيندي چيو ته گهڻو وقت اڳ مقامي ماڻهن صنعتن جي غير ذميداراڻي روين خلاف آواز اٿاريو ويو پر ذميدار ادارن، جاگيردارن، ۽ سياسي نمائندن جي ملي ڀڳت جي ڪري ڪجه حاصل ڪون ٿيو ۽ ادارن جا تمام خوبصورت دستاويز موجود آهن پر عملي طور ڪم نه هئڻ جي برابر آهي، ايتري وڏي بجيٽ هيٺ کان وٺي مٿي تائين اسيمبلين جا ميمبر کائي پورو ڪن ٿا ۽ عوام لاءِ نتيجي ۾ کروڙ به ڪو نه ٿي بچي.
گهوٽڪي جي عوام ۽ نوجوان ادارن جي بيحسي ۽ ڪرپشن سبب مايوسيءَ جو شڪار آهن ، هڪ طرف صنعتي فضلو ۽ ماحولياتي تبديلي ماحول کي سنگين بڻائي رهي آهي ته وري ٻئي طرف ان سبب پيدا ٿيندڙ معاشي بحران ماڻهن لاءِ نوان چلينجز پيدا ڪري رهيو آهي. انهن چلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جتي گهوٽڪي جي سول سوسائٽي سرگرم آهي اتي ماحوليات تي ڪم ڪندڙمختلف ادارا ۽ اين جي اوز به سرگرم آهن، انهن ادارن ۾ وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جو نالو سرفهرست آهي جيڪا هن وقت سائوٿ ايشين پارٽنرشپ پاڪستان سميت ڪيترن ئي غير ملڪي ادارن سان صنعتي سرگرمين ۽ موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت مختلف تربيتي پروگرام هلائي رهي آهي ۽ ان سان گڏ گهوٽڪي جي سول سوسائٽي ۽ ٻين ادارن سان ملي عورتن، هارين، مزدورن، شاگردن ۽ نوجوانن کي ماحوليات بابت آگاهي پروگرام ڪرائي رهي آهي ته جيئن عوام صنعتي ۽ موسمياتي خطرن جي سنگينين کي سمجهن ۽ ان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي سگهن. وي ڊي او ماحولياتي تبديلين، چوپايي مال ۽ فصلن جي تحفظ بابت ڪيترائي تربيتي پروگرام ڪرائي چڪي آهي. ان کان علاوه صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ هينڊ پمپ ۽ سولر ويلز سان گڏ سترهن هزار کان وڌيڪ وڻ پڻ لڳايا آهن.
صنعتون ڪنهن به علائقي جو سرمايو تڏهن ثابت ٿين ٿيون جڏهن ان مان ملندڙ سرمايو اتان جي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ استعمال ٿئي ۽ ان مان نڪرندڙ فضلي کي ذميداري واري طريقي سان نيڪال ڪجي نه ته ٻئي صورت ۾ اهي عوام لاءِ آزار جو سبب بڻجن ٿيون. گهوٽڪي جي باشعورعوام، اين جي اوز، سول سوسائٽي، ۽ نوجوان نسل سميت عورتن کي گهرجي ته اهي گڏجي پنهنجن بنيادي حقن جي مطالبي لاءِ آواز اٿارڻ سان گڏ عملي جدوجهد ڪن ڇاڪاڻ ته انهن بحرانن سان مقابلو صرف مقامي سطح تي چند ماڻهن جو ڪم ناهي هي هڪ ڊگهي جدوجهد آهي جنهن ۾ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن حڪومتي سطح تي قدم کنيا وڃن. انهن بحرانن بابت ريسرچ ڪرائي وڃي ته جيئن حقيقي انگ اکراڳيان اچي سگهن، فئنسي پيپرن تي موجود خوبصورت پاليسين بابت مختلف فورمز تي جڏهن آواز اٿاربو ويندو تڏهن ئي ڪجه هلچل نظر ايندي ۽ پائيدار پاليسين ۽ قانون تي عمل درآمد ٿيندو.