پهريون اي چالان معاف: مهذب شهري ٽريفڪ قانون تي عمل ڪندا آهن:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ طرفان نئين متعارف ڪرايل اي-ٽڪيٽنگ سسٽم تحت ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين بابت رپورٽ  پيش ڪئي وئي آهي جنهن موجب 35 سرڪاري گاڏين کي مختلف خلاف ورزين تي ڏنڊ جاري ڪيا ويا آهن۔ رپورٽ موجب اي-چالان سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ، ڳاڙهي بتي ڪراس ڪرڻ، ڪارا شيشا لڳائڻ، ۽ ڊرائيونگ دوران موبائل فون استعمال ڪرڻ جهڙين ڀڃڪڙين تي جاري ڪيا ويا۔ وڏي وزير اڳ ۾ ئي آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي هئي ته نئين سسٽم تحت جاري ٿيندڙ پهرين اي-چالان بابت تفصيل پيش ڪئي وڃي۔ رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو ته پوليس ڊپارٽمينٽ جي هڪ گاڏي (رجسٽريشن نمبر SPEايس پي اي ) کي 28 آڪٽوبر 2025 تي منجهند 1:36 وڳي لياري ايڪسپريس وي تي سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي ڏنڊ ڪيو ويو۔ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته گاڏي جي ڊرائيور کي گارڊن ۽ لياري ايڪسپريس وي ۾ ٻه ڀيرا بغير سيٽ بيلٽ جي ڊرائيونگ ڪندي ڏٺو ويو جنهن تي خودڪار نظام 10 هزار رپين جو چالان جاري ڪيو۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته جيڪي شهري پهريون ڀيرو قانون جي ڀڃڪڙي ڪن اهي ڏهه ڏينهن اندر ذاتي طور پيش ٿي معافي نامو جمع ڪرائين ته انهن جو چالان منسوخ ڪري سگهجي ٿو۔ هن اي-ٽڪيٽنگ سسٽم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي پوليس کي به ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪرڻو پوندو۔ هي نظام شفافيت ۽ انصاف کي يقيني بڻائي ٿو، هن چيو ته ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد عوامي حفاظت لاءِ انتهائي ضروري آهي پهرين ڀيري خلاف ورزي ڪندڙن کي رعايت ڏني وڃي پر ٻيهر ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڊ هر صورت لاڳو ڪيو وڃي۔ وڏي وزير سنڌ پوليس کي جديد نظام لاڳو ڪرڻ تي ساراهيندي چيو ته هي نظام نظم و ضبط ۽ شفافيت کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو قانون اڳيان سڀ شهري برابر آهن، عملدرآمد هر سطح تي يقيني بڻايو وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.