ڏهرڪي ۾ ايم پي اي جي پٽ جو پيرسن تي تشدد، بنگلي تي گهرائي ٺاهه ڪرايو ويو

ڏھرڪي (رپورٽ: اجيت ڪمار) ڏھرڪي ۾ رستي تي واڪ ڪرڻ دوران ايم پي اي سردار نادر اڪمل لغاري جي پٽ اڪمل لغاري پنھنجي ئي برادري جي پيرسن ظفر لغاري مٿان حملو ڪري کيس وحشياڻي تشدد جو  نشانو بڻايو. ذريعن موجب جھيڙي دوران ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي سان ٻکين پئجي ويون، جنھن دوران ٻنھي ڌرين هڪ ٻئي کي مارڪٽ ڪئي. واقعي بعد ظفر لغاري دانھن کڻي ميڊيا وٽ پھچي ويو جتي ھن دانھيو ته کيس اڪمل لغاري بنا ڪنھن سبب جي مون سميت منهنجي والدين کي گارگند ڪئي. مان کيس عزت سان پيش اچڻ جو چيو پر ھن ويتر ڪاوڙ ڪندي مون مٿان حملو ڪيو، منھن تي قنداق ھنيا ۽ پٺيءَ تي جھير ڏنا. ھن چيو ڏھرڪي پوليس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جوابدار بااثر هجڻ سبب حياتي کي خطرو آهي، آءِ جي سنڌ انصاف ۽ تحفظ ڏئي. ھوڏانھن مامرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايم پي اي نادر اڪمل لغاري برادري جي بااثرن معرفت ظفر لغاري جي چاچي محمد ابراھيم لغاري ۽ ٻين کي پنھنجي بنگلي تي گھرائي ڌرين جو ٺاهه ڪرائي مامرو لئي مٽي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ظفر لغاري جي چاچي حاجي ابراھيم چيو ته نادر اڪمل لغاري اسان جي برادري جي وڏو ۽ بابو آھي اسان کائنس معافي وٺي ڇڏي آھي. مظلوم ڌر پاران ايم پي اي کان معافي وٺڻ واري بيان جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ٻيھر سوشل ميڊيا تي نادر اڪمل لغاري ۽ سندس پٽ اڪمل لغاري خلاف ڇوهه ڇنڊيا ويا. ٻئي طرف تشدد جو شڪار ٿيل ظفر لغاري رابطو ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو ته مان ٺاهه کانپوءِ واقعي تي ڪجهه به ڳالھائڻ کان لاچار آھيان. بس منھنجي وڏڙن جيڪو ڪيو تنھن ۾ خوش آھيان. ڏھرڪي پوليس واقعي کان اڻ ڄاڻائي ظاھر ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.