ڪو وقت هو، جڏهن دنيا ايترو شور شرابو، تيز روشني ۽ اسڪرينن جي چمڪ سان ڀريل نه هئي. ڳوٺن ۾ شام ٿيندي ئي هوائن ۾ ھڳاءُ ۽ ٿڌڪار پکڙجندي هئي ۽ اوطاقن ۾ ويٺل ماڻهو ريڊيو جي نرم نفيس آواز سان گڏ ڪنهن ٻي ئي دنيا ۾ ھليا ويندا هئا. اهو دور ميڊيا جو سچو سادو ۽ وڻندڙ روپ هو . اھو اهڙو وقت ھو، جڏهن خبر، تفريح ۽ ڄاڻ هڪ ئي ننڍڙي دٻي مان نڪرندي هئي، جنهن کي سڀ محبت سان "ريڊيو” چوندا هئا.صبح سوير جڏهن ماڻهو ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ نڪرندا هئا، ته ساڻن گڏ ننڍڙو ريڊيو ضرور هوندو هو. مٽيءَ جي مھڪ سان گڏ ريڊيو مان نڪرندڙ ڳائڻن ۽ ڳائڻين جا سر، خبر پڙهندڙن جا سنجيده لهجا ۽ قسمين قسمين جا تفريحي پروگرام سڄي ماحول ۾ ڄڻ ته زندگيءَ ڀري ڇڏيندا هئا. انھي وچ ۾ به خبرن جو وقت اچي ويندو هو ۽ ماڻهو ڪن ڌري ڌيان سان ٻڌندا هئا ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، دنيا ڪٿي وڃي رهي آهي. اهو ريڊيو جو سنهري دور هو جڏهن هر آواز ۾ سچائي، سادگي ۽ محبت هئي.شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اوطاقون به ان دور جو ”ميڊيا سينٽر“ هونديون هيون. صبح جو ڪنهن وٽ اخبار پهچندي، ته سڄي پاڙي جا ماڻهو گڏ ٿي پڙهڻ لاءِ اچي ويندا ھئا. ڪو ماڻهو زور زور سان خبر پڙهندو ھو ۽ ٻيا ڌيان سان ٻڌندا، ۽ پوءِ هر خبر تي بحث مباحثو ٿيندو. اهو بحث دشمني ذاتي اعتراض تي ٻڌل نه ھوندو ھو، پر علم ۽ شعور پيدا ڪرڻ جو ذريعو هوندو هو.
اخبار جو صفحو کليو ته ڄڻ درجنين دلين ۾ تجسس جا ڏيئا ٻري پوندا ھئا.ٻاهرين دنيا تائين پهچڻ جا وسيلا گهٽ هئا، پر ماڻهن جي دلين جا ڀانڊا ڀريل ھوندا هئا. ريڊيو تي ”ڪهاڻيون“ ۽ ”ڊراما“ هلندا، جن کي ٻڌندي ٻار سمهندا ۽ وڏا پنهنجا ڏينهن ياد ڪندا ھئا. موسيقيءَ جا پروگرام ماڻهن جي سڄي ڏينھن جا ٿڪ لاھي ڇڏيندا ھئا ۽ خبرن جا بلٽن دلين ۾ ڄاڻ جون ڏياٽيون روشن رکندا. هر گهر ۾ ريڊيو کي عزت جي جاءِ ڏني ويندي، ڪڏهن ته ان جي آواز تي سڀ خاموش ٿي ويندا جيئن ڪنهن بزرگ جي ڳالهه ٻڌي رهيا هجن.ان وقت ميڊيا رڳو خبر جو ذريعو نه هئي، پر گڏجڻ، ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو نالو هو. ماڻهو هڪ ٻئي کي ٻڌڻ سکندا ھئا. ريڊيو ۽ اخبار رڳو وسيلو نه، پر رابطو هئا هڪ اهڙو رابطو جيڪو ماڻهن کي جنڊي جوڙي ۽ جوٽي رکندو هو. اوطاقن ۾ ويٺل بزرگن جا چهرا ريڊيو جي آواز سان روشن ٿيندا، ۽ اخبار جي ورقن ۾ سماج جي ڌڙڪن ٻڌي سگهبي هئي.اهو زمانو سادگيءَ جو، سچائيءَ جو ۽ اجتماعي شعور جو هو. ميڊيا ان وقت مشين نه پر جذبي جو نالو هو. اڄ جي شور ۽ تيزيءَ واري دنيا ۾ جڏهن هر ماڻهو پنهنجي اسڪرين ۾ قيد آهي، تڏهن اهو دور ياد اچي ٿو، جتي آواز گهٽ هئا، پر احساس گهڻا هئا. جتي خبرون ڇپنديون هيون، ويچيون کپايون نه وينديون ھيون انهن مان شعور ۽ ساڃاھ جي نري خالص پوتر روشني نڪرندي هئي. جتي ريڊيو وڄندو نه هو، پر دل سان ڳالهائيندو هو.ھڪ سحر ھوندو ھو جيڪو ٻڌندڙن کي جڪڙي ۽ جنڊي رکندو ھو
اڄ جي دنيا ۾ خبرن جي دنيا بي حد تيزي سان تڪڙي تبديل ٿي رهي آهي. هڪ وقت هو، جڏهن اخبار صبح جي ضرورت سمجهي ويندي هئي، ۽ شام جو ٽي وي نيوز بليٽن هر گهر جو اهم حصو هوندو هو. پر هاڻي صورتحال مڪمل طور بدلجي وئي آهي. روايتي نشرياتي ادارا، جيڪي هڪ وقت ۾ سماج جي فڪر جاڳرتا سجاڳي ۽ آگاهيءَ جا مرڪز هئا، اڄ شديد معاشي ۽ فڪري بحران جو شڪار آهن. تازو ئي ملڪ جي هڪ وڏي ۽ معتبر ميڊيا اداري ڊان نيوز طرفان پنهنجي ڊجيٽل پيج کي بند ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ميڊيا جي دنيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. اهو عمل ڪنهن هڪ اداري تائين محدود ناهي، پر لڳ ڀڳ سڀئي وڏا نشرياتي ادارا هن وقت مالي مونجھارن ۽ ڏکين حالتن مان گذري رهيا آهن.هن زوال جا ڪيترائي سبب آهن، پر سڀ کان وڏو سبب ملڪ ۾ وڌندڙ معاشي بحران ۽ اشتهارن جي گهٽتائي آهي. ميڊيا جي مالي سهائتا اشتهارن تي دارومدار رکي ٿي ۽ جڏهن ڪاروباري ادارا پنهنجو اشتهاري بجيٽ گهٽ ڪن ٿا يا ڊجيٽل پليٽفارمن ڏانهن منتقل ڪن ٿا، ته روايتي ميڊيا پنهنجو بنيادي سهارو وڃائي ويهي ٿي. سوشل ميڊيا جهڙوڪ فيس بڪ، يوٽيوب ۽ ٽڪ ٽاڪ گهٽ خرچ ۽ وڌيڪ اثرائتي ذريعي ڪمپنين لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻجي چڪا آهن.
ٻيو وڏو سبب ٽيڪنالاجيءَ سان نه ڳنڊجڻ پڻ آهي. جديد دنيا ۾ خبرن جي رسد ۽ طلب جو طريقو مڪمل طور تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي ماڻهو پنهنجي هٿ ۾ موجود موبائل ذريعي هر گھڙي جي تازه تڪڙي خبر حاصل ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته ڪيترائي روايتي ادارا اڃا تائين پراڻي طرز جي رپورٽنگ، نشريات ۽ خبر جي پيشڪش تي بيٺل آهن. ان تڪڙ واري ڊجيٽل دور ۾، سست اپڊيٽ ۽ روايتي انداز جي خبر ڏسندڙ جي دلچسپي وڃائي ويٺي آهي.۽ ٻيو وري اعتماد جي کوٽ به هڪ اهم سبب آهي. ڪيترن ئي نشرياتي ادارن تي سياسي لاڳاپن ۽ هڪ رخي موقف پيش ڪرڻ جا الزام پڻ لڳن ٿا. نتيجي طور عوام جو اعتماد گهٽجي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي جڏهن ماڻهو پاڻ به خبر شيئر ڪن ٿا، تبصرا لکن ٿا ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن ٿا، ته روايتي ميڊيا لاءِ عوام جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي پوي ٿو.اهو سڀ ڪجهه رڳو اقتصادي يا ٽيڪنيڪي بحران نه آهي، پر انساني سطح تي به وڏو نقصان آهي. هزارين صحافي، ڪيمرامين، ايڊيٽر ۽ فني عملي جا ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن. اهي ماڻهو جيڪي سچ کي عوام تائين پهچائڻ جو فرض نڀائيندا هئا، هاڻي معاشي تنگي ۽ غير يقيني جو شڪار آهن.
انهي صورتحال ۾ ميڊيا ادارن لاءِ وقت جو سڀ کان وڏو سبق اهو آهي ته هو پاڻ کي وقت جي رفتار سان ڳنڍي ڳُتي ھلائين. ڊجيٽل دنيا کي دشمن نه، پر نئي موقعن جي دنيا طور قبول ڪن. انهن کي پنهنجو مواد وڌيڪ معيار، توازن ۽ غيرجانبداريءَ سان پيش ڪرڻ گهرجي. ميڊيا جو اصل ڪم صرف خبر ڏيڻ نه، پر سماج ۾ فڪر، شعور ۽ ذميواري پيدا ڪرڻ به آهي.روايتي ميڊيا کي جيڪڏهن پنهنجي اهميت برقرار رکڻي آهي ته ان کي نئين ٽيڪنالاجيءَ سان گڏ اڳتي وڌڻو پوندو. خبرن جي دنيا ۾ رفتار ضرور تبديل ٿي آهي، پر سچ ۽ ايمانداريءَ جي ضرورت اڄ به ايتري ئي اهم آهي، جيتري ڪالهه هئي.آخرڪار، اهو چئي سگهجي ٿو ته ميڊيا جو زوال اسان سڀني لاءِ سوچڻ جوڳو پيغام آهي. هڪ آزاد، ذميوار ۽ باخبر سماج بنا مضبوط ۽ غيرجانبدار ميڊيا جي ممڪن ئي ناهي. وقت اڃا به آهي ته ادارا پنهنجي حڪمتِ عملي تبديل ڪن، عوام جو اعتماد بحال ڪن ۽ صحافت کي ٻيهر عزت ۽ ايمانداريءَ جي انھي ساڳئي مقام تي آڻين.