امڪاني طور تي پارليامينٽ ۾ ايندڙ 27 ھين آئيني ترميم جي حوالي سان بلاول ھائوس ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت ۾ ٿيندڙ سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ، جنھن ۾ صدر آصف علي زرداري خاص طور شرڪت ڪئي، ”پارٽي پاليسي“ قوم جي سامھون اچي ويئي آھي، جنھن مطابق پيپلزپارٽي اين ايف سي فارمولي ۾ تبديلين کي رد ڪندي، حڪومت پاران آرٽيڪل 243 ۾ تبديليون آڻڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آھي ۽ آئيني عدالت ۾ صوبن جي برابر نمائندگي ھئڻ جي شرط تي پڻ حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي آھي. گڏجاڻيءَ ۾ چيو ويو ته پيپلز پارٽي صوبائي خودمختاريءَ تي سمجهوتو نه ڪندي. گڏجاڻيءَ کان پوءِ چيو ويو ته سياست سمجهه، ڳالهه ٻولهه ۽ مفاھمت سان اڳتي وڌڻ جو نالو آھي. گڏجاڻيءَ ۾ اھو انڪشاف پڻ ڪيو ويو ته 27 ھين ترميم جي تجويز ڪيل ڊرافٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قانوني ماھرن جا رايا اڳ ۾ ئي شامل آھن ۽ پارٽيءَ جي سياسي ڪاميٽي پڻ ان ڊرافٽ جو جائزو وٺي چڪي آھي. سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ميمبرن طرفان تجويز ڪيل ترميمن جي گهڻن نقطن جي حمايت جو اظھار ڪيو ويو۽ صوبائي کاتن سان لاڳاپيل ترميمن تي به ميمبرن کليل اظھار ڪيو.
پيپلزپارٽيءَ اين ايف سي فارمولي ۾ ڪٽوتيءَ کي ته رد ڪيو آھي پر 18 ھين ترميم ۾ شامل ٻين خودمختاريءَ جي معاملن جهڙوڪ تعليم، آباديءَ تي ڪنٽرول ۽ معدنيات جون وزارتون صوبن کان واپس وٺي مرڪز حوالي ڪرڻ وارن نقطن تي مڪمل خاموشي اختيار ڪئي ويئي آھي. آئين جي آرٽيڪل 243 جي مڪمل حمايت ڪئي ويئي آھي، جنھن مطابق فيلڊ مارشل جي عھدي کي نه رڳو آئيني تحفظ ڏنو ويندو جيڪو ٽائٽل تاحيات رھندو پر کيس آئيني اختيار پڻ ڏنا ويندا. ھن آرٽيڪل ذريعي ”ايگزيڪٽيو مئجسٽريٽس“ به مقرر ڪيا ويندا جيڪي برطانوي غلاميءَ واري دور ۾ ھوندا ھئا. اھي ڪنھن به عدالت جي ماتحت ھئڻ بدران حڪومت جي ماتحت ھوندا ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽس کي رپورٽ ڪندا. 27 ھين آئيني ترميم منظور ٿيڻ کان اڳ ئي جمھوري نظام سڪرات واري حالت ۾ آھي، انساني بنيادي حقن جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن، تحرير، تقرير ۽ معلومات تائين عام ماڻھوءَ جي رسائيءَ جو حق کسجي چڪو آھي، پيڪا جهڙا قانون لاڳو آھن، ميڊيا جي آزاديءَ تي ڪنٽرول آھي..
حڪومتي نمائندا غريب ھارين کي سزائون ڏياري سندن زمينن تي قبضا ڪندا. ضياءَ واري مارشل لائي دور ۾ جوڙيل فوجي عدالتن جي ياد تازي ٿي ويندي. پيپلز پارٽيءَ کي ان ۾ ڪٿي جمھوريت نظر آئي، ان جي ڪابه وضاحت ڪونھي. ترميم جي قانوني مسودي موجب سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جي جاءِ تي 9 رڪني آئيني عدالت قائم ڪئي ويندي، جنھن ۾ ”حڪومتي حامي“ جج مقرر ڪيا ويندا. جنھن سان آئيني بئنچ ۾ موجود 26 ھين آئيني ترميم وارا ڪيس غير موثر ٿي ويندا ۽ اليڪشن ڪميشن جي مقرريءَ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو جوڊيشل ڪميشن جي حوالي ڪيو ويندو، پيپلز پارٽي پاران صوبن جي برابر نمائندگيءَ جي شرط تي آئيني عدالت جي حمايت جو پڻ يقين ڏياريو ويو آھي!، اين ايف سي ايوارڊ ۾ وفاق کي صوبن جي حصي مان وڌيڪ 10 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي تجويز آھي پر اھو پيپلز پارٽيءَ جي فيس سيونگ لاءِ اھا تجويز واپس ورتي ويندي. ھونئن به صوبن جي حصي مان ڪٽوتيءَ جو سڀ کان وڏو نقصان پنجاب کي آھي ڇو ته اين ايف سي ايوارڊ جي حصي مان اڪيلو پنجاب ساڍا 52 سيڪڙو حصو کڻي ٿو ۽ باقي ٽن صوبن کي فقط ساڍا 47 سيڪڙو حصو ملي ٿو. ترميم منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ججن جي ھڪ ڪورٽ کان ٻين ڪورٽ ۾ بدليءَ جو اختيار پڻ حڪومت کي ملي ويندو ۽ عدالتون مڪمل طور سرڪاري ضابطي ھيٺ اچي وينديون.
27 ھين آئيني ترميم جي چئلنج ٿيڻ جي صورت ۾ اھو ڪيس به آئيني عدالت ۾ ويندو، جنھن سان جمھوريت جا اڳ ۾ ئي ڪمزور ٿيل بنياد لڏي ويندا. اھڙن ئي سرڪاري ضابطي ھيٺ آيل عدالتن جي فيصلن جي نتيجي ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي قتل ٿيو ھو ۽ اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاهه اعتراف ڪيو ھو ته ”جج ايترا بھادر نٿا ٿين ۽ ھو سمجهن ٿا ته ھڪ اڌ ڪيس ۾ فوج جي مرضي رکڻ سان سندن نوڪري بچي ويندي.“ پرسوال اھو آھي ته ھاڻي پيپلز پارٽي ڪنھن جو ”عدالتي قتل“ ڪرائڻ ٿي چاھي. پيپلزپارٽي پنھنجي سي اي سي جي گڏجاڻيءَ ذريعي اھو پيغام ڏنو آھي ته ”سياست سمجهه، ڳالهه ٻولهه ۽ مفاھمت جو نالو آھي، سسٽم ۾ جيڪڏھن ڪا اھڙي تبديلي اچي ٿي جنھن سان روزمره جي ڪم ڪار ۾ بھتري اچي ته ان ۾ ڪھڙو حرج آھي. پيپلز پارٽي پنھنجي پاليسي اعلان ۾ ارادي يا غير ارادي طور اھو پڻ اعتراف ڪيو آھي ته ” 27 ھين آئيني ترميم جي تجويز ڪيل ڊرافٽ ۾ پ پ جي قانوني ماھرن جا رايا اڳ ۾ ئي شامل ڪيا ويا آھن ۽ پارٽيءَ جي سياسي ڪاميٽي پڻ ان ڊرافٽ جو جائزو وٺي چڪي آھي، جنھن مان اھا ڳالهه پڌري ٿي پئي آھي ته پھرئين ئي ڏينھن کان پ پ ھن سازش ۾ برابر جي شريڪ آھي پر ان کي ڳجهو رکيو ويو آھي ايتري تائين جو پيپلزپارٽيءَ جي سينيٽر پلوشا خان چيو آھي ته ” ھن سميت وڏن وڏن وزيرن کان اھو مسودو لڪايو ويو آھي. اعلان ۾ رڳو ايترو چيو ويو آھي ته ” صوبائي کاتن سان لاڳاپيل ترميمن تي ميمبرن کليل اظھار ڪيو پر ان تي فيصلو ڇا ٿيو؟ اھو ظاھر نه ڪيو ويو آھي. اعلان ۾ چيو ويو آھي ته ”تجويز ڪيل گهڻن نقطن جي ميمبرن پاران حمايت ڪئي ويئي آھي پر انھن حمايت ڪيل نقطن جو ذڪر غائب آھي. اھو چيو ويو آھي ته ”چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري جي عمل ۾ رڪاوٽون ختم ٿيڻ گهرجن يعني ان مان مخالف ڌر جو ڪردار ختم ڪيو وڃي.
پيپلز پارٽيءَ مڪاني ادارن کي اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آھي جڏھن ته شھيد بينظير ڀٽو پارٽي منشور ۾ مڪاني ادارن کي با اختيار بڻائڻ ۽ ڊسٽرڪٽ سربراهه کي گورنر جيترا اختيار ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو. اھو پڻ چيو ويو آھي ته ”صوبائي خودمختاريءَ بابت پارٽيءَ جو واضح موقف آھي جنھن کي اميد ته قبول ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ حڪمران پارٽي ۽ ٻين اسٽيڪ ھولڊرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آھي“ معنيٰ ته سڀ ڪجهه اڳواٽ ئي طئي ٿيل آھي. جڏھن ته نائب وزير اعظم اسحاق ڊار به اعتراف ڪيو آھي ته ”پ پ ۽ ن ليگ ترميم جي حوالي سان ھڪ نقطي تي پھچي چڪيون آھن ۽ پيپلز پارٽيءَ سان ترميم تي ڳالھيون ٿيون آھن.“
جڏھن ته تجويز ٿيل 27 ھين آئيني ترميم جي منظوريءَ لاءِ نواز شريف ۽ وزير اعظم شھباز شريف اتحادين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آھن .ان سلسلي ۾نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ھڪ وفد مولانا فضل الرحمٰن سان به ملاقات ڪئي، جنھن ۾ وزير اعظم شھباز شريف، مريم نواز ۽ ٻيا شامل ھئا. ان سلسلي۾ جمعي ڏينھن ڪابينا جو ٿيندڙ اجلاس به ملتوي ڪيو ويو آھي جنھن ۾ ھن آئيني مسودي جي منظوري ٿيڻي ھئي. پر جيڪڏھن پيپلز پارٽي چاھي ته ھن غير آئيني ۽ غير جمھوري ترميم جو رستو روڪي سگهي ٿي ڇو ته مٿئين ايوان سينٽ ۾ 26 ميمبرن سان پ پ سڀ کان وڏي پارٽي آھي جڏھن ته پيپلز پارٽيءَ پاران مخالفت جي صورت ۾ پ پ جي 74 ميمبرن جي مخالفت کان پوءِ حڪومتي اتحاد وٽ فقط 163 ميمبر وڃي بچن ٿا جڏھن ته ھيٺئين ايوان قومي اسيمبليءَ مان ترميم جي منظوريءَ لاءِ حڪومت کي 224 ميمبرن جي حمايت گهربل آھي اھڙي صورت ۾ حڪومت پيپلزپارٽيءَ کان سواءِ ڪڏھن به اھا ترميم منظور نٿي ڪرائي سگهي ان صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران حمايت ڪرڻ جي صورت ۾ جمھوري نظام ۽ وفاق تي پوندڙ سمورن ناڪاري اثرن جي ذميوار به پيپلز پارٽي ئي ھوندي. پر پيپلز پارٽي ان ڳالهه کان چڱيءَ ريت واقف آھي ته جيڪڏھن ھنن 27 ھين ترميم جي رستي ۾ ڪا رنڊڪ وڌي ته طاقتور ڌريون مٿن ڏمرجي پونديون، سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن به ڪنھن کان ڳجهي ڪونھي ادارن وٽ سندن فائل تيار آھن مٿن ڪيس کلي ويندا ۽ کين جيل ياترا ڪرڻي پوندي پر ھو جمھوريت ۽ انساني حقن جي قرباني ڏين ٿا ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ملڻ سان گڏ مستقبل ۾ وفاق ۾ حڪومت ٺاھڻ جي خاطري به ملي سگهي ٿي. ان حقيقت تي ڪنھن کي به ڪا ڳڻتي ڪونھي ته عالمي تنظيم ”ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ“ جي 2025 ع جي رول آف لاءَ انڊيڪس ۾ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان پاڪستان اڳ ۾ ئي دنيا جي ملڪن ۾ 130 ھين نمبر تي اچي چڪو آھي. جڏھن ته تحريڪ تحفظ پاڪستان 27 ھين آئيني ترميم جو اعلان ڪندي ھن ترميم کي پاڪستان جي فيڊرل سسٽم جا بنياد لوڏڻ جي برابر قرار ڏيئي چڪي آھي.