ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي گاڏي تي لڳل ڏنڊ ادا ٿيو؟

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم جي شروعات سان گڏ هڪ حيران ڪندڙ صورتحال سامهون آئي۔ شارع فيصل تي لڳل ڪئمرائن ذريعي شهرين کي چالان ٿيڻ شروع ٿيا، پر ان ئي سسٽم ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه جي سرڪاري گاڏي جو چالان لياري ايڪسپريس وي تي جاري ڪري ڇڏيو، جتي ڪو ڪيمرو لڳل ئي ناهي۔ سسٽم جي ساک تي تڏهن سوال اڀريا، جڏهن ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه جي ماتحت سرڪاري گاڏي جو چالان لياري ايڪسپريس وي گارڊن انٽر چينج تي ٿيو، جڏهن ته اي چالان سسٽم صرف شارع فيصل لاءِ فعال  هو۔پوليس جي ميڊيا شعبي جي پي آر او پاڻ ئي اها خبر جلدي ۾ ميڊيا کي ڏئي ڇڏي، جنهن بعد معاملو سامهون آيو۔ ٻڌايو ويو ته ڊي آءِ جي گاڏي ۾ موجود نه هو، ڊرائيور بنا سيٽ بيلٽ گاڏي هلائي رهيو هو۔هاڻي سوال اهو پيدا ٿيو آهي ته جيڪڏهن چالان صرف شارع فيصل تي ٿيڻا هئا، ته پوءِ لياري ايڪسپريس وي تي سرڪاري گاڏي جو چالان ڪيئن ٿيو؟ٽريفڪ پوليس اڃا تائين اي چالان سسٽم جا ٽرمز آف ريفرنس (ToRs) ميڊيا سان شيئر به نه ڪيا آهن، جنهن سان سسٽم جي شفافيت تي شڪ پيدا ٿي رهيا آهن۔شهر جي حلقن ۾ بحث جاري آهي ته ڇا اهو نظام صرف عام شهرين تي سختيءَ سان لاڳو ڪيو پيو وڃي؟ يا وري موٽر وي وانگر هتي به پوليس آفيسر ۽ ٻيا ادارا چالان کان آزاد هوندا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.