ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن 10 ڪروڙن کان وڌيڪ جا اي چالان

 

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ اي چالان نظام شروع ٿيڻ بعد رڳو ٽن ڏينهن ۾ ئي وڏي پيماني تي ڪارروائيون ٿيون آهن، جن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. صرف 48 ڪلاڪن دوران سنڌ پوليس شهرين مٿان 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا ڏنڊ مڙهي ڇڏيا.ٽريفڪ پوليس جي رپورٽ موجب شهر ۾ اي چالان جو عمل انتهائي تيزي سان جاري رهيو، جنهن دوران سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ، هيلمٽ کان بغير هلائڻ، غلط پاسي وڃڻ ۽ سگنل ٽوڙڻ  سميت ڪيترين ئي خلاف ورزين تي چالان جاري ڪيا ويا.اي چالان نظام کي ٽن ڏينهن ٿي ويا آهن، ۽ ڊرائيورن لاءِ اهي ٽي ڏينهن ڪنهن امتحان کان گهٽ نه رهيا. هن وقت تائين شهر ۾ 12 هزار 942 اي چالان جاري ڪيا ويا آهن. ٽريفڪ پوليس جي ترجمان مطابق صرف گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5 هزار 979 چالان جاري ٿيا، جڏهن ته ٽن ڏينهن جي مجموعي تعداد 15 هزار 539 تائين پهچي وئي آهي.ترجمان موجب سڀ کان وڌيڪ خلاف ورزيون سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ جون ٿيون، جنهن تي 3 هزار 258 ماڻهن کي چالان جاري ڪيا ويا. جڏهن ته هيلمٽ نه پائيندڙ هزار 294 موٽر سائيڪل سوارن کي به ڏنڊ ڀرڻو پيو. اوور اسپيڊنگ تي 655 ڊرائيورن خلاف ڪارروائي ٿي. ان کان علاوه 357 ماڻهن سگنل ٽوڙيو، ۽ 216 ڊرائيورن کي گاڏي هلائيندي موبائل فون استعمال ڪرڻ تي چالان مليو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.