اسلام آباد/استنبول(بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪستان افغانستان سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيڻ تي پاڪستاني وفد اڄ واپس اچڻو هو، پر ترڪيه جي اختيارين پاڪستاني وفد کي ترسڻ جي دخواست ڪئي هئي جنهن تي پاڪستاني وفد استنبول ۾ ئي موجود آهي.ذريعن موجب، افغان اختيارين به ڳالهين جي حوالي سان سفارتي سطح تي رابطا ڪيا آهن جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين جو سلسلو ٻيهر بحال ٿي رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ترڪيه جي خواهش آهي ته هن جي ميزباني ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿين. بچاءَ وارو وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان-افغان ڳالهين ۾ اڃا ڪا به ذڪر جوڳي اڳڀرائي نه ٿي آهي جنهن تي وڌيڪ اميدون لڳائي سگهجن. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته افغان طالبان سان ڳالهين ۾ اڃا تائين ڪو به بريڪ ٿرو نه ٿيو آهي، نه ئي اهڙي ڪا اڳڀرائي نظر آئي آهي جن مان وڏيون اميدون لڳائي سگهجن. هن ٻڌايو ته قطري بچاءَ واري وزير ۽ ترڪي جي انٽيليجنس چيف ڪامياب ڳالهين لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ترڪي ۽ قطر جي خواهش اها آهي ته هنن جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڪو وقفو نه اچي. سندس چوڻ هو ته اسان جو وفد ڪالهه رات واپس وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ پهتو هو، پر قطر ۽ ترڪيا وارن چيو ته کين ڳالهين لاءِ هڪ وڌيڪ موقعو ڏنو وڃي. بچاءَ واري وزير چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪابل جي وفد سان ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڪو رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته اڃا تائين ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع نه ٿيو آهي ، اسان جو وفد هاڻي استنبول ۾ موجود آهي. دوست ملڪن جي چوڻ تي جيڪڏهن ڪابل جو رويو بدلجي ۽ دهشتگردن جي پٺڀرائي بند ٿئي ته اها هڪ اهم اڳڀرائي هوندي.هن وڌيڪ چيو ته جيستائين امن ۽ اعتماد جي بحالي نه ٿيندي، تيستائين واپار يا هاڪاري اڳڀرائي ممڪن ناهي، جيڪڏهن هو هوڏ تي قائم آهن يا ڀارت جي پراڪسي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.