ٽي ٽي پي ۽ پاڪستاني پاليسي ساز

سليم صافي

اسان وٽ هڪ پراڻي روايت آهي ته جڏهن به پاليسي ساز ڪنهن ڪمزوري يا مجبوري سبب ڪنهن مفروضي  تي پهچي ويندا آهن، ته پوءِ ان مفروضي کي قوم آڏو هڪ حقيقت جي صورت ۾ پيش ڪرڻ لڳندا آهن۔ اهڙو ئي هڪ مفروضو اسان جي پاليسي ٺاهيندڙن به گهڙيو هو ته ڄڻ افغان طالبان ۽ پاڪستاني طالبان جو پاڻ ۾ ڪو تعلق ئي نه آهي۔ هن خيال جي حق ۾ صرف هڪ دليل ڏنو ويندو هو ته افغان طالبان ڪڏهن به پاڪستان اندر ڪا ڪارروائي نه ڪئي آهي۔ مان پاڻ به ان حقيقت کان واقف آهيان ته افغان طالبان خلاف پاڪستان ۾ ڪيترائي آپريشن ٿيا۔ ملا برادر کان وٺي ملا عبيدالله آخوند تائين ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، پر ان جي باوجود افغان طالبان ڪڏهن به پاڪستان ۾ سڌي ڪارروائي ۾ ملوث نه رهيا۔ ان هوندي به، مان 2008ع کان وٺي پنهنجي ڪالمن ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ بار بار اهو عرض ڪندو رهيس ته افغان ۽ پاڪستاني طالبان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.

مولوي نيڪ محمد، عبدالله محسود ۽ بيت الله محسود جهڙن ماڻهن پاڪستان خلاف جنگ ان بنياد تي شروع ڪئي ته پاڪستان، طالبان جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا جو ساٿ ڏنو۔ جڏهن به تحريڪ طالبان پاڪستان جو ڪو نئون اڳواڻ چونڊيو ويندو هو، ته هو فوري طور تي افغان طالبان جي اميرالمومنين جي به غائبانه بيعت ڪندو هو۔ هاڻي جڏهن ٽي ٽي پي جا مختلف ڌڙا مفتي نور ولي جي اڳواڻي ۾ ٻيهر گڏ ٿيا ته هنن گڏجي افغان طالبان جي اميرالمومنين ملا هيبت الله جي بيعت به ڪئي (جنهن جي مون وٽ ويڊيو به موجود آهي)۔ افغان طالبان پاڻ ته پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي يا القاعده جهڙين تنظيمن جي ڪارروائين ۾ شامل نه ٿيا، پر ٽي ٽي پي جا ماڻهو ڪيترن افغان محاذن تي سندن ڀرسان وڙهندا رهيا۔ افغان طالبان، ٽي ٽي پي، جماعت الاحرار ۽ القاعده جو جهادي لٽريچر، فڪر ۽ نظريو هڪ جهڙو آهي۔ انهن جا ’جهاد‘، ’قتال‘ ۽ ’مرتد‘ بابت نظريا ساڳيا آهن، ۽ هڪ ٻئي جي آڊيو، وڊيو ۽ لٽريچر مان فائدو وٺندا آهن۔ ٽي ٽي پي جي هر ليٽر هيڊ تي هڪ طرف پنهنجو امير (بيت الله محسود، حڪيم الله محسود، ملا فضل الله يا مفتي نور ولي) جو نالو هوندو، ۽ ٻي پاسي اميرالمومنين (ملا عمر، ملا اختر منصور يا ملا هيبت الله) جو۔ ڪڏهن به افغان طالبان ٽي ٽي پي کي اهو چوڻ جي تڪليف نه ڪئي ته اوهين اسان جو نالو استعمال نه ڪريو. جڏهن حڪيم الله محسود ڊرون حملي ۾ مارجي ويو، ته افغان طالبان پنهنجي سرڪاري ويب سائيٽ تي بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ کيس ’شهيد‘  قرار ڏئي ڀرپور لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو۔

ٽي ٽي پي جا ڪيترائي ماڻهو افغانستان جي انهن علائقن ۾ رهندا رهيا جيڪي افغان طالبان جي ڪنٽرول هيٺ هئا، پر ٻنهي ۾ ڪڏهن به تڪرار يا جهيڙو نه ٿيو۔ ان جي ابتڙ، افغان طالبان داعش خلاف سخت جنگ وڙهي۔ مولانا نيڪ محمد، جيڪو پاڪستان خلاف مزاحمت جو پهريون اڳواڻ بڻيو، اڳ افغان طالبان جي دور ۾ ڪابل جي اولهه ۾ ڪارغه ڪيمپ جو انچارج هو، جڏهن ته بيت الله محسود، ملا دادالله سان گڏ افغانستان ۾ سالن تائين وڙهندو رهيو۔ اهي ته رڳو ڪجهه حقيقتون آهن، پر جيڪڏهن ڪو شخص ٻنهي جي لاڳاپي جي اصل نوعيت سمجهڻ چاهي ته هو تحريڪ طالبان پاڪستان جي امير مفتي نور ولي جي ڪتاب ’انقلاب محسود‘ جو مطالعو ڪري۔ افغان طالبان پاڪستان سميت پاڙيسري ملڪن کي يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي زمين ڪنهن ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندا۔ ٻئي طرف، پاڪستان جي درخواست تي افغان طالبان جي اميرالمومنين ٽي ٽي پي جي مسئلي بابت هڪ ڪميشن به ٺاهي آهي۔ نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو اميد رکن ٿا ته افغان طالبان، پاڪستاني طالبان کي گرفتار ڪري پاڪستان حوالي ڪندا، پر اهو ڪڏهن به نه ٿيندو۔اهي ڳالهيون مون اڄ کان چار سال اڳ، يعني 25 آگسٽ 2021ع تي، روزنامي جنگ ۾ پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيون هيون۔ اهو انهن ڪيترن ئي ڪالمن مان هڪ هو جن ۾ مون بار بار اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته افغان طالبان ۽ پاڪستاني طالبان هڪ ئي قوت جا ٻه روپ آهن۔ پر ان وقت پاڪستان جا پاليسي ساز، مذهبي اڳواڻ، دفاعي ماهر ۽ دانشور اسرار ڪندا رهيا ته افغان طالبان ’سٺا‘ آهن ۽ پاڪستاني طالبان ’خراب‘ ۔ اها پاليسي 15 سال هلندي رهي۔ آمريڪا سان جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ طالبان کي افغانستان تي حڪومت ڪندي چار سال ٿي چڪا آهن، پر اڄ به ڪجهه حد تائين گڊ مڊ موجود آهي۔ البت، گهڻن جي اکيون کلي ويون آهن، پر هاڻي لڳي ٿو ته اسان هڪ انتها کان ٻئي انتها ڏانهن هلي رهيا آهيون۔ خدا ڄاڻي، هي سفر اسان کي ڪٿي وٺي ويندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.