سنڌ ۾ ڊينگي بي قابو، وڌيڪ 9 ڄڻا فوت، مڇرمار ڦوهاري جو نالو نه نشان

ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( نمائندا) حيدرآباد ۾ ڊينگي بي قابو ٿي وئي سنڌ جي ھن ٻئي وڏي شھر حيدرآباد ۾ ٻارڙي سوڌو وڌيڪ چار ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن بعد حيدرآباد ۾ ڊينگي وائرس سبب فوت ٿيلن

 جو غير تصديق ٿيل انگ 22 ٿي ويو ، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب گذريل چوويهه ڪلاڪن ۾ ڊينگي وائرس سبب لطيف آباد نمبر 12جي فيروز آباد ڪالوني جو رهواسي 18 سالن جو نوجوان سفيان ولد جميل احمد ڊينگي سبب فوت ٿي ويو ، جڏهن ته سول اسپتال جي ٻارن جي وارڊ ۾ ٻن سالن جو ٻارڙو امداد ۽ سول اسپتال جي ئي ميڊيڪل وارڊ ۾ اسلام الدين به فوت ٿي ويا ، جڏهن ته حيدرآباد ساغر ڪالوني جو رهواسي نديم قريشي به ڊينگي وائرس سبب فوت ٿي ويو اھڙي ريت ڊينگي وائرس سبب فوت ٿيلن جو غير تصديق ٿيل انگ 22 ٿي ويو آهي جڏهن ته حيدرآباد جي مختلف اسپتالن ۾ 65 کان وڌي مريضن کي ڊينگي جي مريضن کي علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي ، ٻئي پاسي حيدرآباد ضلعي انتظاميا ۽ ضلعي صحت کاتي حيدرآباد جي دعوائن باوجود ڊينگي وائرس جي مريضن جي وڌندڙ تعداد سبب حيدرآباد جي اسپتالن ۽ ليبارٽريز ۾ مريضن لاء بيڊز ۽ ڊينگي وائرس ٽيسٽ جي ڪٽس ۽دوائن جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ضلعي انتظاميا توڙي صحت کاتي اڃا تائين شهر ۾ اسپري ناهي ڪرايو، جنهن سبب ڊينگي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي ۽ روزانو وڌيڪ ماڻهو ڊينگي ۾ وڪوڙجي رهيا آهن، جن يوسين ۾ چيئرمينن پاڻمرادو مڇرمار اسپري ڪرايو آهي، ان ڪو به اثر ناهي، مڇر مرڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن. حيدرآباد جي شهرين لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته ڊينگي جي روڪٿام لاءِ تڪڙ ۽ موثر قدم کڻي شهرين جون زندگيون بچايون وڃن. کپرو مان اسلم بوزدار جي رپورٽ موجب ڀٽ ڀائٽي جي ڳوٺ حاجي جامن مري جو رهواسي 12 ورهين جو نينگر ارسلان مري ڊينگي وائرس ۾ مبتلا هو نينگر حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ داخل هو اڄ ڊينگي وائرس وگهي فوت ٿي ويو فوتي مڙهه گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، هوڏانهن ميرپورخاص شهر ۾ لڳ ڀڳ 200 رهواسي جڏهن ته ضلعي ۾ 300 کان وڌيڪ ڊينگي ۽ 3 هزار کان وڌيڪ رهواسي مليريا جا مريض سامهون آيا آهن جڏهن ته سرڪاري انگ اکرن موجب ميرپورخاص شهر ۾ 97، تعلقي شجاع آباد ۾ 08، تعلقي سنڌڙي ۾ 06، تعلقي حسين بخش مري ۾ 05، تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ هڪ، تعلقي جھڏو ۾ 03 ۽ تعلقي ڊگھڙي ۾ 02 مريضن سميت پوري ضلعي ۾ 122 مريضن کي ظاهر ڪيو ويو آهي، ميرپورخاص شهر سميت پوري ضلعي ۾ تيزي سان ڊينگي ۽ مليريا ڦهلجڻ جي باوجود انتظاميا پاران ڪو به هنگامي تحرڪ نه ورتو ويو آهي رابطو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سنديپ چيو ته ميرپورخاص شهر سميت پوري ضلعي جي سرڪاري اسپتالن مان ورتل انگ اکرن موجب ضلعي ۾ 122 ڊينگي جا مريض سامهون آيا آهن انهن مريضن مان اڪثريت مريض ٻين شهر ۾ ڊينگي جو شڪار ٿيڻ بعد ميرپورخاص آيا آهن هن چيو ته سامهون آيل ڪيسن مان ڪو به مريض سيريس حالت ۾ ناهي ۽ نه وري ڊينگي وگھي ڪو مريض ضلعي ۾ فو ت ٿيو آهي، هوڏانهن يوسي ڌاٻيجي يوسي ڀنڀور سميت تعلقي ساڪري ۾ ڊينگي وبا وڏي شدت اختيار ڪري ورتي، علائقي واسين شاھد حسين سمون، عبدالمالڪ بلوچ، اسد جاگيراڻي، نظام جوکيو ۽ ٻين ٻڌايو تہ گذريل ھڪ مھيني کان يوسي ڌاٻيجي ۽ ڀنڀور گھارو ٽائون ڪاميٽي ڪوسٽل ھائي وي سميت ساحلي بيلٽ تي زهريلي مڇر خلاف ڦوهارو نہ ٿيڻ سبب ھزارين ماڻھون ڊينگي جھڙي خطرناڪ موضي مرض ۾ وٺجي ويا گذريل ڏينهن آصف آرائين فوت ٿي ويو جڏھن تہ يوسي ڌاٻيجي جي علائقي ماڊل ٽائون واسي مراد ، ڀنڀور جو علي محمد جوکيو، ناصر خان مهيني اندر پنهجي زندگي جي جنگ ھارائي ويا

24 ڪلاڪن ۾ 1558 نوان ڊينگي ڪيس:صحت کاتو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي صحت کاتي پوري صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت نئين رپورٽ جاري ڪري ڇڏي   آهي، جنهن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري صوبي ۾ ڊينگي جا 5742 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1558 پازيٽيو آيا آهن۔ رپورٽ مطابق ڪراچي ڊويزن ۾ 4010 ٽيسٽ ٿيا، جن مان 758 ڪيس سامهون آيا، جڏهن ⁠تہ حيدرآباد ڊويزن ۾ 1732 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ 800 ڪيس رپورٽ ٿيا۔ گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 81 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ⁠تہ خانگي اسپتالن ۾ 68 نوان مريض داخل ٿيا۔ انهيءَ عرصي دوران سرڪاري اسپتالن مان 58 ۽ نجي اسپتالن مان 25 مريض صحتياب ٿي گهر روانا ٿيا۔ گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 2 فوتگيون پڻ رپورٽ ٿيون، هن وقت صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 201 ۽ خانگي اسپتالن ۾ 180 مريض داخل آهن۔ ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ 251 بستر، حيدرآباد ۾ 116 ۽ اندرون سنڌ ۾ 528 بستر مخصوص ڪيا ويا آهن، جڏهن ⁠تہ پوري صوبي ۾ گڏيل طور تي 895 بستر ڊينگي جي مريضن لاءِ رکيا ويا آهن۔ خانگي اسپتالن ۾ ڪراچي لاءِ 132، حيدرآباد ۾ 161 ۽ اندرون سنڌ ۾ 36 بستر مخصوص آهن، يعني پوري صوبي ۾ خانگي سطح تي 329 بستر موجود آهن۔

جيڪب آباد ۾ ڊينگي جي صورتحال خطرناڪ ٿي سگهي ٿي:ڊاڪٽر اي جي انصاري

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) موجب پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) جيڪب آباد جي   ايڪس صدر ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته سنڌ جي ٻين شهرن جيان جيڪب آباد ۾ به ڊينگي وائرس جا ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن جنهن سبب عوام ۾ تشويش جي لهر پکڙيل آهي.ڊاڪٽر انصاري چيو آهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ صفائي جي خراب صورتحال، هر هنڌ گندو پاڻي ۽ ناقص نظام ڊينگي جي ڦهلاءُ جا وڏا سبب بڻيل آهي.هن چيو ته بخار ۽ جسم ۾ سور وارن مريضن جو انگ روز بروز وڌي رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي مريضن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.هن چيو ته جيڪڏهن انتظاميا ۽ صحت کاتي پاران فوري طور تي مڇر مار اسپري ۽ صفائي مهم شروع نه ڪئي وئي ته صورتحال خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي ٿي.

دادو ۾ ڊينگي:مڇرمار ڦوهاري جون هدايتون

دادو(رپورٽ غوث جھتيال)دادو ۾ ڊينگي وائرس ۽ ايڇ آءِ وي جي روڪٿام بابت اجلاس ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضیٰ علي  شاهه جي صدارت هيٺ اڄ سندس آفيس ۾ ايڇ آءِ وي جي صورتحال بابت اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي، ڊي ايڇ او دادو سيد امداد علي شاهه، صحت کاتي، پوليس، پي پي ايڇ آءِ، هيلٿ ڪيئر ڪميشن، بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي سنڌ، سڀني تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ميڊيڪل آفيسرن سميت لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا اجلاس ۾ ڊينگي ۽ مليريا کان بچاءَ لاءِ ضلعي جي سڀني اسپتالن ۾ ڊينگي وارڊ فعال رکڻ ۽ ميونسپل ۽ يونين ڪائونسل جي عملي سان گڏ اسپري مهم هلائڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر سميع الله وڳڻ چيو ته اسان وٽ ڊينگي جا 23 مريض آيا جن مان 22 مريض صحتياب ٿي گهر ھليا ويا آهن

ٽنڊي الهيار ۾ 5 ڄڻن کي ڊينگي، ڪنٽرول روم قائم

ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ڊينگي وائرس ٽنڊوالهيار ۾ به پهچي ويو. ڪيلي جي مشهور واپاري سميت 5 ماڻھن  کي ڊينگي وائرس هجڻ جي تصديق ٿي چڪي آھي. ڊي سي آفيس ۾ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آھي. خبر موجب ٽنڊوالهيار ۾ بہ ڊينگي وائرس جي ڪيسن ۾ لڳاتار واڌارو سامھون ٿي رهيو آهي. شهر ۾ ڪيلي جي مشهور واپاري نبيل ڪشميري، شهزاد، 50 ورھين جي رسول بخش، گلشن مھراڻ ڪالوني جي 15 ورھين جي شيراز حسين ۽ فياض ڪالوني جي 22 ورھين جي حزيفہ کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مان ڊينگي وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي. ٻي پاسي ٽنڊوالهيار ۾ ڊينگي وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ ظاھر بعد ضلعي انتظاميه طرفان ڊي سي آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. مقامي ڊاڪٽرن موجب ڊينگي وائرس تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.

حيدرآباد ۾ ڊينگي وبا ۽ ٻين مسئلن تي قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ بک هڙتال جو اعلان

قومي عوامي تحريڪ/بک هڙتال اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڊينگي وبا، غير قانوني افغانين، منشيات ۽ وڌندڙ ڏوهن خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران نسيم ننگر چوڪ قاسم آباد حيدرآباد ۾ اڄ 3 وڳي احتجاجي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي احتجاج  حيدرآباد ۾ وڌندڙ ڊينگي جي وبا تي ڪنٽرول نه ٿيڻ، غير قانوني افغانين کي واپس نه موڪلڻ، منشيات جي واڌ ۽ ڏوهن جي وڌندڙ لهر خلاف آھي.

سنڌ حڪومت ڪم ڪري پئي، عوام سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن تي اعتبار نه ڪري:سيڪريٽري صحت

ڪراچي(رپورٽر)سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڊينگي ٽيسٽ لاءِ 36 ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن، جن مان 13 سرڪاري ۽ 23 خانگي آهن۔ حيدرآباد ۾ 18 ليبارٽريون سرگرم آهن، جن مان 7 سرڪاري ۽ 11 خانگي شامل آهن۔ هلندڙ مهيني دوران پوري صوبي ۾ ڊينگي جا 2090 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن⁠ تہ سال 2025 ۾ ڪل ڪيسن جو انگ 2735 تائين پهچي ويو آهي۔ هلندڙ  مهيني ڪراچي ڊويزن ۾ 1005، حيدرآباد ڊويزن ۾ 938، ميرپورخاص ۾ 114، سکر ۾ 13، شهيد بينظيرآباد ۾ 14 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 6 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔ سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن۔ ڊينگي، مليريا ۽ سي بي سي ٽيسٽن جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ۽ نيون قيمتون لاڳو ٿي چڪيون آهن. مليريا ٽيسٽ جي قيمت 3000 رپين مان گهٽائي 600 رپيا، ڊينگي ٽيسٽ 3450 مان گهٽائي 1100 رپيا، ڊينگي ڪومبو ٽيسٽ 4150 جي بدران هاڻي 1500 رپيا، ۽ فالواپ سي بي سي 1250 مان گهٽائي 500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، عوام کي اپيل آهي ته ڪنهن به بنا تصديق خبر يا سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن تي اعتبار نه ڪن، سنڌ حڪومت پوري صوبي ۾ ڊينگي جي خاتمي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.